وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2023/مهينو جنوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

افغانستان ۾ سوويت ويڙهه يا روسي ويڙهه 9 سال تائين وِڙهي وئي. ان جي شروعات ڊسمبر 1979۾ ٿي جڏهن تہ ان جي پُڄاڻي فيبروري 1989 ۾ ٿي هُئي. اِن لڙائيءَ ۾ هڪ پاسي ته افغان فوج جي نالي تي روسي فوج وِڙهي رهيئ هئي ته ٻئي پاسي وري سموري دُنيا جا مجاهدين روس جي خلاف جنگ جي ميدان تي لَٿل هيا. آمريڪا ۽ روس جي وچ۾ سرد جنگ جي ڪارَڻِ امريڪا اِن جنگِ ۾ سامهون ٿي ڪُڏي نه پئي پوڻ چاهيو هيو پَرامريڪي سي آءِ اي ۽ پاڪستاني آءِ ايس آءِ کُليل طور مجاهدين جي تربيت ۽ هر طرح سان سهائتا ڪئي. برطانيا، آمريڪا، سعودي عرب ،پاڪستان ۽ ٻين ملڪن روس جي خلاف اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ اهي ڏوڪڙ مجاهدين ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙن کي ڏنا ويا. پاڪستان پڻ اُن جنگ ۾ حصو ورتو ۽ پاڪستان منجهان هزارين مجاهدين روس جي خلاف وِڙهڻ لاءِ افغانستان ويا هيا.