ویب برائوزر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
2017ع ۾ وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ويب برائوزر

ویب برائوزر يا صرف برائوزر (انگريزي ٻولي: Web Browser)، هڪ سافٽويئر آهي، جنهن جي مدد سان عالمگير ويب مان ڄاڻ يا گھربل مواد کي حاصل ڪيو ويندو آهي. هر ويب صفحو، تصويرون، وڊيو مخلتف يونيفارم ريسورس لوڪيٽرس جي مدد سان ڳنڍيل آهن، جڏهن برائوزر ۾ گھربل يو. آر. ايل. لڳائبو ته اها مطلوبه ڄاڻ واپرائيندڙ جي ڪمپيوٽر يا موبائيل تي ڏيکاريندو آهي.

ياد رکو، ويب برائوزر ڳولا انجڻ ناهن، پر ان کان مختلف آهن،[1] هڪ واپرائيندڙ لاءِ ڳولا انجڻ صرف هڪ ويبسائيٽ ئي هوندي آهي، جيئن گوگل ڳولا انجڻ، جيڪا ٻين وابسائيٽن جي متعلق ڄاڻ گڏ ڪندي آهي. گوگل ڳولا انجڻ يا ڪنهن ٻي ويبسائيٽ واري ڄاڻ ڏسڻ لاءِ جنهن اوزار جو استعمال ٿيندو آهي ان کي برائوزر چيو ويندو آهي.[2]

مشهور ويب برائوزر ۾ ڪيروم، فائرفاڪس، سفاري، انٽرنيٽ ايڪسپلورر ۽ ايج شامل آهن.

مارڪيٽ ۾ حصو[سنواريو]

برائوزر جي استعمال جا انگ اکر
گوگل ڪيروم
  
63.98%
موزيلا فائرفاڪس
  
13.6%
انٽرنيٽ ايڪسپلورر
  
8.21%
سفاري
  
5.46%
مائڪروسافٽ ايج
  
4.3%
ٻيا
  
4.46%
اسٽاٽڪائونٽر مطابق ڊيسڪٽاپ ۾ ويب برائوزر جي استعمال جا انگ اکر (سيپٽمبر 2017).[3]

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

See also[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "What is a Browser?". Google (on YouTube). Less than 8% of people who were interviewed on this day knew what a browser was. 
  2. "Difference Between Search Engine and Browser". 
  3. "Desktop Browser Market Share Worldwide". StatCounter. وقت July 12, 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل.