وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2023/مهينو جون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪيليفورنيا اسٽيٽ يونيورسٽي، لاس اينجلس
ڊائون ٽائون لاس اينجلس جي شهر جي اسڪائي لائن

لاس اينجلس (انگريزي: Los Angeles) آمريڪي رياست ڪئليفورنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. 2020ع جي انگن اکرن مطابق هن شهر جي آبادي 3898747 ماڻهن تي مشتمل آهي. هي آباديءَ جي لحاظ کان آمريڪا جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ ميڪسيڪو سٽي ۽ نيو يارڪ کان پوءِ اتر آمريڪا کنڊ جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. لاس اينجلس واري علائقي ۾ چوماش (Chumash) ۽ ٽونگوا (Tongva) نالي اصلوڪن آمريڪين جا قبيلا آباد هئا. 1542ع ۾ هي علائقو اسپين جي هڪ سياح جان روڊريگوئيز ڪيبريلو ( Juan Rodríguez Cabrillo) فتح ڪيو. موجوده شهر جو بنياد 4 سيپٽمبر 1781ع تي رکيو ويو. ميڪسيڪو جي آزاديءَ واري جنگ دوران هي شهر 1781ع ۾ ميڪسيڪو ۾ شامل ٿي ويو. 1848ع ۾ هڪ ٺاهه تحت هي شهر ۽ ڪئليفورنيا جا ٻيا علائقا آمريڪا خريد ڪري ورتا. 4 اپريل 1850ع تي هن شهر کي ميونسپالٽيءَ جو درجو ڏنو ويو. 1890ع واري ڏهاڪي ۾ هتان تيل جا ذخيرا هٿ اچڻ کان پوءِ هن شهر تيزيءَ سان ترقي ڪئي. هي شهر آمريڪا جو هڪ وڏو معاشي ۽ ثقافتي مرڪز آهي. هتي 1932ع ۽ 1984ع واريون اولمپڪ رانديون منعقد ٿيون ۽ 2028ع واريون اولمپڪ رانديون پڻ هن شهر ۾ منعقد ٿينديون.