وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2020/مهينو اپريل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪوروناوائرس جي ڊول وِديا (مورفولوجي) جو چِٽ خاڪو
ڪوروناوائرس جي بيماري 2019 (COVID-19) جا اُهڃاڻَ


ڪورونا وائرس جو مرض 2019 (COVID-19) هڪ پکڙجندڙ بيماري آهي جيڪا انتهائي موتمار تنفسي سينڊروم ڪورونا وائرس 2 (SARS-CoV-2) منجهان ٿيندي آهي. هي مرض سموري دنيا ۾ سال 2019 کان وٺي پکڙجڻ لڳو آهي ۽ جلد ئي عالمگير مها وبا جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. ان روڳ (مرض، بيماري) جا عام اُهڃاڻ يا علامتن ۾ بخار، کنگهه ۽ ساهه کڻڻ ۾ ڏُکيائي يا ساهه کڻڻ ۾ ٻُوسٽ ٿيڻ شامل آهن. چيلهه (پٺن) جو درد، ٿُڪ اچڻ ۽ ڳچيءَ جو سُڄي وڃڻ نراليون نشانيون آهن. اڪثر ڪيسن ۾ ٿورڙيون نشانيون ڏٺيون ويون، ڪُجھ صورتن ۾ مريض نمونيا ۽ مختلف عضون جي ناڪارگي جو شڪار پڻ ٿي ويندو آهي. سُڃاڻپ ٿيل معاملن ۾ موتَ جو تناسب 1 سيڪڙو ۽ 5 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي پر عمر ۽ صيحت جي ٻين حالتن جي لحاظ کان تبديل پڻ ٿي سگهي ٿو.

انفيڪشن هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ ۾ ساهه وسيلي پکڙجي ۽ منتقل ٿئي ٿو، جيڪو عام کنگھ ۽ ڇڪون يا نڇون اچڻ شامل آهن. عام ٻه ۽ چوڏهن ڏينهن جي وچ ۾ اُهڃاڻ (علامتون) ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، اوسطًا پنج ڏينهن۔ سُڃاڻپ ڪرڻ جو معياري طريقو نيزوفيرينجيئل سويب (nasopharyngeal swab) سان رِيورس ٽرانسڪرِپشن پولیيمِيريز چين ري ايڪشن (rRT-PCR) جي ذريعي سان ڪرڻ آهي. انفيڪشن جون سموريون گڏيل نشانيون، رِسڪ فيڪٽرز ۽ سيني جي سي ٽي اسڪين جي ذريعي نمونيا جون خصوصتون ظاهر ٿيڻ سان پڻ سُڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي.مرض کان بچاءُ جي لاءِ تجويز ڪيل مشورن ۾ هٿ ڌوئڻ، ٻين ماڻهن کان پري مفاصلو برقرار رکڻ ۽ ڪنهن جو مُنهن کي نہ هٿ نه لائڻ شامل آهي. ماسڪ جو استعمال عوام جي لاءِ نہ پر وائرس جي شڪي (مشتبا) ماڻهن ۽ اُنهن جي سارَسنڀال (نگهداشت) ڪندڙن جي لاءِ تجويز ڪيل آهي. COVID-19 جي لاءِ ڪوبہ ويڪسين يا مخصوص اينٽي وائرل علاج ناهي. ان مرض سان نبرڻ لاءِ ظاهر ٿيندڙ اُهڃاڻ يا علامتن (نشانين) جو علاج ۽ تجرباتي اندازو شامل آهن.

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) 2019–2020 جي ڪورونا پکيڙجڻ کي عالمگير وبا ۽ بين الاقوامي نوعيت جي عوامي صحت جي ايمرجنسي (PHEIC) قرار ڏنو آهي. روڳ (مرض) جي مقامي منتقلي جو ثبوت عالمي ادارو صحت (ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن) جي تمام 6 علائقن جي ملڪن ۾ مليو آهي.