وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2021/مهينو مئي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رسول بخش پليجو

رسول بخش پليجو هڪ پاڪستاني کاٻي ڌرپرست (ليفٽسٽ)، مارڪسي اڳواڻ، دانشور ۽ ليکڪ هو. هو انساني حقن جو هڪ وڪيل ۽ ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر جي پارٽي عوامي تحريڪ جو اڳواڻ، باني ۽ اڳوڻو چيئرمين هو. پليجو 21 فيبروري 1930ع تي جنگشاهي، ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. پليجو کاٻي ڌر جي اڳواڻ هجڻ سان گڏ، انساني حقن جي باري ۾ سنڌ ۾ چوٽيءِ جو وڪيل پڻ هو. سنڌي ادب جي ميدان ۾ رسول بخش پليجي جو شمار ليکڪن ۽ نقادن ۾ ٿئي ٿو. پليجو سنڌ ۾ شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جو پڻ وڏو پارکو ليکو ويندو هو