مواد ڏانھن هلو

وڪيپيڊيا:جادوگر تخليق مضمون/عام غلطيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مضمون رچنا جادوگر
عام غلطيون
مضمون جو مسودو يا مضمون لکڻ وقت ڪيتريون ئي غلطيون ڪيون وينديون آھن، ڪجھہ غلطيون ھيٺ پڙھو:
  • پنھنجي باري ۾ يا ڪنھن ويجھي ماڻھو جي باري ۾ مضمون لکڻ
    ھتي پنھنجي باري ۾ مضمون لکڻ يا ڪنھن ويجھي مائٽ، دوست، استاد يا خاندان جي ڀاتي بابت مضمون لکڻ کي پسند ناھي ڪيو ويندو، مضمون لکڻ ۾ حرج ناھي پر قوي امڪان آھي تہ اوھان ان مضمون سان انصاف نہ ڪري سگهو ۽ غيرجانبداري سان مضمون جي ھر رخ کي شايد لکي نہ سگهو.
  • مواد نقل ڪرڻ
    اوھان کي مضمون ھميشہ پنھنجي اکرن ۾ نئين سري سان لکڻ گهرجي، ڪنھن ويبسائيٽ تان جيئن جو تيئن نقل ڪري ھتي داخل نہ ڪرڻ گهرجي. ھن اصول جي ڀڃڪڙي تي اوھان جو مضمون ترت ڊاٿو ويندو.
  • حوالا داخل نہ ڪرڻ
    جنھن مضمون ۾ ڪو ھڪ بہ حوالو شامل نہ ھجي، اھڙي مضمون کي ڪجھ ڏينھن اندر ئي ختم ڪيو ويندو آھي.
  • اشتھار جھڙي ٻولي
    مضمون لکڻ مھل ڌيان ڪجي تہ ان “ايشيا جو سڀ کان وڏو شاعر”، ”دل جي بيمارين جو وڏو ماھر“ غيرہ جھڙا جملا نہ ھجن، اوھان کي صرف مضمون بابت لکڻو آھي، وڌيڪ ان جي اھميت جو فيصلو پڙھندڙ پاڻ ئي ڪندو.