وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2019/مهينو آگسٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آسٽريليا (انگريزي ۾:Australia) جو سرڪاري نالو فيڊريشن آف آسٽريليا (Federation of Australia) آهي. اهو لاطيني لفظ آسٽرالس (Australis) مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي ”ڏاکڻي زمين“.

ھن سرزمين تي تاريخ جي دور کان اڳ جا ماڻهو ڏکڻ اوڀر ايشيا ما 40000 ھزار سال اڳ داخل ٿي علائقي واسي ٿيا. يورپي ھن سرزمين تي سترھين صدي عيسويءَ ۾ داخل ٿيا.1770 ۾ يورپين مان سڀ کان پھريون ڪيپٽن جيمز ڪڪ اوڀر واري ساحل تي ڪجھ زميني حصي تي قبضو ڪري اولھ آسٽريليا جي نالي سان ھڪ برطانوي ڪالوني جو بنياد وڌو جنھن کان پوء اوڻويھين صدي تائين ڇھ ٻيون ڪالونيون قائم ٿيون جنھن کان پوءِ اڳتي ھلي سموري آسٽريليا تي برطانيا جو قبضو ٿي ويو، ۽ 1901 ڪامن ويلٿ آف آسٽريليا ۾ تبديل ٿي ويو. ھي نئون ملڪ پنھنجي قدرتي وسيلن جي ڪري جلدي ترقي ورتي. ھتان جي ماڻھن کي آسٽريلين ۽ سنڌي آسٽريليائي چون ٿا آبادي جي ان تعداد ۾ 25.9 سيڪڙو انگريز، 25.4 آسٽريلين، 7.5 آئرش، 6.4 اسڪاٽش، 3.3 اٽالين، 3.2 جرمن، 3.1 چينيئ، 1.4 ھندوستاني، 1.4 يوناني،1.2 ڊچ، 15.8 ٻيا جن ۾ آسٽريليا جا پراڻا رھاڪو بہ شامل آھن وڌيڪ پڙھو > اڳوڻا