نواز ڪنڀر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نواز ڪنڀر

نواز ڪنڀر (انگريزي:Nawaz Kumbhar) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو ليکڪ ۽ محقق آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال[سنواريو]

نواز ڪنڀر جو پورو نالو نواز علي ڪنڀر آهي. هن سنڌ جي سانگهڙ ضلعو جي ڳوٺ نواب اڪبر بگٽي ۾ 12 آگسٽ 1965ع تي محمد موسي ڪنڀر جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد ڳوٺ جي برادري جو پھريون پڙھيو لکيو فرد ۽ سرڪاري ملازم ھو. جيڪو ٽيليفون کاتي ٽيليفون آپريٽر ٿيو ۽ بعد ۾ اُتان استعيفيٰ ڏئي روڊز کاتي ۾ ٺيڪيداري شروع ڪئي. سندس ڏاڏو حاجي محمد بچل پاڙي جي مسجد جو پيش امام ھجڻ سان گڏ ٻارن جو قرآن شريف ۾ اُستاد به ھو. سندس والد 1975ع ۾ ڳوٺان لڏي سانگهڙ شھر ۾ آباد ٿيو. [1]

تعليم[سنواريو]

نواز ڪنڀر پرائمري تعليم پنهنجي اصل ڳوٺ ڪوٽ نواب بگٽي ۾ حاص ڪئي. ھاءِ اسڪول سانگهڙ منجهان ھن 1980ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. انٽر ميڊيئيٽ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج سانگهڙ ۾ان 1982ع ۾ 1984ع ۾ بي اي ڪرڻ بعد ايم اي اڪنامڪس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پرائيويٽ طور پاس ڪئي. هن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي منجهان بي ايڊ ڪئي. هن 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم ايس سي رورل ڊولپمينٽ ۾ پاس ڪئي.[1]

علمي ادبي خدمتون[سنواريو]

