يوسف (اسلام)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
حضرت یوسف علیہ السلام
Joseph of Islam.png
پیدائش1786 ق م
حبرون ، فلسطين
وفات1906 ق م
ممفس ، مصر
سبب وفاتطبعي (روايت مطابق 120 سالن جي عمر ۾)
قبرمسجد خلیل، فلسطین
پيءُیعقوب علیه السلام
ماءُراحیلا
ٻوليعبراني
پیشوغلام ۽ پوء بادشاھ
بعثت وارو علائقومصر ۽ فلسطين
ھمعصر نبييعقوب عليه اسلام
آسماني ڪتابن ۾ ذڪربائيبل ۽ قرآن ۾ سورہ یوسف جي نالي سان
پیشرو نبييعقوب عليه السلام
جانشین نبيموسا عليه السلام


یوسف علیہ السلام(انگريزي: Joseph in lslam ) الله تعالي جو ھڪ نبي جنھن جو ذڪر قرآن م يوسف جي نالي سان ۽ بائيبل ۾ جوزف جي نالي سان آيو آھي. ان جي نالي سان قرآن جي ھڪ سورة پڻ آهي. ان جي قصي جو ذڪر قرآن جي ٻين سورتن : سورة الانعام ۽ سورة غافر ۾ آيو آھي. ھن نبي کي خوابن جي تعبير جو علم ھوندو ھو. اھو يعقوب عليہ السلام جو پٽ ۽ اسحاق عليہ السلام جو پوٽو ھيو.

خاندان[سنواريو]

حضرت يعقوب کي چئن زالن مان ٻارھن پٽ ھيا[1] جن مان ڏھ جن ۾ يھودا، لاوي، سندس زال لياہ ۽ ٻہ ٻين زالن مان ھئا ۽ باقي ٻہ جن ۾ يوسف ۽ بن يامين شامل ھيو[1] ٻي زال راحيلا مان ھئا. حضرت يعقوب جو گھر فلسطين ۾ موجوده الخيل وادي ۾ حبرون شھر ۾ ھيو جتي اسحاق عليہ السلام ۽ ابراهيم عليه السلام پڻ رھيا ھئا. يعقوب عليہ السلام کي ڪجھ زمين سڪم ( موجوده نابلس) ۾ ھئي[1]. بائيبل جي عالمن جي تحقيق مطابق يوسف عليہ السلام جي پيدائش 1906 ق م ۾ ٿي ھئي ۽ 1890 ق م جي لڳ ڀڳ کيس کوھ ۾ ڦٽي ڪرڻ وارو واقعو پيش آيو.

کوھ وارو واقعو[سنواريو]

اسلامي روايتن مطابق ان جي عمر جڏهن يارھن يا ٻارھن سال يا سترھن سال[1] ھئي تہ ان جي نبوت جا آثار ھڪ خواب ذريعي واضع ٿيڻ لڳا جنھن ھن سج ، چنڊ ۽ ڏھ ستارن کي پنھنجي آڏو سجدو ڪندي ڏٺو ھو. سندس والد کيس اھو خواب ڪنھن کي بہ ٻڌائڻ کان منع ڪئي ھئي. روايتن مطابق سندس ماٽيلي ماء لياہ اھو خواب ٻڌي پنھنجي سڳي پٽ يھودہ کي ٻڌايو. ويڳي ڀائرن کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاھيو ۽ کيس پيءُ کان اجازت وٺي شڪار تي وٺي ويا ۽ ھڪ کوھ لڳ مٿس حملو ڪري ڌڪ ھڻي کوه ۾ ڦٽي ڪري ان جي ڪپڙن کي جانور جي رت لڳائي پيءُ کي ٻڌايو تہ کيس بگھڙ کائي ويو. قرآن م سورة يوسف م ان جو ذڪر ھيئن ٿيل آهي:

