وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2022/مهينو ڊسمبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
موھن جي دڙي جو پروھت
اجرڪ

اجرڪ سنڌي ثقافت جي مکيہ سڃاڻپن مان ھڪ آھي جنھن کي عام طور تي رسمن ۽ ثقافتي موقعن تي سنڌين اوڍيو ويندو آھي. سنڌين پاران اجرڪ مھمانن کي سوکڙي طور ڏيڻ جو رواج پڻ تمام گھڻو عام آھي. ھي ھڪ سوٽي ڪپڙي جي چادر آھي جيڪا تمام خوبصورت ٿيندي آھي. آثارن ۽ اھڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ ۾ اجرڪ جي تياري ۽ استعمال قديم زماني کان ٿيندو اچي. موئن جي دڙي مان مليل پروھت جي مورتي کي جيڪا چادر اوڍيل آھي اھو پڻ اجرڪ جو ھڪ قسم آھي جنھن جو ڍنگ ۽ ڊزائين بہ ھاڻوڪي ڪڪر واري اجرڪ سان ملندڙ آھي. ھڪ روايت مطابق، موئن جي دڙي جو پروھت روزانو صبح جو وھنجڻ بعد ھڪ نئين قسم جي چادر اوڍيندو ھو، ھڪ ڏينھن پائڻ لاءِ کيس اجرڪ ملي جيڪا کيس بيحد وڻي، ٻئي ڏينھن جڏھن سندس ٻانھو اجرڪ کڻڻ آيو تہ پروھت کيس چيو تہ ”اڄ رک“ يعني ھو اڄ بہ اھا ئي چادر پائڻ چاھي ٿو، ان ”اڄ رک“ واري جملي مان ڦري ھن تي اجرڪ نالو پئجي ويو.