نواز ڪنڀر گھريلو نامناسب حالتن مان گذرندي 1985ع ۾ سوشل ويلفيئر کاتي ۾ ڪلارڪ طور عملي زندگي جو آغاز ڪيو. بعد ۾ ھو مارڪيٽنگ اسسٽنٽ به ٿيو. 1986/1987ع ۾ محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ ھو نئين روشني اسڪول ۾ سپروائيزر ٿيو، جنھن جي ختم ٿيڻ بعد ھُن MH پنھور صاحب جي پرائيوٽ ڪمپني ۾ سانگهڙ ۾ آفيس سپريٽنڊنٽ طور به ڪم ڪيو. جنھن بعد ھو 1990ع ڌاري تعليم کاتي ۾ ڊرائنگ ٽيچر ٿيڻ بعد جونيئر اسڪول ٽيچر ٿيو جتي ھو ترقي ماڻي هاير سيڪنڊري استاد ٿيو. جنھن دوران ھُن تاريخي ڳوٺ ٻوٻي جي مڊل اسڪول جي پھرين ھيڍماستر طور به ڪم ڪيو. 1993ع ھيءُ اڪنامڪس ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ليڪچرار طور ڪامياب ٿيو. پھرين پوسٽنگ ضلعي سانگهڙ جي شھر شھدادپور ۾ ٿيڻ بعد ھو بدلي ٿي گورنمنٽ ڊگري ڪاليج سانگهڙ آيو. ڊسٽرڪٽ گورنمنٽ ٺھڻ بعد ھُن ڪجهه عرصو سانگهڙ ضلعي ۾ بطور ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ڪاليج طور خدمتون سرانجام ڏنيون. بعد اُتي ئي تعليم کاتي ۾ اسٽيٽيڪل آفيسر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. بعد ھو واپس سانگهڙ ڪاليج ۾ مقرر ٿيو. . جتي ھينئر پروموشن بعد ايسوسيئيٽ پروفيسر طور مقرر آھي. جنھن دوران ھو ڪاليج ۾ مختلف وقتاً تي ڇپجندڙ ڪاليج مئگزينن ۾ سنڌي شعبي جو ايڊيٽر به رھيو. نواز ڪنڀر لکڻ جي شروعات ھاءِ اسڪول جي زماني ۾ 1980ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپجندڙ ٻارن جي رسالي گل ڦل ۾ لکيل ڪھاڻي ’پتنگن پھه ڪيو‘ سان ڪئي. ان بعد ھُن ڪجھه سالن جي وقفي بعد سنڌي جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکيو. ھُن 1995ع کان پوءِ ھُن جي لکڻ جي رفتار ۾ ڪجھه تيزي ۽ 2007ع کان اُن باقاعدگي سان ڪاوش ۾ لکڻ شروع ڪيو. نواز جا خاص موضوع نظر انداز ٿيل عوامي تاريخ، ڀٽائي، آبھوائي تبديليون ۽ آفتون، ماحوليات، جھنگلي ۽ آبي جيوت، ماحولياتي لوڪ ڏاھپ، سانگهڙ جي تاريخ، آثارِ قديمه، اڇڙو ٿر، حُر تحريڪ، تعليم، عورتاڻا ڪردار ۽ اھم علمي ادبي شخصيتون خاص طور تي شامل آھن. ھُن جو خاص دلچسپي تحقيق ۾ رھي آھي، جنھن حوالي سان ھُن جا ڪافي اھڙا تحقيقي ڪتاب به شايع ٿيل ۽ لکيل آھن، جن تي گھٽ ۾ گھٽ سنڌي ۾ پھريون ڀيرو ڪو ڪتاب لکيو ويو آھي. جن ۾ خاص ڪري سانگهڙ ضلعي ۾ ڀٽائي جا پنڌ ۽ پيچرا، ڀٽائي جا ڳايل پالتو پکي ۽ جانور، اڇڙو ٿر، حُر تحريڪ جي حوالي سان مختلف ڪنڊون ۽ پاسا، نروار ڪرڻ سان گڏ خاص ڪري سورھيه بادشاھه جي مدفن جي تلاش ۾ ڪيل اسٽولا ٻيٽ بلوچستان جو سفر، سنڌ جو منفرد علائقو مکي، لوڪ وساريل لوڪ داستان صابل ۽ بھرام جمالي، سنڌي ٻولي ۾ ڪن به ضلعن جي پھريون ڀيرو لکيل ماحولياتي تاريخ (دادو ۽ سانگهڙ ضلعو) ماحولياتي لوڪ ڏاھپ، آفتن جي حوالي سان وڏن توڙي ٻارن لاءِ لکيل ڪتاب خاص اھميت رکن ٿا. ان کان علاوه نواز جي مختلف اخبارن ۾ ڇپيل مضمونن تي مشتمل ڪجهه ڪتاب ڇپجي به چڪا آھن، ڪجهه ڪتاب ڇپائي جي مختلف مرحلن ۾ آھن ته ڪي وري ڇپجڻ جي انتظار ۾ تيار پيل به آھن. نواز ڪنڀر جي شخصيت جو ھڪ پھلو صحافتي به آھي جنھن دوران ھُن مختلف ادارن ۾ بطور نمائندي به خدمتون سرانجام ڏنيون. جن ۾: عبرت ميگزين، خلق اخبار، سرواڻ ۽ عبرت شامل آھن. جڏھن ته ھو پاڪستان ٽيليويزن نيوز ڪراچي ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو سانگهڙ ضلعي ۾ پھريون رپورٽر به رھيو آھي. ھُن آگسٽ 2014ع ۾ ھاٽ ايف ايم 105.2 سانگهڙ بطور RJ جوائن ڪيو جنھن دوران ھُن ريڊيو تي نئون تجربو ڪندي،ريڊيو ٻُڌندڙن کان تحقيق ڪرائي. انهي تحقيق جي روشني ۾ هن ٽي ڪتاب؛ 'وجود وڃائيندڙ وڻ (ڇپيل)،' اھڃاڻ ڳالھائين ٿا' ۽' ڏينھن ۽ مھينا' ڪتاب لکيا. ان کان علاوه ھُن ايف ايم تي سانگهڙ جي کوڙ سارن اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ صحافين کي متعارف ڪرايو ۽ موقعو ڏنو، جن مان ڪافي اھڙا به ھئا جيڪي پھريون ڀيرو ڪنھن به ريڊيو جي مائيڪ تي آيا. اڄ ڪلھه ھو ايف ايم سانگهڙ تي ”يادگيريون“ نالي پروگرام ڪري رھيو آھي. جنھن ۾ وساريل ۽ نظر انداز ٿيل توڙي جڳ مشھور اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جي حوالي سان انھن جا انٽرويوز توڙي انھن جي حوالي سان مختلف اھم ماڻھن جا لائيو ڪال تي تااثرات شامل ھوندا آھن. ان کان علاوه ھو ايف ايم تي ھفتيوار پروگرام ۾ سانگهڙ جي مختلف اشوز تي متعلقه ادارن جي سربراھن، چونڊيل نمائندن توڙي اھم شخصيتن جي حوالي سان ٽاڪ شو ڪرڻ سان گڏ ھڪ طنزيه ۽ مزاحيه شو ’فضول ٽاڪ‘ به ڪري رھيو آھي. صحافت جي حوالي سان ان جو ھڪ خاص ڪم اھو به آھي جو ھُن سانگهڙ جي صحافت ۾ ھڪ ھٽي کي ختم ڪندي، نئون صحافين کي اڳيان اچڻ جو موقعو فراھم ڪندي نيو پريس ڪلب جو بنياد وڌو. نواز ڪنڀر جتي پنھنجي شوق آڌار PTV تي سنڌي خبرون پڙھيون اُتي ھو سانگهڙ جي مختلف علمي، ادبي ۽ سماجي پروگرامن ۾ اسٽيج سيڪريٽري جون خدمتون به سرانجام ڏيندو رھندو آھي ۽ ان سان گڏوگڏ ھو مختلف قسمن جا پروگرام به آرگنائيز ڪندو رھندو آھي. جتي ھُن شھر ۾ مختلف علمي ادبي ۽ سماجي تنظيمن جو بنياد وڌو، اُتي ھو مختلف سرڪاري ۽ سماجي ادارن جي ڪميٽين توڙي علمي ادبي ۽ سماجي تنظيمن جو ميمبر به رھندو آيو آھي. کيس سندس سماجي خدمتن توڙي علمي ادبي ڪم جي حوالي سان ۽ ايف ايم جي حوالي سان مختلف تنظيمن پاران ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آھن.[1][2][3]

