وڪيپيڊيا:منتظم/راءِ شماري/Arslanali

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اميد سمورا رڪن خوش ھوندا، مان 6 مھينا اڳ ھن وڪي تي منتظم طور مقرر ڪيو ويس. ۽ 10 جنوري 2019 تي اھو مدو پورو ٿي پيو، جيڪڏھن اوھان منھنجي ڪم مان مطمعين ٿيا آھيو تہ مان مستقل طور منتظم لاءِ راءِ شماري شروع ڪري رھيو آھيان. جيڪڏهن اوهان متفق آهيو ته پوءِ هيٺ تائيد واري ڀاڱي ۾ {{تائيد}} لکو ۽ آخر ۾ هي ~~~~ نشانيون هڻي صفحو محفوظ ڪيو. جيڪڏهن تنقيد ڪرڻي آهي ته {{تنقيد}} لکو ۽ پنهنجا خيال پيش ڪيو ۽ آخر ۾ هي ~~~~ نشانيون هڻي صفحو محفوظ ڪيو. يا تبصرو پڻ ڪيو، ان لاءِ {{تبصرو}} لکي اڳيان پنهنجا خيال پيش ڪيو. ارسلان (ڳالھ) 19:05, 8 جنوري 2019 (UTC)


واپرائيندڙ ارسلان علي لاءِ سوال[سنواريو]

جناب ارسلان علي صاحب! وڪيپيڊيا تي توهان جون خدمتون پيش ڪرڻ لاءِ مهربانيون، اميد ڪريون ٿا ته هيٺ ڏنل سوالن جا جواب ڏيڻ فرمائيندا، توهان جي جوابن سان راءِ شماريءَ ۾ شريڪ واپرائيندڙن کي راءِ ڏيڻ ۾ آساني ٿيندي:

   1. انسائيڪلوپيڊيا (وڪيپيڊيا) ۾ عام طور توهان ڪهڙن انتظامي معاملن کي سرانجام ڏيڻ جو ارادو رکو ٿا؟

ج:

   2. توهان جي ڀاڱيدارين يا لکيل مضمونن ۾ ڪهڙي شيءِ اهڙي آهي جيڪا توهان جي لاءِ فخر جي لائق آهي؟

ج:

   3. انسائيڪلوپيڊيا (وڪيپيڊيا) تي ماضيءَ ۾ جاري ڪنهن ڳاله ٻوله يا بحث ۾ توهان حصو وٺي چڪا آهيو؟ جيڪڏهن ها ته ان ۾ توهان جو ٻين سان رويو ڪيئن هيو؟ ۽ اهڙي صورتحال ۾ واپرائيندڙن (يوزرز) کي ڪهڙي قسم جو ريو رکڻ گهرجي؟ اهڙي ريت جيڪڏهن مستقبل ۾ اهڙي ڪا به صورتحال ٻيهر پيش اچڻ تي توهان کان ڪهڙي رويي جي اميد رکي وڃي؟

ج:

   4. ڇا توهان ڪنهن واپرائيندڙ جي رويي/تحرير وغيرہ کان متاثر آهيو؟ جيڪڏهن ها ته سندن نالو لکو.

ج:

5. توهان کي شايد خبر هوندي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ ٻئي رٿا سنڌي وڪي لغت (سنڌي وڪشنريءَ) جي نالي سان پڻ آهي، جتي ڪوئي به سرگرم رڪن (واپرائيندڙ) هن وقت ۽ ڪيترن ئي مهينن کان ناهي، ڇا توهان پنهنجيون سنڌي وڪشنريءَ تي پڻ ڀاڱيدارين جي صورت ۾ ڪجه خدمتون ڪندا؟

ج:


6. ڇا توهان ٻين واپرائيندڙن سان گڏجي اڳتي هلي ٻين سنڌي رٿائن جهڙوڪ سنڌي وڪي سفر، سنڌي وڪي ڪتاب، سنڌي وڪي قول، سنڌي وڪي خبرون (جيڪا سرگرم رڪن نه هئڻ سبب بند ٿي وئي ان کي ٻيهر کولرائڻ)، سنڌي وڪي ورسٽي سميت ٻين اهڙين رٿائن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻڻ لاءِ ٻين واپرائيندڙن سان سهڪار ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جو ارادو رکو ٿا؟