جڏھن (پاڻ ۾) چيائون تہ بيشڪ يُوسف ۽ سندس (سڳو) ڀاءُ (بنيامين) اسان جي پيءُ وٽ اسان کان وڌيڪ پيارا آھن جيتوڻيڪ اسين (گھڻا ڄڻا) وڏو جٿو آھيون بيشڪ اسان جو پيءُ پڌري ڀُل ۾ آھي * (ھاڻي گھرجي تہ) يُوسف کي ڪُھو يا کيس ڪنھن ملڪ ۾ ڦٽي ڪري اچو تہ اوھان جي پيءُ جي توجھ رڳو اوھان لاءِ ٿئي ۽ اُن (ڪم) کان پوءِ اوھين سڌريل ٿجو * منجھانئن (ھڪ) چوندڙ چيو تہ يُوسف کي نہ ماريو ۽ جيڪڏھن (ڪجھ) ڪندڙ آھيو تہ کوھ جي تري ۾ (کڻي) اُڇلايوس تہ ڪو واٽھڙو کيس ڪڍي ويندو

— سورة يوسف: 8, 9, 10

پوءِ جنھن مھل کيس نيائون (تنھن مھل) ھن کي کوھ جي تري ۾ اُڇلڻ تي اتفاق ڪيائون، ۽ اسان ان ڏانھن وحي ڪيوسون تہ سندن ھن واقعي جي کين ضرور خبر ڏيندين ۽ اُھي (تو کي) نہ ڄاڻندا

— سورہ يوسف: 15


مولانا ابوالڪلام آزاد مطابق سترهن سالن کان گهٽ عمر جو هڪ نوجوان، پيءُ جي آغوشِ محبت کان زوري جدا ڪيو وڃي ٿو[2]. بائيبل ۽ تلمود جي روايتن مطابق اھو کوھ سڪم جي اتر ۾ دوتن ( موجوده دثان) واري مقام تي واقع ھيو[1]. جنھن قافلي وارن کيس کوھ مان ڪڍيو جلعاد (موجوده اوڀر اردن) کان نڪتل ھيو ۽ مصر طرف وڃي رھيو ھو[1]. جلعاد جا کنڊر ھن وقت درياء اردن جي اوڀر ۾ اليابس واري وادي ۾ موجود آهن[1].

غلامي[سنواريو]

مصر ۾ ان وقت پندرھين خاندان جي حڪومت ھئي جنھن خاندان جا بادشاھ مصر جي تاريخ م ڌنار بادشاھ (Hyksos Kings) سڏبا ھئا. آھي بادشاھ عرب نسل وارا ھئا، اھي 2000 ق م جي لڳ ڀڳ فلسطين ۽ شام مان مصر ۾ اچي قابض ٿيا ھئا[1]. عرب مؤرخن ۽ قرآن جي مفسرن انھن کي عماليق جي نالي سان سڏيو آهي[1]. جلعاد واري قافلي جي ماڻھن کيس کوھ مان پاڻي ڀريندي برآمد ڪيو ۽ ان کي غلام بڻائي مصر کڻي آيا ۽ بازار ۾ کيس وڪيو. مصر جي عزيز کيس خريد ڪري پنھنجي گھر آندو. مولانا ابوالڪلام آزاد لکي ٿو تہ: . هن، غلام جي حيثيت سان هن کي خريد ڪيو هو ۽ مصر جا آثار ٻڌائين ٿا ته مصرين جو غلام سان ڪهڙو رويو هوندو هو. اُهي غلامن لاءِ ايترائي سنگدل هئا، جيتريون دنيا جون ٻيون قومون رهيون آهن. تنهن هوندي به هن ٿوري وقت ۾ پنهنجي حسن ۽ ڪردار سان ان جي دل کٽي ورتي ۽ غلاميءَ جي جاءِ تي مالڪي ڪرڻ لڳو[2]:

”هن پنهنجي گهر واريءَ کي چيو ته هن کي سٺي نموني رکجانءِ، عجب ناهي ته هي اسان کي فائدو ڏي يا اسين هن کي پٽ بڻايون.“

— سورة يوسف:21

عزيز جو نالو بائيبل ۾ فوطيفار لکيل آهي[1]. بائيبل ۽ تلمود مطابق اھو شاھي محافظن جو افسر ھيو. ابن جرير عبدالله بن عباس جي روايت نقل ڪندي لکيو آهي ته عزيز شاھي خزاني جو افسر ھيو[1].

