وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2019/مهينو اپريل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ماءِ پيو لينڊ (منهنجي پاڪ زمين (انگريزي ٻولي: My Pure Land) ) برطانيا پاڪستاني فلم ساز سرمد مسود پاران هدايتڪاري هيٺ سال2017ع ۾ جاري ٿيل برطانوي ڊراما فلم آهي.  هيءَ 90 هين اڪيڊمي ايوارڊز ۾ بهترين غير ملڪي ٻولي فلم جي لاءِ برطانوي داخلا طور چونڊي وئي هئي، پر اها نامزد نه ڪئي وئي هئي.  اهو پهريون ڀيرو ٿيو هيو ته برطانيا کي اردو ٻوليءِ جي ڪا فلم پيش ڪئي هئي. فلمي خاڪو: نازو ڌاريجو سنڌ جي هڪ ٻهراڙيءَ واري ڳوٺ ۾ پنهنجي والدين، ٻن ڀينرن ۽ هڪ ٻڍي ڀاءَ سان رهندي آهي. فلم جي شروع ۾، سندس پيءُ پنهنجي ڌيئرن ۽ پنهنجي پُٽَ کي پڻ زمين جي قدر ڪرڻ ۽ ان جو دفاع ڪرڻ جي لاءِ حوصلاافزائي ڪئي آهي ته : " ڪجھ به ٿي پوي ڪوبه فرق نٿو پوي، توهان کي ان زمين جي حفاظت ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي صرف زمين ناهي، هي توهان جو اعزاز آهي."  نازو جو والد ۽ ڀاءُ  گرفتار ٿيڻ کانپوءِ، سندس هڪ سازشي چاچو خاندان جي زمين (فارم) تي دعويٰ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. نازو، پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن سان گڏجي، پنهنجي زمين جو دفاع  ڪري ٿي، ايتري قدر جو جڏهن سندن چاچي پاران ڀاڙي تي گهرائيل 200 هٿياربند ڌاڙيل حملو ڪري ڏين ٿا.