ج:

.جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 13:32, 9 جنوري 2019 (UTC)

ادا ھي ٻھير نامزدگي آھي ساڳين سوالن جا جواب مان اڳ ھتي ڏئي آيو آھيان.ارسلان (ڳالھ) 15:29, 10 جنوري 2019 (UTC)
جناب هيءَ نئين سري سان نامزدگي آهي ۽ هن ڀيري ڪجه نوان سوال پڻ آهن، توهان سوال ٻيهر پڙهو، اڳ وارن سوالن جي جوابن کان هي سوال شايد هن ڀيري اهم آهن، اسان او ڏسڻ چاهيون ٿا ته توهان انهن سوالن جا جواب ڪهڙا ڏيو ٿا توهان جي اڳتي لاءِ ڇا رٿابندي آهي انهن رٿائن بابت ، سو هڪ ڀيرو وري جيڪر انهن سوالن جا جواب نئين انداز سان لکو ته بهتر . جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 17:17, 10 جنوري 2019 (UTC)
1. آئون، هن وڪيپيڊيا ۾ هڪ ته مکيه صفحي کي مستقل اپڊيٽ ڪرڻ جو خواهشمند آهيان. ٻيو ته ڪجهه اهڙا مضمون به مون ڏٺا آهن جيڪي صرف چند اکرن تي مبني آهن، جيڪي ڪرائتا نه آهن، انهن کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪندس، جيڪي مضمون گھٽ ۽ spam وڌيڪ لڳن ٿا.

2. لاتعداد مضمون انھي سلسلي ۾ پيش ڪري سگهجن ٿا خاص ڪري اڄ جو ڏينھن جي حوالي سان مون ڪيترائي ايونٽ وڪي ۾ داخل ڪيا آھن، جيڪي ھتي ڏسي سگهجن ٿا.

3. منھنجي رويي کان ھتي سرگرام واپرائندڙ آگاھ آھن، جيڪڏھن اعتراض ھجي تہ اھي ھيٺ لکي سگهن ٿا.

4. مان پاڻ کان ئي متاثر آھيان.

5. اھڙو ڪو ارداو ناھي محدود وقت سبب ھتي ئي ڪم ڪرڻ جو ارادو آھي.

6. فلحال اھڙو ڪو ارادو ناھي.ارسلان (ڳالھ) 12:30, 14 جنوري 2019 (UTC)

تائيد[سنواريو]

  • تائيد ~~Intisar Ali (ڳالھ) 19:33, 8 جنوري 2019 (UTC)
  • تائيد ~~بخاري سعيد ڳالھ 19:46, 8 جنوري 2019 (UTC)
  • تائيد ~~-مھتاب-احمد (ڳالھ) 03:11, 9 جنوري 2019 (UTC)
  • تائيد ~~ربنواز (ڳالھ) 14:25, 9 جنوري 2019 (UTC)
  • تائيد ~~ جمالي ڪامران (ڳالھ) 21:17, 10 جنوري 2019 (UTC)
  • تائيد ~~ شمشير نظاماڻي (ڳالھ) 01:00, 10 جنوري 2019 (UTC)
  • تائيد - اسان اميد ڪريون ٿا ته توهان سنڌي وڪيپيڊيا کي وڌيڪ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪرائڻ ۾ هتي ٻين ساٿي وڪيپيڊئنز سان گڏيل اتفاق ۽ شائستگيءَ سان پيش ايندا ۽ وڪيپيڊيا تي رهيل ڪافي ڪم آهن جيڪي هڪٻئي سان صلاح مشوري گڏيل اتفاق سان سرانجام ڏيندو. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 23:39, 14 جنوري 2019 (UTC)

تنقيد[سنواريو]

تبصرو[سنواريو]

تبصرو: 1. توهان ڪجه وقت اڳ وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو نومبر 2018ع واري ترميمي ڊوڙ ۾ شايد غلط فهمي طور منهنجو نالو ميٽا وڪيميڊيا جي ارگنائزر واري فهرست مان هٽايو هيو، توهان اهو ٻڌايو ته توهان اهو ڪهڙي ارادي سان هٽايو هيو ۽ ائين ڪرڻ کان اڳ منهنجي بحث صفحي تي مون کي ڄاڻ ڇو نه ڏني هئي؟ ڇا ٻيهر اهڙي ڪا صورتحال ٿئي ته توهان جو رويو ڪيئن هوندو؟

2. ميٽا وڪي تي توهان لکيو هيو نام نهاد سينئر وڪيپيڊئن کي توهان اهميت نٿا ڏيو، توهان اهو ٻڌايو ته توهان ٻين واپرائيندڙن سان اهڙو تضحيق ۽ نامناسب رويي وارن لفن کي ڇو استعمال ڪيو جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 13:31, 9 جنوري 2019 (UTC)

  1. ادا ان ۾ اسان جي غلطي ناھي، نومبر جا 4 ڏينھن گذري ويا اوھان مان ڪير بہ نہ ھو، ڇا اھڙي صورتحال ۾ ڪجھ نا ھجڻ کان ڪجھ ڪرڻ بھتر نہ ھو؟ اوھان جي ٽالڪ پيج تي لکڻ گهربو ھو پر شايد اوھان جي مسلسل غير حاضري سبب نا لکي سگهيس.
  2. بلڪل مان درست چيو تہ ڪير سينئر جي حيثيت ۾ مونکي ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي، ھي گڏيل ڪم آھي ۽ ھتي ھر ڪو پنھنجي ڀاڱيندرين لاءِ سڃاتو وڃي ٿو. اھو چوڻ تہ سينئر کان صلاح وٺي پوءِ ڪو ڪم ڪيو، مان ان سان متفق ناھيان.ارسلان (ڳالھ) 15:52, 10 جنوري 2019 (UTC)
توهان کي ڊڪٽيٽ ڪوئي نٿو ڪرڻ چاهي ، ۽ توهان لکيو هيو ته سو ڪالڊ سينئر ، ڇا اهي لفظ مهذب گفتگو وارا چئبا؟ ڇا توهان جو اڳتي بحث مباحثي ۾ توهان جي رويي ۾ تبديلي ايندي يا هينئر ڪا توهان جي رويي ۾ تبديلي آئي آهي ته توهان ٻين سان ڪيئن پيش ايندا؟ جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 17:12, 10 جنوري 2019 (UTC)
سوڪالڊ جو مطلب خراب ناھي، سادو مطلب آھي ھروڀرون جو سينئر ٿيڻ. ۽ اوھان اھو پڻ لکيو تہ مان سينئر آھيان ۽ صلاح ڪرڻ گهرجي اوھان کي، اھو پڻ غير مناسب رويو آھي. ارسلان (ڳالھ) 03:05, 14 جنوري 2019 (UTC)
واضع ڪريو ته سينئر هئڻ چوڻ ۽ صلاح ڪرڻ لاءِ چوڻ اهو ڪيئن ۽ ڇو غير مناسب چئو ٿا؟ جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 13:27, 14 جنوري 2019 (UTC)

نتيجو[سنواريو]

نتيجو تائيد
تائيد 7
تنقيد 0

15 جنوري تائين موجودا راء شماري پڄاڻي تائين پهتي، ان راءِ شماريءَ جي نتيجي ۾ بلا مخالفت ۽ تنقيد، هڪ تبصري سميت 7 تائيدي راءِ پيش نظر Arslanali کي منتظم ڪيو ويو آھي۔
اميد آھي تہ Arslanali صاحب سنڌي وڪيپيڊيا کي هاڻِي وڌيڪ سنواريندا ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا۔ اسان تمام رڪنن کي گذارش ٿا ڪريون تہ اهي Arslanali کي مبارڪ باد ڏيندا، والسلام. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 20:45, 16 جنوري 2019 (UTC)

هي راءِ شماري مڪمل ٿي، ۽ هاڻ رڪارڊ جو حصو آهي، مهرباني ڪري هن تي ڪا ترميم نه ڪيو.