بي گناھ گرفتاري ، قيد ۽ آزادي[سنواريو]

يوسف عليہ السلام 17 يا 18 سالن جي عمر ۾ مصر آندو ويو ۽ وڪري بعد ٻہ يا ٽي سال کن عزيز مصر جي گھر رھيو[1]. عزيز جي زال جو نالو زليخا ھيو جيڪا ھن جي سونھن تي موھجي پئي. قرآن م زليخا نالي جو ذڪر ڪانھي ۽ اھو نالو اصل ۾ تلمود م لکيل آهي ۽ مسلمانن جي روايتن ۾ پڻ مشھور ٿيو[1]. قرآن ۾ ڏنل قصي ۽ ان جي تفسير ۾ بيان ڪيل روايتن مطابق زليخا مڙس جي غير موجودگيءَ ۾ ريجھائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ عزيز جي گهر واري جي دعوتِ عيش جي جواب ۾ چيائين تہ:[3] تنهنجو مڙس منهنجو مالڪ آهي، هن مون تي اعتماد ڪيو، عزت ۽ احترام سان پيش آيو، پوءِ ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ان جي احساسن جو بدلو اهو ڏيان جو ان جي امانت ۾ خيانت ڪرڻ لڳان! ان بعد جڏهن زليخا ھن سان زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ھي بچڻ خاطر ڀڳو پر زليخا ان جي ڪڍ رھي. جڏھن ڀڄندي ٻاھريون دروازو کوليو تہ عزيز اتي موجود ھيو. زليخا الٽو مٿس الزام ھنيو پر يوسف ترديد ڪندي زليخا تي الزام لڳايو. عزيز مصر کيس زليخا واري الزام تي گرفتار ڪرايو. اھڙي طرح ھن کي بيگناه ھوندي قيد م رھڻو پيو. قرآن ۾ ان واقعي جو ذڪر ھيٺين طرح ڪيو ويو:

۽ ٻئي دروازي ڏانھن ڊوڙيا ۽ مائيءَ ان (يُوسف) جو پھراڻ پٺيءَ کان (ڇڪ ڏيندي) ڦاڙي وڌو ۽ سندس مڙس کي دروازي وٽ مليا، (زليخا) چوڻ لڳي تہ جيڪو تنھنجي گھر واريءَ سان مدائي ڪرڻ جو ارادو ڪري تنھن جي سزا قيد ڪرڻ يا ڏکوئيندڙ عذاب کانسواءِ (ٻي ڪا) نہ آھي * (يُوسف) چيو تہ اھا پاڻ مون کي منھنجي نفس کان راڻي رھي ھئي، ۽ سندس گھر جي ڀاتين مان ھڪ شاھد شاھدي ڏني، تہ جيڪڏھن ھن جو پھراڻ اڳ کان ڦاڙيو ويو آھي تہ (زليخا) سچي آھي ۽ اُھو ڪوڙن مان آھي * ۽ جيڪڏھن سندس پھراڻ پٺيءَ کان ڦاڙيو ويو آھي تہ (زليخا) ڪوڙي ۽ اُھو سچن مان آھي* جنھن مھل (عزيز) پھراڻ پٺيءَ کان ڦاٽل ڏٺو (تنھن مھل) چيائين تہ اھو (چوڻ) اوھان (رنن) جي مڪرن مان آھي، ڇو تہ اوھان جو مڪر وڏو آھي

— سورة يوسف:25، 26, 27, 28

قميص ڦاٽڻ متعلق خاندان جي فرد جي شھادت جو ذڪر قرآن ڪيو آهي پر يھودين جي روايتن ۾ وري کير پياڪ ٻار جي شھادت جو ذڪر آيل آهي[1][4]. بائيبل ۾ اھو قصو ھيٺين طرح بيان ڪيو ويو آهي:

تڏھن ان عورت سندس ڪڙتي کي پڪڙي چيو تہ مون سان ھمبستري ڪر. اھو پنھنجو ڪڙتو ان جي ھٿ ۾ ڇڏي ڀڳو ۽ ٻاھر نڪري آيو....ان گھر جي ماڻھن کي سڏي چيو تہ... ..ھي مونسان ھمبستري ڪرڻ لاء اندر گھري آيو ۽ مان وڏي آواز رڙيون شروع ڪيون ۽ جڏهن ھن ڏٺو تہ مان رڙيون شروع ڪيون آھن تہ پنھنجو ڪڙتو ڇڏي ڀڳو ۽ ٻاھر نڪري ويو ۽ مان ان جو ڪڙتو آقا جي اچڻ تائين پاڻ وٽ رکي ڇڏيو ... جڏھن ان جي آقا پنھنجي زال جون اھي ڳالھيون ٻڌيون جيڪي ان ساڻس ڪيون تہ تنھنجي غلام مونسان ھيئن ھيئن ڪيو تہ ان کي سخت ڪاوڙ آئي ۽ يوسف جي آقا کيس قيد خاني م بند ڪري ڇڏيو جتي بادشاهه جا قيدي بند ڪيل ھيا.

