مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

وٿي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
خلا سان ڀل نہ کائو.
هڪ ساڄي هٿ وارو ٽي-رخي ڪارٽيشين ڪوآرڊينيٽ سسٽم خلا ۾ پوزيشن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي

وٿي (space) هڪ ٽي-رخو تسلسل (continuum) آهي جنھن ۾ بيھڪون ۽ طرف شامل آهن.[1] ڪلاسيڪل فزڪس ۾، طبعي وٿيءَ کي اڪثر ٽن سڌن رخن ۾ ڏٺو ويندو آهي. جديد طبعيات دان عام طور تي ان کي، وقت سان گڏ، هڪ بغير حدن واري چار-رخي تسلسل (continuum) جو حصو سمجهن ٿا، جنھن کي اسپيس ٽائيم (spacetime) طور سڃاتو وڃي ٿو.[2] خلا جي تصور کي طبعي ڪائنات کي سمجهڻ لاءِ بنيادي اھميت ڏني وڃي ٿي. البتہ، فلسفين جي وچ ۾ اختلاف جاري آهي تہ ڇا اهو پاڻ هڪ وجود آهي، وجودن جي وچ ۾ هڪ تعلق آھي، يا هڪ تصوراتي فريم ورڪ جو حصو آهي.

19هين ۽ 20ھين صدي ۾ رياضي دانن جيوميٽرين کي پرکڻ شروع ڪيو جيڪي غير اڪيليڊين آهن، جن ۾ وٿيءَ کي اڪيليڊن جي خلا ۾ سڌي جي بجاءِ مڙيل وانگر تصور ڪيو ويندو آھي. البرٽ آئنسٽائن جي نظريي عام نسبت (general relativity) جي مطابق، ڪشش ثقل جي ميدانن جي چوڌاري وٿي اڪيليڊن وٿي کان انحراف ڪري ٿو.[3] عام نسبت جي تجربن ان ڳالھ جي تصديق ڪئي آهي تہ غير اڪيليڊين جاميٽريون خلا جي شڪل لاءِ هڪ بھتر نمونو مھيا ڪن ٿيون.

حوالا[سنواريو]

  1. "Space – Physics and Metaphysics". Encyclopædia Britannica. وقت 6 May 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 April 2008. 
  2. Bunyadzade, Konul (2018-03-15). "Thoughts of Time" (az ۾). Metafizika Journal (AcademyGate Publishing) 1: 8–29. doi:10.33864/MTFZK.2019.0. https://metafizikajurnali.az/yukle/files/Vol.1-8%281%29.pdf. Retrieved 2018-03-15. 
  3. Carnap, R. (1995). An Introduction to the Philosophy of Science. New York: Dove. (Original edition: Philosophical Foundations of Physics. New York: Basic books, 1966).