يوٽوپيا

يوٽوپيا __(Utopia):
ڪيترن ئي فلاسافرن مختلف وقتن ۾ هڪ مثالي رياست جو نظريو ڏنو آهي. افلاطون مثالي جمهوريت (The Republic) جو تعارف ڏنو. سر ٿامس مور 1478-1535ع) يورپي رياست جو نظريو ڏنو. مطلب ته يوٽوپيا هڪ خيالي رياست جو تصور آهي. جيڪا ڪٿي به وجود نٿي رکي. پر اديب، شاعر ۽ فلاسافر پنهنجي تصور سان هڪ مثالي رياست جي قيام جو خاڪو ڏيندا آهن. ان تصوراتي رياست کي “يوٽوپيا” چيو ويندو آهي. سنڌي ادب ۾ اهڙو تصور قاضي فيض محمد جي ڪتاب ”ٻاويهه سؤ ٻاويهه“ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. [1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي