يورپ ۾ اسلام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
يورپ ۾ اسلام
ملڪن جي آبادي جي حساب سان شرح[1]
  90–100%
  70–80%
قزاخستان
  50–70%
  30–50%
اتر مقدونيه
  10–20%
  5–10%
  4–5%
  2–4%
  1–2%
  < 1%

يورپ ۾ اسلام(انگريزي: Islam in Europe )يورپ ۾ اسلام جي آمد 711ع ۾ مسلمانن جي بربر فوج جي گوٿن کي شڪست ڏئي آئبيرين اپٻيٽ (موجوده اسپين ۽ پورچوگال) جي فتح ڪرڻ سان ٿي[2]. مسلمانن ان فتح بعد گال (موجوده فرانس) ۾ داخل ٿي پر کين 732ع ۾ پواتييي (Poitiers) ۾ شڪست ملي[2]. مسلمان خاندانن لاڳيتو سسلي، مالٽا ۽ سسلي جي شھر سرقوس (Syracuse) تي نارمن جي 1090 يا 1091 تائين حڪومت ڪئي[2]. اسلامي حڪومت سڀ کان گھڻو آئبيريا ۾ ھلي ۽ خلافت بنو اميه ((912–1031)) جي دؤر ۾ عروج تي پھتي ۽ ان جو خاتمو گريناڊا جي ھار (1492) ۾ ٿيو جنھن سان فلپ ٽئين مور نسل جي مسلمانن کي ڌوڪي اسپين مان ٻاھر ڪڍيو ۽ جيڪي مسلمان باقي اتي بچيا انھن کي 1609 کان 1614 تائين زبردستي بپتسما ڏيارائي عيسائي ڪرائي ڇڏيو[2]. اوڀر يورپ واري پاسي کان اناطولي ترڪن تيرھين صدي عيسويءَ ۾ بلقان تي حملو ڪري قبضي ۾ آندو ۽ اسلام خلافت عثمانيه جي يورپ ۾ فتحن سان گڏ ڦھلجڻ شروع ٿيو[2]. عثماني ترڪن 1453ع ۾ بازنطيني ايمپائر جي گاديءَ جو هنڌ قسطنطنيه فتح ڪري ورتو[2]. پندرھين کان سترھين صدي عيسويءَ تائين پولينڊ، لٿونيا، ھنگري ۽ بڊاسپٽ مسلمانن جي حڪومت ھيٺ رھيا[2]. ويھين صديءَ جي شروعات ۾ خلافت عثمانيه جي شڪست، ٻن عظيم جنگن، يوگوسلاويه جي ٽٽڻ، ۽ بلقان وارين جنگن پولينڊ ۽ ھنگري ۾ مسلم آبادي کي ختم ڪري ڇڏيو پر بلقان وارن علائقن م مسلمانن جي چڱي آبادي بچي وئي[2]. اولھ يورپ ۾ اسلام 1950 واري ڏھاڪي کان ڏکڻ ايشيا، آفريڪا ۽ وچ اوڀر مان مسلمانن جي برطانيا، فرانس، جرمني، نيدرلينڊز، اٽلي، اسپين، منتقلي ۽ مقامي آبادي جي مذھب جي تبديلي سان وڌڻ شروع ٿيو[2]. اندلس جي گادي جي هنڌ قرطبه (Cordoba) يورپ جي وچولي دؤر ۾ سڀ کان وڏو ۽ امير ترين شھر ھوندو ھو. ان ۾ سرن جي فرش واريون فانوسن واريون گھٽيون ھيون، اتي پاڻي جو بندوبست، ڪپڙي جا ڪارخانا، ڪاغذ ۽ شيشي جون فيڪٽريون، عوامي حمام، کوڙ لائبريريون مفت اسڪول پڻ ھيا. بغداد ۽ قاھرہ وانگر ھتي بہ ھڪ وڏي مرڪزي مسجد واقع ھئي جنھن ۾ يورپ جي پھرين يونيورسٽي قائم ٿي[2]. اندلس ۾ مسلمان حاڪمن فنڪارن، فلسفين ۽ سائنسدانن جي وڏي سرپرستي ڪئي. مسلمانن علم رياضي، فلسفي، طب، علم نباتات، فلڪيات زراعت جي علمن ۾ جدت آندي[2]. انھن عيسائي يورپ مان وڃائجي ويل يوناني فلسفي ۽ سائنس جي لکڻين کي ٻيھر ھٿ ڪيو[2]. مسلمانن ھائڊرالڪ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري روايتي ميڊيٽرينين زراعت ۾ انقلاب برپا ڪيو[2]. لاطيني يورپ ۾ عرب اسلامي ثقافتي ۽ فڪري ورثو وڏي اھميت وارو ھيو. ڪيترائي عربي ٻولي جا لفظ اسپيني ٻولي ۾ شامل ٿي ويا[2]. 2008 جي آدمشماري مطابق يورپ جي ڪل آبادي جو 6 سيڪڙو مسلمان آھن .يورپ جي ڪل مسلمان آبادي 4,40,00,000 آھي[2]. البانيا جي 70 سيڪڙو آبادي ۽ بوسنيا ۽ ھرزگوينه جي 40 سيڪڙو آبادي مسلمان آهي. فرانس ۾ 50 لک ۽ جرمني ۾ 20 لک، برطانيا ۾ 15 لک مسلمان رھن ٿا[2].

حوالا[سنواريو]

  1. "Religious Composition by Country, 2010-2050". Pew Research Center. حاصل ڪيل 22 October 2017. 
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 217,218,219,220,