وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2018/هفتو 5

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌو لکت نشانين جو مجموعو آهي، جيڪا سنڌو تهذيب جي ماڻهن، ڪوٽڏجي ۽ هڙاپا واري دور ۾ 3500 کان 1900 قبل مسيح ۾ جوڙي هئي. جن مُهرن تي اها لکت لکيل آهي اهي بيحد ننڍا آهن، ان لاءِ اهو چوڻ مشڪل آهي ته اهي نشانيون لکت سرشتو آهي يا نه. 1900 قبل مسيح کان پوءِ، هڙاپا جي پُختي دور جي آخر ۾، نشانين جو باترتيب استعمال ختم ٿي ويو. 1100 قبل مسيح ۾، هڙاپا ۾ نشانين جي ڪجهه استعمال جون شاهديون ملن ٿيون، اهو دور هندوستان ۾ لوهه واري دور جي شروعات هو. گجرات جي بيت دورڪا سمنڊ ڪناري کوٽائي مان پراڻي سنڌو تهذيب جون نشانيون مليون آهن، جنهن ۾ هڪ ٽن مٿن وارو جانور، مٽي جي ٿانءُ تي چٽيل نشانيون جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي آڳاٽي هڙاپا جي لکت آهي، اتان هٿ آيل ٿانءُ 1528 قبل مسيح جا آهن، ان لاءِ اهو دليل ڏنو وڃي پيو ته آڳاٽي هڙاپا جي ٻولي 1500 قبل مسيح تائين جاري هئي. سنڌو لکت سان ميل کائيندڙ ٻي ڪا به لکت اڃان تائين موجود ناهي نه ئي ڪا گھڻ لساني مُهر موجود آهي، جنهن جي ذريعي لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪجي. لکت ۾ ڪجهه تبديلون آهن، جن جي باري ۾ خيال ڪيو وڃي ٿو ته مختلف جڳهن تي لکت ڪجهه تبديل ٿيندڙ هئي. سنڌو لکت کي ڪير پڙهي نه سگھيو آهي، تنهن باوجود ان تي ڪوششون هلندڙ آهن.