ڪتاب[سنواريو]

  • ٽريڊيشنل اڪالاجيڪل ناليج (گڏيل)
  • دادو ضلعي جو ماحولياتي جائزو
  • ڀٽائي جا پنڌ ۽ پيچرا
  • صابل ۽ بهرام جمالي (لوڪ داستان جا وسريل ڪردار)
  • 2010ع جي ٻوڏ جا مثبت اثر
  • آبھوائي تبديلين جا اثر (ٿر تي – شاگردن لاءِ)
  • سنڌ جي ماحولياتي لوڪ ڏاھپ
  • ڀٽائيءَ جا ڳايل پالتو پکي ۽ جانور
  • سانگهڙ ضلعي جو ماحولياتي جائزو
  • آفتون ۽ احتياط
  • آفتن متعلق بنيادي ڄاڻ (شاگردن لاءِ)
  • اڇڙو ٿر
  • سنڌ جا وجود وڃائيندڙ وڻ
  • کائڙ جو کاھوڙي
  • وجود وڃايل وڻ[4]

اڻ ڇپيل ڪتاب

  • مَکي ـــ سون جي دَکي
  • اھڃاڻ ڳالھائين ٿا
  • حُر تحريڪ
  • ڏينھن ۽ مھينا
  • شخصيتون ۽ ماڳ (سنڌ)
  • سانگهڙ جون نالي واريون شخصيتون
  • سانگهڙ جي تاريخ
  • تعلقي سنجھوري جي تاريخ
  • شخصيتون ۽ ماڳ (سنڌ)
  • نيپال جو سفرنامو
  • اشتياق انصاري: ھڪ گھڻ رُخي شخصيت

حوالا[سنواريو]