وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2024/مهينو جنوري
باڪو جي آتشگاهہ (فارسي: آتشڪده , Atashgāh, آذربائيجاني: Atəşgah) باڪو آتشگاهہ، جنهنکي اڪثر "باڪو جو فائر ٽيمپل" سڏيو ويندو آهي، سوراخاني شهر (سوراڪساني رائيون ۾)، باڪو جي پسگردائي، آذربائيجان ۾ محلات جهڙو مذهبي مندر آهي. فارسي لکتن جي بنياد تي، مندر هندو، سک، ۽ زرتشتي عبادت گاهہ جي طور استعمال ڪيو ويندو هيو. "آتش" باھ جو فارسي لفظ آھي. پنج ڪنڊي عمارت (پينٽاگونل ڪمپليڪس)، جنهن ۾ اڱڻ ٻائو (پادرين) لاءِ ڪٻٽن سان سٿيل آهي ۽ وچ ۾ ٽيٽرا پلر اٿس، 17 هين ۽ 18هين صدي دوران ٺاهيو ويو هيو.شايد ان علائقي ۾ هندستاني آبادي جي گهٽ هئڻ سبب انکي 19هين صدي جي آخر ۾ ڦِٽو ڪيو (تياڳيو) ويو. ان علائقي ۾ پٽروليم ۽ گيس جي استحصال جي هڪ صدي کانپوءِ، سال 1969ع ۾ قدرتي ابدي شعلا ختم ٿي ويا، پر هاڻي شهر ويجهو گيس پائپ سان روشن ڪيو ويو آهي. باڪو آتشگاهہ اُتر اولهہ هندستاني ننڍو کنڊ سان لاڳاپو رکندڙ زرتشتين جو هڪ تيرٿ ۽ فلسفياڻو مرڪز هيو، جيڪي مشهور "گرينڊ ٽرنڪ روڊ" جي رستي ڪيسپيئن علائقي سان گڏ واپار ڪندا هيا. سندن عقيدي جا چار مقدس عنصر ھي آھن: آتشي (باھ)، بيدي (ھوائي)، آبي (پاڻي) ۽ ھيڪي (زمين). سال 1883 ع کانپوءِ سراکاني ۾ پيٽروليم پلانٽ (صنعت) جي لڳائڻ (نصب ٿيڻ) مهل هن مندر ۾ عبادت ٿيڻ رُڪجي وئي. ان جڳهه کي 1975 ع ۾ هڪ ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو هو. عجائب گهر (ميوزيم) ڏانهن گهمڻ ايندڙن جو ساليانو تعداد 15،000 آهي. باهہ جو مندر "آتش گاهہ" کي گلنارا مهمنداروف پاران 1998 ۾، يونيسڪو عالمي ورثو ماڳ فهرست ۾ نامزد ڪيو ويو. 19 ڊسمبر، 2007 تي، آذربائيجان جي صدر جي فرمان وسيلي، انکي رياستي-تاريخي اڏاوت (آرڪيٽيڪچرل رزيو) قرار ڏنو ويو.