ويب ڳولا انجڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ڳولا انجڻ کان چوريل)
هڪ ويب ڳولا انجڻ ۾ ”چنڊ گرهڻ” جي تصويرن بابت ڳولا ۽ ان جا نتيجا

ويب ڳولا انجڻ هڪ سافٽويئر سسٽم آهي، جيڪو عالمگير ويب مان ڄاڻ جي ڳولا لاءِ جوڙيو ويو آهي. ڳولا جا نتيجا عمومي طور قطار ۾ ڏيکاريا وڃن ٿا، جن کي ڳولا انجڻ نتيجن وارو صفحا چيو ويندو آهي. ڳولا انجڻ پاران ڳوليل نتيجن ۾ ويب صفحا، تصويرون ۽ ٻين قسمن جا فائيل شامل هوندا آهن. ڪجهه ڳولا انجڻ ميسر سرنامن جي ڪتاب مان پڻ ڄاڻ ڳولي ڏيندا آهن. ويب سرنامن جو ڪتاب جنهن ۾ ڄاڻ کي ماڻهو شامل ڪندا آهن، پر ويب ڳولا انجڻ الخوارزمي (انگريزي: Algorithm) جي مدد سان عالمگير ويب مان ڄاڻ تلاش ڪندا آهن. انٽرنيٽ ۾ اها ڄاڻ جن تائين ڳولا انجڻ کي پهچ حاصل نه هجي ان کي اونهو ويب (انگريزي: Deep Web) چيو ويندو آهي. 

تاريخ[سنواريو]

ٽائيم لائين (مڪمل فهرست)
سال ڳولا انجڻ موجوده حيثيت
1993 ڊبليو3ڪيٽالاگ غيرفعال
علي ويب غيرفعال
جمپ اسٽيشن غيرفعال
ڊبليو ڊبليو ڊبليو وارم غيرفعال
1994 ويب ڪرولر فعال, مواد جمع ڪندڙ
گو.ڪام غيرفعال, ڊزني ڏانهن موڙيو وڃي ٿو
لائڪوس فعال
انفوسيڪ غيرفعال, ڊزني ڏانهن موڙيو وڃي ٿو
1995 ڊائم فعال
ميگيلن غيرفعال
ايڪسائيٽ فعال
ساپو فعال
ياهو! فعال, سرنامن جي ڪتاب طور شروع ڪيو ويو.
الٽاوسٽا غيرفعال, 2013ع ۾ ياهو! خريد ڪيو، هاڻ هن کي ياهو ڏانهن موڙيو ويندو آهي!
1996 ڊاگ پيلي فعال, مواد جمع ڪندڙ
انڪ ٽومي غيرفعال, ياهو! خريد ڪيو.
هوٽ بوٽ فعال (lycos.com)
آسڪ جيويس فعال (نالو ask.com ۾ تبديل ڪيو ويو)
1997 Northern Light غيرفعال
ينڊيڪس فعال
1998 گوگل فعال
Ixquick فعال also as Startpage
MSN Search فعال بنگ ۾ تبديل ڪيو ويو.
empas غيرفعال (merged with NATE)
1999 AlltheWeb غيرفعال (URL redirected to Yahoo!)
GenieKnows فعال, rebranded Yellowee.com
Naver فعال
Teoma غيرفعال, آسڪ.ڪام ڏانهن موڙيو وڃي ٿو.
Vivisimo غيرفعال
2000 Baidu فعال
Exalead فعال
Gigablast فعال
2001 Kartoo غيرفعال
2003 Info.com فعال
Scroogle غيرفعال
2004 Yahoo! Search فعال, Launched own web search
(see Yahoo! Directory, 1995)
A9.com غيرفعال
Sogou فعال
2005 AOL Search فعال
SearchMe غيرفعال
2006 Soso غيرفعال, redirects to Sogou
Quaero غيرفعال
Search.com فعال
ChaCha غيرفعال
Ask.com فعال
Live Search فعال بنگ جي نالي ۾ تبديل ڪيو ويو.
2007 wikiseek غيرفعال
Sproose غيرفعال
Wikia Search غيرفعال
Blackle.com فعال, گوگل ڳولا
2008 Powerset غيرفعال (بنگ ڏانهن موڙيو وڃي ٿو)
Picollator غيرفعال
Viewzi غيرفعال
Boogami غيرفعال
ليپ فش غيرفعال
Forestle غيرفعال (redirects to Ecosia)
ڊڪ ڊڪ گو فعال
2009 بنگ فعال, Launched as
rebranded Live Search
Yebol غيرفعال
Mugurdy غيرفعال due to a lack of funding
Scout (Goby) فعال
NATE فعال
Ecosia فعال
2010 Blekko غيرفعال, sold to IBM
Cuil غيرفعال
Yandex (English) فعال
2011 YaCy فعال, P2P web search engine
2012 Volunia غيرفعال
2013 Qwant فعال
Infoseek غيرفعال, ڊزني ڏانهن موڙيو وڃي ٿو.
2014 Egerin فعال, Kurdish / Sorani search engine
2015 Cliqz فعال, Browser integrated search engine
2016 Search Encrypt فعال
2016 Pricesearcher فعال

انٽرنيٽ اندر ڳولا انجڻ جو بنياد 1990 ڌاري پيو. ڪير آهي (انگريزي: Whois) ۾ واپرائيندڙ جي ڳولا جي شروعات 1982ع ۾ ٿي[1] ۽ نونبوٽ انفارميشن سروس (انگريزي: Knowbot information Service) جي شروعات 1989ع ۾ ٿي.[2] پهريون قلمبند ڪيل ڳولا انجڻ 10 سيپٽمبر 1990ع ۾ شروع ٿي جنهن جي زريعي فائيل وغيره ڳولي سگھبا هئا.[3] 1993ع کان اڳ سڄي عالمگير ويب جي ديٽا هٿن سان محفوظ ڪئي ويندي هئي. ان وقت ٽم بيرنيرسلي ڪيترائي ويب سرور جوڙيا جيڪي سرن جي ويب سرور ميزباني ۾ هئا.[4] پهريون اوزار جيڪو عالمگير ويب ۾ ڄاڻ کي ماڻهن جي مدد کان بغير ڳولڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو ان کي آرڪي (انگريزي: Archie) چيو ويو.[5] آرڪي، آرڪائيو (انگريزي: Archive) مان نڪتل لفظ آهي پر ان مان وي (انگريزي: V) کي ختم ڪيو ويو.

حوالا[سنواريو]

  1. "RFC 812 - NICNAME/WHOIS". ietf.org. 
  2. "Knowbot programming: System support for mobile agents". cnri.reston.va.us. 
  3. Deutsch, Peter. "[next] An Internet archive server server (was about Lisp)". groups.google.com. حاصل ڪيل 2017-12-29. 
  4. "World-Wide Web Servers". W3.org. حاصل ڪيل 2012-05-14. 
  5. "Internet History - Search Engines" (from Search Engine Watch), Universiteit Leiden, Netherlands, September 2001, web: LeidenU-Archie آرڪائيو ڪيا ويا 2009-04-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين..