وڪيپيڊيا:منتظم/راءِ شماري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وڪيپيڊيا جي رڪنيت هر ڪنھن جي لاءِ عام آهي. جيڪڏھن توھان سنڌي وڪيپيڊيا جا منتظم ٿيڻ چاهيو ٿا يا ڪنھن کي نامزد ڪرڻ چاهيو ٿا تہ ھتي درخواست ڏيو؛ راءِ شماري ۾ ڪامياب ٿيڻ تي ھي اختيار فائض ڪيو ويندو. نامزدگي کان اڳ صفحو وڪيپيڊيا:منتظم ۽ نامزدگي جا معيار جو لازماً مطالعو ڪريو تہ جيئن ھن راه جا سڀ جيل ڪنڊن کان آگاهي حاصل ٿي وڃي. اڳوڻيون راءِ شمارين جي لاءِ ڏسو انتظاميہ ۾ شموليت لاءِ وثق راءِ شماري.

منتظمن جي چونڊ لاءِ حڪمت عملي

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ انتظامي مامرا (مثال طور حذف شدگي، صفحن جو تحفظ/نيم تحفظ ۽ وڪيپيڊيا جي حڪمت عملين جي تطبيق وغيره) کي انجام ڏيڻ جي لاءِ منتظم چونڊيا ويندا آھن. منتظم جي چونڊ جي لاءِ ڪنھن صارف کي نامزد ڪيو ويندو آھي، ۽ خود پنھنجو نالو بہ پيش ڪري سگھجي ٿو؛ ان کان بعد وڪيپيڊيا برادري جي راءِ ورتي ويندي آھي، ۽ متفق ۽ مخالف راءِ جي مطابق فيصلو ڪيو ويندو آهي.

نامزد صارف کي اردو وڪيپيڊيا ۾ ھنن طئي ڪيل معيارن تي پورو لھڻ لازمي آهي.

  1. نامزد ڪيل صارف جي لاءِ لازم آهي تہ ان کي سنڌي وڪيپيڊيا ۾ گھٽ ۾ گھٽ 3 مھينا گذري چڪا آھن ۽ 200 ترميمون ڪري چڪو هجي، جن ۾ اڌ ترميمون مضمونن ۾ هجن.
  2. ھن راءِ شماري ۾ راءِ ڏيندڙ صارف جي لاءِ ضروري آهي تہ ھن وڪيپيڊيا ۾ گھٽ ۾ گھٽ 50 ترميمون ڪري چڪو هجي ۽ سنڌي وڪيپيڊيا جي دستور العمل سان واقفيت (ڀلي معمولي ئي ھجي) رکندو ھجي.
  3. سڀني صارفن تي لازم آهي تہ ھو اھڙي فرد کي انتظاميا جي لاءِ چونڊن جنھن جي انسائيڪلوپيڊيق جي حڪمت عملن ۽ اصولن کان آگاهي ۽ ان جي درست تطبيق ۽ تنفيذ تي اطمنان هجي، ۽ وڪي تدوين ۽ طرز تحرير کان واقف هجي. نامزد صارف جي چونڊ جي لاءِ جاري راءِ شماري جو ھنن شرطن جي موافق هجڻ ضروري آهي:
    1. گھٽ ۾ گھٽ 5 رايا ضروري ھوندا (انسائيڪلوپيڊيا جي ترقي سان گڏ ممڪن آهي تہ مستقبل ۾ ھن تعداد ۾ اضافو ٿي).
    2. تمام راين مان گھٽ ۾ گھٽ %75 رايا نامزد ڪيل صارف جي حق ۾ هجن.
    3. نامزد صارف جي راءِ شمار نہ ڪئي ويندي.
  4. بهتر ٿيندو تہ تمام راءِ ڏيندڙ صارف پنھنجي تائيد ۽ تنقيد جو ڪارڻ بہ تحرير ڪن.
  5. ممڪن بلڪہ بهتر آهي تہ نامزد صارف کان ھيٺ ڏن سوالن جا جواب ھيٺين شڪل ۾ طلب ڪيا وڃن:

جناب (نالو لکو)! وڪيپيڊيا تي پنھنجون قدر جوڳيون خدمتون پيش ڪرڻ تي توھان جا لک ٿورا. اميد آهي تہ ھيٺ ڏنل سوالن جا جواب ڏيڻ جي لاءِ توھان پنھنجو ڪجھ وقت اسان کي عنايت ڪندا. توھان جي جوابن سان راءِ شماري ۾ شريڪ صارفن کي راءِ ڏيڻ ۾ آساني ٿيندي:

1. انسائيڪلوپيڊيا ۾ عام طور تي توھان ڪھڙن انتظامي مامرن جي انجام ڏيڻ جو ارادو رکو ٿا؟
2. توھان جي ڀاڱيدارين يا لکيل مضمونن مان ڪا شيءِ توھان جي لاءِ فخر لائق آهي؟ جيڪڏھن آھي تہ ڇو؟
3. انسائيڪلوپيڊيا ۾ ماضي ۾ جاري ڪنھن گفتگو ۾ توھان حصو وٺي چڪا آھيو؟ جيڪڏھن ها تہ ان ۾ توھان جو رويو ڪھڙو ھو؟ ۽ اھڙي طرح جي صورتحال ۾ صارفن کي ڪھڙي قسم جو رويو اختيار ڪرڻ گھرجي؟ جيڪڏھن مستقبل ۾ ھي صورتحال ٻيھر پيش اچي تہ توھان کان ڪھڙي جي توقع رکي وڃي؟

4. ڇا توھان ڪنھن صارف جي رويي/تحرير وغيره کان متاثر آھيو؟ جيڪڏھن ها تہ نالو تحرير ڪريو.

6. نامزد صارف جو ھنن معيارن تي پورو لھڻ لازمي آھي.
7. راءِ شماري جي گھٽ ۾ گھٽ مدت ھڪ هفتو آهي.
8. راءِ شماري ۾ ڪنھن صارف جي ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ 1 مھيني 15 دن کان اڳ ان جي نامزدگي قابل تسليم نہ هوندي.

نامزدگي

نامزدگي جي لاءِ ھيٺين موجود خاني ۾ واپرائيندڙ نالو جي جڳھ نامزد واپرائيندڙ جو نالو تحرير ڪريو ان کان بعد نامزد ڪريو تي ڪلڪ ڪريو.
پوءِ نئين صفحي ۾ پنھنجي تحرير نامزدگي وغيره لکو.


ھاڻوڪيون نامزدگيون