مواد ڏانھن هلو

وقت جو سفر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڇا ٽائم ٽريول ممڪن آهي.

”دريا خان سنڌي“

فرض ڪريو تہ اوھان وٽ هڪ اهڙي گاڏي آهي جيڪا اوهان کي ماضي يا مستقبل ۾ سفر ڪرائي ٿي. هڪ ڏينھن اوهان جي دماغ ۾ خواهش پيدا ٿئي ٿي تہ اوھان 1920ع ۾ پھچي وڃو ۽ پنھنجي ڏاڏي کي ماري ڇڏيو. اوهان ان گهڙي جا ڪجهه بٽڻ لڳايو ٿا ۽ اچانڪ پنھنجو پاڻ کي پنهنجي ڏاڏي سان گڏ پايو ٿا جيڪو ڪنوارپ ۾ پنھنجي نوجواني جي دور ۾ ڪنھن جبل تي بيٺي قدرت جي نظارن جو لطف وٺي رهيو آهي، اوهان کي پنھنجو ڏاڏو ڪڏهن بہ پسند نہ رھيو آھي. اوهان پنھنجي ڏاڏي کي جبل تان ڌڪو ڏئي ڇڏيو ٿا ۽ اهو هزارين ميٽر وڏي غار ۾ وڃي ڪري ٿو.

پر صبر ڪريو! جيڪڏهن اوهان پنھنجي ڏاڏي کي پنھنجي پيءُ جي پيدائش کان پھريان ماري ڇڏيو آهي تہ ان جو مطلب هي آهي تہ اوهان جي پيدا ٿيڻ جو ڪو امڪان ناهي. جيڪڏهن اوهان پيدا ناهيو ٿيا تہ ظاهر آهي تہ اوهان جي ماضي ۾ وڃڻ جو ڪو امڪان ناهي. جڏهن تہ اوھان کي پنھنجي ڏاڏي کي مارڻ جو ائين ڪو بہ امڪان ناهي ڇوجو اوهان تہ پيدا ٿيا ئي ناهيو. جيڪڏهن اوهان پنھنجي ڏاڏي کي ماريو ناهي تہ ان جو مطلب هي ٿيو تہ ان جي ويجھو اوهان جو والد پيدا ٿيندو ۽ اوهان جي والد مان اوهان پيدا ٿيندا. جڏهن تہ ان ڳالھ جو امڪان آهي تہ اوھان ماضي ۾ وڃي سگهو ٿا ۽ پنھنجي ڏاڏي کي ماري سگھو ٿا. هي تضاد گرینڊ فادر چورائبو آهي ۽ ان قسم جا تضاد ماضي ۾ سفر ڪرڻ کي ناممڪن بنائي ڇڏيندا آهن.


گرینڊ فادر پیراڊاڪس ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي مشتمل ماضي ۾ وڃڻ هوندو آهي. هاڻ اسان هڪ اهڙي مثال وٺون ٿا جنھن ۾ وقت جو هي فرق گهٽ آهي. فرض ڪجي اوهان ۽ مان هڪ جھڙيون گهڙيون پاتيون آهن ۽ اسان ٻئي انھن گھڙين جو وقت ملائي ڪري هي يقين ڪيون تہ ٻئي گهڙيون هڪ ئي وقت ڏيکاري رهيون آهن. ان کان پوءِ مان اسپيس شٽل ۾ خلا ۾ وڃان ٿو جتي مان 28000 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪيان ٿو. زمين جي گردش ۾ ڪجهه چڪر لڳائڻ کانپوءِ مان وري زمين تي لھان ٿو ۽ ٻنهي گھڙين ۾ وقت ڏسندو آهيان تہ معلوم ٿيندو آهي تہ منھنجي گھڙي ڪجهه پوئتي ٿي وئي آهي جڏهن تہ هي فرق گهڻو ئي گهٽ آهي پر هي فرق موجود ضرور آهي

ان منظر کي Time dilation چئبو آهي.

آئنسٽائين جي نظريي موجب جڏهن شيون يا تہ گهڻي تيزي رفتار سان سفر ڪنديون آهن ۽ گھڻي ڪشش ثقل جي اثر ۾

هونديون آهن تہ وقت جي رفتار سست ٿي ويندي آهي. ان Time dilation جو هڪ مثال هي آهي تہ جڏھن خلاباز اسپيس اسٽيشن تي ڇھ مھينن جو عرصو گذارڻ کان پوءِ زمين تي واپس ايندا آهن تہ انھن جي عمر ۾ اضافو زمين تي رهڻ واري ماڻھن جي عمر ۾ اضافي کان تقريبن پنج ملي سيڪنڊ گهٽ هوندو آهي.

جڏھن تہ هي فرق ايترو معمولي آهي ان کي نظر انداز ڪري سگھجي ٿو پر اهوئي ئي خلا باز ڪنهن اهڙي خلائي جھاز ۾ ڇھ مھينا گذاري جنھن جي رفتار روشني جي رفتار جو 99 سيڪڙو هجي تہ هي فرق تمام گھڻو ٿي ويندو.

دلچسپ ڳالھ هي آهي تہ جيڪڏهن ڪنھن شي جي رفتار روشني جي رفتار جو 70 سيڪڙو هجي تڏهن بہ هي فرق معمولي ئي رهندو پر جيئن جيئن ان شي جي رفتار روشني جي رفتار جي ويجهي ٿيندي ويندي هي فرق وڌندو ويندو.


ان کان وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالھ هي آهي تہ نظريي اضافت جي رويي سان تمام گهڻي تيز رفتار حرڪت جي صورت ۾ حرڪت ڪندڙ شي جي ڊگهائي گهٽ ٿي ويندي آهي ۽ حرڪت جي سمعت ۾ فاصلو بہ سڪڙجي ويندو آهي. جيڪڏھن اوهان جي رفتار روشني جي رفتار جو 90 سيڪڙو هجي ۽ اوهان اهڙي مقام تي وڃڻ چاهيندا هجو جيڪو ڏھ نوري سال پري آهي تہ اوھان شايد هي توقع رکندا تہ اوھان جو ھي سفر يارهن سالن ۾ مڪمل ٿيندو. هي درست آهي تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو زمين کان اوهان جي خلائي جھاز جو مشاهدو ڪري رهيو آهي تہ اهو ئي مشاهدو ڪندو تہ اوھان کي ان سفر ۾ يارهن سال لڳا، پر ان خلائي جھاز ۾ موجود ماڻھن جو مشاهدو هي هوندو تہ هي سفر صرف 4.4  سالن ۾ ئي ڪٽجي ويندو.

پر ڇا هي حقيقت ۾ ٽائيم ٽريول آهي؟

جڏهن تہ ٽائيم ٽريول جي عمومي تصور جي موجب شايد ان کي ٽائيم ٽريول نہ چيو وڃي پر جڏهن اوهان اسپيس ۽ ٽائيم کي سمجھندا آهيو تہ پوءِ انکي ٽائيم ٽريول ئي چيو ويندو. جڏهن اوهان روشني جي رفتار جي 90 سيڪڙو جي رفتار سان واپس زمين تي ايندئو تہ اوهان جي عمر ۾ تقريبن نو سال جو وڌاءُ ٿيو هوندو پر اوهان جو اهو ئي ساٿي جيڪو زمين تي ئي رھي ٿو ان جي عمر ۾ پوري 22 سال جو وڌاءُ ٿي چڪو هوندو. ائين هڪ طرح سان هي چئجي سگهجي ٿو تہ اوھان 13 سال مستقبل ۾ سفر ڪيو آهي.

اچو ان کي هڪ ٻئي مثال سان سمجهون ٿا، فلم Interstellar جو مرڪزي ڪردار ڪوپر ۽ انجو عملو هڪ اهڙي سياري تي لھندا آهن جنھن تي پاڻي موجود آهي جنھن جي ڪشش ثقل زمين جي ڪشش ثقل کان 30 سيڪڙو گهڻي آهي. هي سيارو هڪ سپر ميسووا بليڪ هول Super massive black hole جي گھڻو ويجهو آهي جنھن جو نالو Gargantua آهي جنھن جي چوڦير ان سياري جي گردش جي رفتار روشني جي رفتار جي 55 فيصد جي برابر آهي، انھن ٻنھي سببن جو مجموعي نتيجو هي هوندو آهي تہ ان سياري تي وقت جي رفتار پوئتي رهي ويل خلا بازن جي ريفرنس فريم جي وقت جي مقابلي ۾ 61000 ڀيرا گهٽ آهي. ائين ان سياري تي هڪ ڪلاڪ باقي خلا بازن جي ست سال جي برابر آهي جڏهن ڪوپر پنھنجي ریفرنس فریم ۾ ان سياري تي 3 ڪلاڪ گذاري ڪري پنھنجي خلائي جھاز ۾ واپس ويندو آهي تہ خلائي جھاز جي خلا بازن جي عمر ۾ 23 سال جو اضافو ٿي چڪو هوندو آهي، جيتوڻيڪ هي فلم سائنس فڪشن آهي پر نظري اضافت جي رويي سان هي درست آهي تہ خلا بازن جي ریفرنس فریم ۾ 23 سال گذري چڪا هوندا ائين هي چئجي سگھجي ٿو تہ ڪوپر ۽ انجي عملي 23 سال مستقبل ۾ سفر ڪيو.

هاڻي تائين اسان نہ صرف مستقبل ۾ سفر ڪرڻ تي بحث ڪئي آهي پر ڇا ماضي ۾ سفر ڪرڻ بہ ممڪن آهي؟

ڪجهه سائنسدانن جو خيال آهي تہ اسپيس ۾ ڪجهه  خصوصي طور تي سفر ڪرڻ سان ماضي ۽ مستقبل ٻنهي ۾ وڃڻ ممڪن ٿي سگھي ٿو پر ائين ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهڙي حرڪت گھربل هوندي جنھن کي (CTC) closed -time-like curve چئبو آهي. CTC اسپيس ٽائيم ۾ هڪ قسم جو دائرو آهي جيڪو اصولي طور تي ڪنھن کي پنھنجي ماضي ۾ وڃڻ جو رستو فراھم ڪري سگهي ٿو.

ماضي ۾ سفر ڪرڻ بابت سائنس گهڻي پيچيدھ ۽ گھڻين قياسن تي مبني آهي. گهڻن سائنسدانن جو خيال آهي تہ ماضي ۾ سفر منطقي طور تي ممڪن ناهي ڇوجو ان سان علت causality جي قانونن ۾ نفي ٿئي ٿي. ان جي سٺي مثال Grandfather paradox يا ڏاڏي جو تضاد آهي جيڪو پھريان مٿي واضح ڪري چڪا آهيون. جيڪڏهن انھن سائنسدانن جون دعوائون درست آهن تہ ماضي ۾ سفر ڪرڻ سان گهڻا تضاد پيدا ٿي سگھن ٿا. ان جو منطقي نتيجو اهو ئي نڪري ٿو تہ ماضي ۾ سفر ممڪن ناهي. ان جي برعڪس نوواڪوف جو self-consistency جو اصول درست آهي جنھن ۾ ماضي ۾ وڃڻ جو امڪان موجود آهي. نوواڪوف جو اصول هي آهي تہ جيڪڏهن ڪو اهڙو واقعو ممڪن آهي جنهن سان تضاد پيدا هجڻ جو انديشو هجي يا جنھن سان ماضي ۾ تبديل ٿي وڃڻ جو امڪان هجي تہ اهڙي واقعن جو امڪان زيرو آهي ائين ماضي ۾ سفر سان تضادن جو پيدا ٿيڻ ممڪن ناهي پر گهڻو ڪري سائنسدان نوواڪوف جي اصول کي تسليم ناهين ڪندا.

هڪ ٻيو امڪان هي آهي تہ ماضي ۾ سفر جي لاءِ ورم هولن جو استعمال ڪيو وڃي. اصولي طور تي نظريو اضافت جي رياضي سان ورم هولن جي فزڪس جڳھ وٺي سگهي ٿي.

ماضي ۾ سفر ڪرڻ جي لاءِ اسان کي Transversable ورم ھول جي ضرورت پوندي. ان جي لاءِ اوهان کي گهڻي پيچيدھ ۽ غير مانوس فزڪس جي ضروت پوندي. Transversable ورم ھول سان ماضي ۾ وڃڻ جي لاءِ ھنن ٻنهي طريقن سان يقيني بڻائي سگهجي ٿو.

پھريون طريقو تہ ورم ھول جي هڪ سري ۾ اسراع پيدا ڪري ان کي قريب روشني جيتري رفتار ڏني وڃي ۽ ان کان پوءِ ان کي واپس ٻئي سري ڏي آندو وڃي ۔ Time dilation جي ڪري ڪنھن ٻئي ريفرنس فريم ۾ موجود مشاھدن جي لاءِ ورم ھول جي ان سري ۾ وقت رفتار سست ٿيندي جنھن روشني جي رفتار جي ويجهي رفتار سان سفر ڪيو.

ٻيو طريقو هي آهي تہ ورم ھول جو هڪ سرو ڪنهن بليڪ هول جي ويجهي وٺي وڃجي جيئن ان جي هڪ سري تي ڪشش ثقل ٻئي سري جي نسبت تمام گهڻي هجي ان کان پوءِ ٻنهي سرن جي ڦيري سان هڪ ٻئي جي ويجهو وٺي وڃجي.

ورم ھول جي ڪانسيپٽ کي سمجهڻ گهڻو مشڪل ڪم آهي. ان کي هڪ مثال سان سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. فرض ڪريو تہ 2000ع ۾ اسان ٻئي پنھنجي گھڙين کي ملايون ٿا. ان کان پوءِ مان پنھنجي خلائي جھاز ۾ ان ورم ھول جي هڪ سري تي پهچان ٿو ۽ ان سري کي پڪڙي ڪري روشني جي رفتار سان سفر ڪيان ٿو. چار سال سفر ڪرڻ کان پوءِ مان ان ورم ھول جي سري کي واپس وٺي اچان ٿو هاڻي منھنجي گهڙي 2004ع ڏيکاري رهي آهي پر اوهان جي گهڙي 2012ع ڏيکاري رهي هوندي. هاڻ جيڪڏهن ڪو شخص 2012ع ۾ ورم ھول جي ان سري ۾ داخل ٿي وڃي جنھن کي پڪڙي ڪري اسان تيز رفتار سان سفر ڪيو هيو ۽ ٻئي سري کان ٻاهر نڪري اچي تہ اهو پنھنجو پاڻ کي 2004ع ۾ پائيندو. اهو ٿي ويو اسپيس جي ان مقام تي جتي اهو پھريون هيو پر هاڻي 8 سال ماضي ۾ هوندو.


