وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2023/مهينو نومبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


مولا ڇوٽڪ بلوچستان ۾ گپت سورگ خضدار کان 80 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هڪ سندر ڳوٺ مولا آهي، جيڪو ضلعي خضدار جو هڪ تعلقو آهي. اهو تاريخي ماڳ ۽ جاگرافيائي مقام جي ڪري مشهور آهي. هن ڳوٺ ۾ ڪيتريون ئي آبشارون ملن ٿيون، ڇوٽوڪ، سب تحصيل مولا ۽ بلوچستان جي وڏي آبشارن مان هڪ آهي. هي آبشار ٻن ٽڪرين جي وچ ۾ موجود آهي، جبلن جون چوٽيون هڪ ٻئي سان مليل آهن، ان ڪري آبشار صرف هڪ ڇٺيءَ وانگر نظر اچي ٿو. ان جو پاڻي سياري جي موسم ۾ گرم ۽ اونهاري جي موسم ۾ ٿڌو هوندو آهي، ماڻهو خوشگوار محسوس ڪندا آهن ۽ پاڻ کي تصوراتي دنيا ۾ محسوس ڪندا آهن."


ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان اڳ بلوچستان چئن پرنسلي اسٽيٽس تي مشتمل ھيو جن م قلات، لسٻيلو، خاران ۽ مڪران شامل ھيون جن مان لسٻيلي ۽ خاران جون رياستون انگريزن خان آف قلات جي اختيار ھيٺ رکيون ھيون. پاڪستان ٺھڻ بعد قائداعظم جي خواهش ھئي تہ خان آف قلات ٻين رياستن وانگر پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاء معاھدو ڪري. خان نالي ماتر خودمختياري تان دستبردار ٿيڻ نہ پئي چاھيو پر ھو دفاع، پرڏيهي معاملن ۽ مواصلات جي حد تائين پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاء تيار ھيو. جناح 15 فيبروري 1948ع تي سبي جو دورو ڪيو۽ شاھي درٻار ۾ خطاب دوران اعلان ڪيو ته ھي ٻن سالن اندر آئين جي تيار ٿيڻ تائين صوبي تي پنھنجي جوڙيل صلاحڪاري ڪائونسل جي مدد سان حڪومت ھلائيندو. 21 فيبروري 1948ع تي قلات جي دارالعوام جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ پاڪستان م شامل نہ ٿبو پر مستقبل جي تعلقات واري معاھدي لاءِ مذاڪرات جاري رکبا. 18 مارچ 1948ع م خاران، لسٻيلو ۽ مڪران پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو جنھن تي خان آف قلات اعتراض ڪيو. 26 مارچ 1948 تي پاڪ فوج کي پسني، جيواني ۽ تربت واري بلوچ ساحلي علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو حڪم مليو. پاڪ فوج قلات ۾ داخل ٿي ۽ خان آف قلات کان پاڪستان م شامل ٿيڻ جي معاھدي تي صحيح ورتي وئي. ورھاڱي کان 227 ڏينھن بعد تائين بلوچستان م قلات جي الڳ رياست ھئي جنھن جو ڪراچي م سفارتخانو پڻ ھيو جنھن ۾ سفير پڻ مقرر ٿيل ھو۔







بلوچستان، پاڪستان|سَمورو مضمون هِتي پڙهو...]]