وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2023/مهينو اپريل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نواز ڪنڀر

نواز ڪنڀر (انگريزي:Nawaz Kumbhar) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو ليکڪ ۽ محقق آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

نواز ڪنڀر جو پورو نالو نواز علي ڪنڀر آهي. هن سنڌ جي سانگهڙ ضلعو جي ڳوٺ نواب اڪبر بگٽي ۾ 12 آگسٽ 1965ع تي محمد موسي ڪنڀر جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد ڳوٺ جي برادري جو پھريون پڙھيو لکيو فرد ۽ سرڪاري ملازم ھو. جيڪو ٽيليفون کاتي ٽيليفون آپريٽر ٿيو ۽ بعد ۾ اُتان استعيفيٰ ڏئي روڊز کاتي ۾ ٺيڪيداري شروع ڪئي. سندس ڏاڏو حاجي محمد بچل پاڙي جي مسجد جو پيش امام ھجڻ سان گڏ ٻارن جو قرآن شريف ۾ اُستاد به ھو. سندس والد 1975ع ۾ ڳوٺان لڏي سانگهڙ شھر ۾ آباد ٿيو. نواز ڪنڀر جو پورو نالو نواز علي ڪنڀر آهي. هن سنڌ جي سانگهڙ ضلعو جي ڳوٺ نواب اڪبر بگٽي ۾ 12 آگسٽ 1965ع تي محمد موسي ڪنڀر جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد ڳوٺ جي برادري جو پھريون پڙھيو لکيو فرد ۽ سرڪاري ملازم ھو. جيڪو ٽيليفون کاتي ٽيليفون آپريٽر ٿيو ۽ بعد ۾ اُتان استعيفيٰ ڏئي روڊز کاتي ۾ ٺيڪيداري شروع ڪئي. سندس ڏاڏو حاجي محمد بچل پاڙي جي مسجد جو پيش امام ھجڻ سان گڏ ٻارن جو قرآن شريف ۾ اُستاد به ھو. سندس والد 1975ع ۾ ڳوٺان لڏي سانگهڙ شھر ۾ آباد ٿيو.