مواد ڏانھن هلو

وڪيپيڊيا:مضمون رچنا جادوگر/حوالا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مضمون رچنا جادوگر
حوالا ۽ معروفيت
جيڪڏھن اوھان جو مضمون وڪيپيڊيا جي مشھور يا معروف جي اصول مطابق نہ ھجي، يا حق ۽ واسطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ھجي ۽ ان ۾ قابل تصديق حوالا شامل نہ ھجن، تہ اوھان جو مضمون ڇپجي نٿو سگهجي يا وري جلدي ئي ڊليٽ ٿي سگهي ٿو.
معروفيت
اوھان جيڪو مضمون لکڻ چاھيو پيا، ان کي آزاد ميڊيا جي اندر ڪوريج مليل ھجي ۽ ان ۾ قابل تصديق حوالا شامل ھجن. اوھان ڪنھن اخبار، ڪتاب، ميگزين وغيرھ جا حوالا شامل ڪري سگهو ٿا. ياد رکو، سماجي رابطن جون ويبسائيٽون جھڙوڪ فيس بڪ، ٽوئيٽر، ڪمپني جون ذاتي ويب سائيٽ، پريس رليز وغيرہ قابل تصديق حوالن ۾ شمار نٿا ٿين.
حق ۽ واسطا
مضمون جو متن حوالي واري ذريعي مان جيئن جو تيئن ڪاپي پيسٽ نہ ڪيو، ۽ حوالي ۾ ڏنل لکت جھڙو متن پڻ مضمون ۾ داخل نہ ڪيو، پر حوالي واري ڪتاب يا اخبار ۾ جيڪو متن آھي، ان کي مختصر ڪري پنھنجي لفظن ۾ نئين سري لکو.
حوالا
  • ھتي قابل تصديق، آزاد ذريعي وارن حوالن کي غيرآزاد ۽ ناقابل تصديق حوالن جي مٿان فوقيت ڏني وڃي ٿي.
  • غير آزاد ذريعن (جھڙوڪ ڪمپني جي ويبسائيٽ يا پريس رليز) مان حوالا صرف بنيادي ڄاڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
  • ھتي عام طور تي سماجي رابطن جي ويبسائيٽن، بلاگس يا ننڍين اخبارن جي حوالن کي قبول ناھي ڪيو ويندو.
حوالا ڏيڻ لاءِ <ref></ref> ھيٺ ڏنل طريقي موجب استعمال ڪيو:
سنڌ ۾ نئون مڪاني نظام لاڳو ڪيو ويو.<ref>https://www.thekawish.com/Backissues/2012/Sept%2012/08/today_page_01.htm</ref>
مضمون اندر مختلف قسم جا حوالا ڪيئن داخل ڪجن، ان لاءِ پڙھو: حوالا ڏيڻ جو تعارف