وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2023/مهينو آگسٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
"محمد جي منهن جو سڀ کان پراڻو ننڍو نقشو، جيڪو پٿر جي نصب ٿيڻ جي ڪهاڻي سان لاڳاپيل آهي (ڪتاب جامع التوارخ ۾ 14 صدي عيسويء سان تعلق رکي ٿو)"
"بلال بن رباح جو هڪ فارسي نقشو جڏهن 8 هجري ۾ مڪي جي فتح کان پوءِ ڪعبي جي ڇت تان اذان ڏئي رهيو هو.

مُحَمَّد (انگريزي: Hazrat Muhammad pbuh)(اپریل570ع - جون 632ع) مسلمانن جي عقيدي مطابق الله جو آخري نبي ۽ رسول ھيو جنھن تي آسماني ڪتاب قرآن مجيد نازل ٿيو. 40 سالن جي عمر ۾ عربستان جي شھر مڪي ۾ نبوت جو اظھار ڪندي اسلام جي توحيد واري عقيدي جي تبليغ جو آغاز ڪيو. سندس ڏنل تعليم عربن جي ان خطي ۾ ھڪ زبردست انقلاب برپا ڪيو. قرآن مجيد ۾ سندس زندگي مبارڪ کي اسوه سڏيو ويو آهي. سورة الاحزاب جي آيت 21 ۾ فرمان آھي ته:لقد کان لکم فی رسول اللہ اسوۃ حسنہ: ترجمو: "بيشڪ اوھان جي لاء خدا جي رسول ﷺ جي ذات ۾ ھڪ بھترين نمونو آھي." لفظ اسوة جي عام معنیٰ طريقو يا نمونو آھي. اسوہ انسان جي ان حالت کي چيو ويندو آهي جيڪا ھو ڪنھن ٻئي انسان جي پيروي ڪندي اختيار ڪري. اسلامي عقيدي مطابق محمد رسول الله ﷺ جن جي اطاعت مسلمانن جي ايمان جو لازمي جز ۽ فرض آهي ۽ ان جي اطاعت کي قرآن مجيد ۾ الله جي اطاعت جي مثل سڏيو ويو آهي. سورة النساء جي آيت ۶۴ ۾ قرآن فرمائي ٿو ته: وما ارسلنا من رسول الا لیطاع باذن اللّٰہ: ترجمو: "۽ اسان موڪليا جيڪي رسول تہ انھن جي پيروي ڪئي وڃي، الله جي حڪم سان". دين جي عالمن ۽ قرآن جي شارحن جو اھو عقيدو آهي ته قرآن ھڪ تحريري دستور آھي جنھن جي عملي صورت سرور ڪونين ﷺ جن جي ذات آھي، جن جو ڪوبه قول ۽ فعل حڪم خداوندئ کان وار برابر بہ ھيڏي ھوڏي ھٽيل نه آهي. ايليا (بيت المقدس) ۾ ھجرت جي پنجين سال ھرقل اعظم (Hercules) جي درٻار ۾ سندس بدترين دشمن ابوسفيان پڇا ڪرڻ تي ٻڌايو ھو تہ "نبوت کان اڳ بہ اوھان ﷺ ڪڏهن ڪوڙ نہ ڳالھايو آھي". پاڻ ڪريمن پنھنجي بيمثال ڪردار وسيلي ڪٺور قلبن کي نرم ڪري انھن جو تزڪيو ڪيو. سندن ھر عمل جي تقليد کي اسلامي دين ۾ سنت جو مقام حاصل آهي. مولانا ابوالڪلام آزاد مطابق:"قرآن ۽ نبي سائين ﷺ جن جي زندگي ساڳي شئي آھي، قرآن متن آھي تہ سيرة ان جي تشريح ۽ قرآن علم آھي تہ سيرة ان جو عمل. ان ڪري انسانيت جي سمورن اھنجن ۽ آزارن جو علاج ان سيرت جي مطالعي ۾ ئي ملي سگھندو".