— بائيبل، پيدائش 39: 12 کان 20

تلمود مطابق جڏھن فوطيفار زال جي شڪايت ٻڌي تہ ان يوسف کي ڏاڍو ڪٽرايو ۽ پوء ان خلاف عدالت ۾ دانھن ڪئي ۽ قميص کي ڏسي ڪري فيصلو ڏنو تہ قصور عورت جو ھيو[1]. باوجود بي گناھ ھجڻ جي ان کي قيد م بيگناه بند ڪيو ويو. مولانا ابوالاعلي مودودي مطابق ڪنھن بہ شخص کي انصاف جي شرطن تي مجرم ثابت ڪرڻ کان بغير پڪڙي جيل م موڪلڻ بي ايمان حاڪمن جي پراڻي سنت آھي[1]. قرآن مطابق ساڻس گڏ ٻہ ٻيا غلام پڻ قيد خاني م داخل ٿيا. ھڪ ڏينھن انھن مان ھڪ يوسف عليہ السلام کي چيو تہ ته مان خواب ۾ ڏٺو آھي تہ مان شراب ٺاھي رھيو آھيان. ٻئي چيو تہ خواب ۾ منھنجي مٿي تي مانيون رکيل آھن ۽ پکي انھن کي کائي رھيا آھن. ٻنھي يوسف کان ان جو تعبير پڇيو. يوسف پھرين کي چيو تہ تون پنھنجي بادشاھ کي شراب پياريندين ۽ ٻئين کي چيو تہ توکي ڦاھي ڏني ويندي ۽ پکي تنھنجي مٿي کي پٽي کائيندا. بائيبل مطابق انھن ٻنھي شخصن ۾ ھڪ شاھ مصر جي ساقين جو نگران ھيو ۽ ٻيو بادشاه جي نانوائين جو نگران ھيو ۽ ٻئي ڪم ۾ ڪوتاهي جي ڪري جيل ۾ وڌا ويا ھيا[1]. انھن مان پھريون بچي پنھجي ساڳي نوڪري تي بحال ٿيو باقي ٻيو ڦاھي چڙھيو. قرآن مطابق ھڪ دفعي بادشاھ خواب ڏٺو تہ ستن ٿلھين ڳئن کي ست ڏٻريون ڳئون کائي رھيون آھن ۽ اناج جون ست وليون سايون آھن ۽ ست وليون سڪيون آھن. بادشاھ اھو خواب درٻارين آڏو رکيو پر اھي ان جو تعبير ٻڌائڻ کان قاصر ھيا. بادشاھ جي ساقيخاني جي نگران کي جيل م يوسف عليہ السلام جي خوابن جي تعبير واري ڳالھ ياد اچي وئي. ان تعبير جي حامي ڀري يوسف عليہ السلام وٽ قيد م ملاقات جي گھر ڪئي. يوسف عليہ السلام کيس تعبير ٻڌايو ته ست سال توھان کيتي ڪندا رھندؤ ۽ جڏهن فصل ڪٽيو تہ ٿورو حصو کائڻ لاء ڪڍي باقي محفوظ ڪري رکو ۽ پوء ست سال سختي وارا ايندا ۽ ان وقت توھان کي اھو ان ڪم ايندو ء پوء ھڪ سال رحمت جي برسات پوندي. جڏھن بادشاھ کي تعبير ٻڌايو ويو تہ ان کيس پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. يوسف عليہ السلام شاھي ڪارندي کي ان پيغام سان واپس ڪيو تہ پھرين انھن عورتن جي معاملي جي خبر وٺي جن جا ھٿ ڪپيا ھيا. اھو واقعو اڳ پيش آيل ھيو جنھن م زليخا جي بدنامي ٿيڻ تي مصري عورتن ڳالھيون ڪرڻ شروع ڪيون تہ ان کين گھراڻي ھٿن م صوف ۽ ڇريون ڏئي صوف ڪٽڻ لاء چئي يوسف کي گھرايو جنھن کي ڏسڻ وقت انھن جا ھٿ ڪپجي پيا ھيا. بادشاھ جڏھن انھن کي گھرائي پڇا ڪئي تہ انھن چيو تہ يوسف م بدي جو شڪ بہ نہ ٿو ڪري سگھجي. زليخا خود ان جي بيگناھي جي شاھدي ڏني. مولانا ابوالڪلام آزاد لکي ٿو ته: اهو حضرت يوسف عه جو ڪردار هو جيڪو هر حال ۾ اڏول رهيو. خود عزيز جي گهر واريءَ جي لفظن جو قرآن ۾ ھيٺين طرح ذڪر ڪيو ويو آهي[2]:

”بيشڪ، مان هن کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر هي بچي نڪتو.“

— سورة يوسف: 32

قرآن ۾ ۽ اسرائيلي تاريخ ۾ يوسف عليہ السلام جي زليخا سان نڪاح جو ذڪر نہ ٿو ملي[1]

قيدخاني جو آفيسر يوسف عليہ السلام جو معتقد ٿي ويو هو ۽ قيدخاني ۾ حضرت يوسف جو اثر رسوخ قائم ٿي چڪو هو[2]. ھن قيد ۽ عيش واري گناھ مان قيد کي چونڊيو ھو. قيد م دين جي تبليغ جاري رکي. جيئن ئي کيس معلوم ٿيو ته انهن ماڻهن مان هڪ بادشاهه جي ساقين جو سردار آهي ۽ وري ساڳي عهدي تي ڪم ڪرڻ وارو آهي ۽ هر وقت بادشاهه جي خدمت ۾ رهڻ وارو آهي، ڪيترو نه سٺو ٿيندو جو حق جي دعوت بادشاهه جي ڪنن تائين پهچائي ڇڏجي. اهڙي طرح تعبير بيان ڪرڻ بعد فرمايائون [2] :

”جڏهن پنهنجي آقا وٽ وڃين ته مون کي ياد ڪجانءِ. يعني منهنجي هيءَ تعليم ۽ دعوت حق ياد رکجانءِ ۽ پنهنجي آقا سان موقعو وٺي ان جو ذڪر ڪجانءِ. ممڪن آهي ته حق جي پيغام کي قبول ڪري وٺي.“

— (يوسف-42)

عام طور تي حضرت يوسف جي انهيءَ قول جو اهو مطلب ورتو وڃي ٿو ته اهو هن پنهنجي آزاديءَ لاءِ چيو هو يعني پنهنجي آقا وٽ منهنجي سفارش ڪجانءِ. پر جنهن موقعي تي اها ڳالهه ڪئي ويئي آهي تنهن مان ان جي تائد نٿي ٿئي[2]. مولانا ابوالڪلام آزاد لکي ٿو ته:هن جي ڪردار جي فضيلت جو ڪهڙو نه عجيب منظر سامهون اچي ٿو ته جڏهن مصر جو بادشاهه خواب ڏسي ٿو ۽ ساقين جو سردار اهو معاملو کڻي اچي هن کي ٻڌائي ٿو. دنيا جو هر ماڻهو اهڙي موقعي تي ڇا ڪري ٿو؟ دنيا جو هر اهڙو قيدي ڇا ڪندو جنهن کي بغير ڪنهن ڏوهه ۽ گناهه جي قيد ڪيو ويو هجي ۽ سالن تائين بغير ڪنهن مدد جي قيد هجي؟ يقيناً اهڙي موقعي کي غيبي مدد سمجهي ان مان فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ چوندو ته مان اها مشڪل حل ڪري سگهان ٿو. مون کي قيد کان نڪرڻ ۽ بادشاهه جي حضور ۾ پيش ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي پر اسين ڏسون ٿا ته حضرت يوسف عليه السلام جي طرفان اهڙي ڪا به خواهش ظاهر نٿي ٿئي. پاڻ خواب ٻڌندي ئي ان جي تعبير بيان ڪري ڇڏيائون. ذري برابر به خيال نٿو ٿيئس ته پنهنجي مطلب لاءِ اها قيمتي ڳالهه ٿوري دير لاءِ روڪي ڇڏي. پوءِ نه صرف ايترو جو جيڪا ڳالهه پڇي ويئي هئي اها ئي ٻڌايائون پر ان کان به زياده علم جي بخشش مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيائون؛ يعني خواب ۾ ايندڙ تباهيءَ جي خبر ڏني ويئي هئي. پاڻ تعبير سان گڏ اهو به ٻڌائي ڇڏيائون ته ان تباهي ۽ مصيبت کان بچڻ جو ڪهڙو رستو آهي. سوال بادشاهه جي طرف کان هو پر جنهن جواب ڏنو اهو قيدخاني جي ڪوٺڙيءَ ۾ هوندي پنهنجي علم جي بخشش ۾ بادشاهن کان به وڌيڪ سخي هو[2]. يوسف عليہ السلام 8 يا 9 سال قيد ۾ گذاريا[1]. قرآن مطابق بادشاھ جڏھن کيس گھرايو تہ کيس منصب ڏين جي آڇ ڪئي ۽ يوسف عليہ السلام ملڪ جي خزاني جي نگراني واري منصب کي قبول ڪيو.

بادشاھي[سنواريو]

يوسف عليہ السلام عماليق بادشاهن جي دؤر م مصر جو حاڪم ٿيو ۽ سندس دؤر م بني اسرائيلي مصر ۾ اچي زرخيز علائقن ۾ آباد ٿيا ۽ کين مصرين تي اثر رسوخ مليو[1]. اھي پندرھين صدي قبل مسيح تائين مصر تي قابض رهيا جنھن بعد مصرين م قومپرست تحريڪ اڀري ۽ ھڪسوس يا ڌنار بادشاھن جي اقتدار جو خاتمو آيو[1]. اڍائي لک عمالقن (غير مصري ماڻھو) کي ملڪ مان نيڪالي ڏني وئي ۽ غير مصرين تي ظلم شروع ڪيو ويو[1]. انھن ڌنار بادشاھن پنھنجي دؤر م مصري ديوتائن کي تسليم نہ ڪيو ھو بلڪه شام وارن ديوتائن کي پاڻ سان گڏ کڻي آيا ھئا ۽ مصر م اھو شام وارو مذھب رائج ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ھيون[1]. موجوده مؤرخن جي عام راء مطابق يوسف عليہ السلام جي آمد وقت آپوفيس (Apophis) مصر جو بادشاھ ھيو. ان وقت مصر جو گاديءَ جو هنڌ ممفس ( منف) شھر ھيو[1]. يوسف عليہ السلام 30 سالن جي عمر م مصر جو بادشاھ ٿيو ۽ 80 سالن تائين مصر تي حڪومت ڪئي[1]. پنھنجي حڪومت جي نائين يا ڏھين سال دوران ھن پنھنجي پيءُ ۽ سموري خاندان کي مصر منتقل ڪيو ۽ کين دمياط ۽ قاھرہ جي وچ واري علائقي ۾ آباد ڪرايو. بائيبل م ان علائقي جو نالو جشن يا گوشن لکيو ويو آهي. موسا عليه السلام جي دور تائين اھي ان علائقي ۾ رھيا[1].

وفات[سنواريو]

بائيبل مطابق يوسف عليہ السلام جي عمر 110 سال ھئي ۽ مرڻ وقت ان وصيت ڪئي ھئي تہ جڏھن ملڪ مان نڪرو تہ منھنجون ھڏيون بہ گڏ کڻي وڃجو[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 1.16 1.17 1.18 1.19 1.20 1.21 1.22 1.23 1.24 1.25 1.26 ڪتاب: تفھيم القرآن؛ جلد: دوم؛ سيد ابوالاعلي مودودي؛پبلشرز:ادارہ ترجمان القرآن،لاھور،؛ايڊيشن 2003؛صہ 381,382-
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 ڪتاب جو نالو: صدين جون صدائون (انساني سعادتن ۽ ان جي داخلي ۽ خارجي زندگيءَ جي حسناڪين جو ڏاهپ حڪمت ۽ اسلامي فڪر جي روشنيءَ ۾ مطالعو) ليکڪ: امام الهند مولانا ابوالڪلام آزاد سنڌيڪار: عبدالرزاق ڊکڻ ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ڊجيٽل ايڊيشن : 2020ع سنڌ سلامت ڪتاب گهر books.sindhsalamat.com-
  3. (منهنجي مالڪ ته مون کي سٺي منزلت بخشي - القرآن، سورة يوسف :23)
  4. اقتسابات تلمود، از: پال اسحاق ھرشون، لنڊن، 1880 صہ 256