ان مفروضي کي ڪاغذ جي هڪ ورق سان آساني سان سمجھي سگھجي ٿو. ان ڪاغذ کي اسپيس ٽائيم تصور ڪريو. ورم ھول بالا اسپيس ٽائيم آهي جنھن ۾ هڪ داخل ٿيڻ جو رستو آهي ۽ هڪ خارج ٿيڻ جو. ان کي ائين سمجھجي تہ اوھان ڪاغذ جي موڙ کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ٻنھي پرتن ۾ هڪ سوراخ ڪري ڇڏيو آهي. اوهان انهن ٻنهي سوراخن جي وچ ۾ موجود ڪاغذ يعني اسپيس ٽائيم کي گذاري ڪري هڪ نقطي کان ٻئي نقطي تي پهچڻ بجاء انهن سوراخن کان گذر ڪري هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ پھچي رهيا آهيو.

ان قسم جي ورم هول ۾ هڪ مسئلو هي آهي تہ اوھان ماضي ۾ سفر تہ ڪري سگهو ٿا پر ورم ھول جي پيدائش کان پھريان جي دور ۾ نٿا وڃي سگهو. ائين هي ماضي ۾ وڃڻ جو ذريعو نٿو بڻجي سگهجي جيڪڏھن ان جي ذريعي وقت کي شارٽ ڪٽ ڪري سگهجي ٿو. ان سان اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو تہ مستقبل جي مخلوق ان جي ذريعي پنھنجي ماضي ۾ ان وقت تائين پھچي وڃي جڏهن هي ورم ھول تخليق ڪيو ويو هيو پر جي هي ورم ھول اڄ تخليق ڪيو وڃي تہ اسان ان کي استعمال ڪري ڊائنوسورن جي عھد ۾ نٿا وڃي سگهون.

وقت ۾ سفر ڪرڻ جو هڪ ٻيو ممڪن طريقو هي آهي جنھن ۾ انسان جي جسم کي وڏي عرصي جي لاءِ محفوظ ڪري ڇڏجي جنھن کي Cryopreservation چئبو آهي. سائنس جو اهو شعبو جنھن ۾ انسانن کي وڏي عرصي جي لاءِ محفوظ ڪرڻ تي ريسرچ ڪئي ويندي آهي جيڪو Cryonics چورائجي ٿو ان تي 1960ع جي ڏهاڪي کان ريسرچ جاري آهي. ان کي گھڻي کان گھڻو قياسي سائنس چئي سگهجي ٿو. ان جي حامين جو چوڻ آهي تہ موت هڪ خاص وقت تي ناهي ايندي پر موت هڪ پيچيدھ عمل آهي پر ان عمل جي شروع ٿيڻ کان پھريان ئي انسان کي محفوظ ڪري ڇڏبو تہ انسان کي گھڻي مدت جي لاءِ محفوظ ڪري سگھجي ٿو پر مسئلو هي آهي تہ انسانن کي مرڻ کان پھريان منجمند ڪري ڇڏڻ غير قانوني آهي. ائين جيڪڏهن ڪو ماڻھو پنھنجو جسم محفوظ ڪرائڻ چاهي تہ ان کي ان جي ڪلينڪل موت جي فورن بعد منجمد ڪري ڇڏبو آهي. جسم جي گرمي پد کي منفي 130 ڊگري سينٽي گريڊ تي رکڻ سان ان ڳالھ جو امڪان آهي تہ دماغ جون تعميرون سالن تائين محفوظ رهنديون جيئن مستقبل جا ڊاڪٽر ۽ سائنسدان سٺي ٽيڪنالوجي سان ان ماڻهو کي ٻيهر زندھ ڪري سگھن.

ان قدر گهٽ گرمي پد سان انساني جسم جو نقصان بہ ھوندو آھي ڀلي ان کي محفوظ ڪرڻ ۾ ڪيتري ئي احتياط ڇو نہ ورتي وڃي. ائين اڄ جا ڊاڪٽر صرف هي اميد ئي ڪري سگهن ٿا تہ مستقبل ۾ ٽيڪنالوجي ايتري ترقي يافتہ ٿي ويندي تہ محفوظ ڪيل دماغ جي ماليڪيولي ليول کي ٻيھر سرگرم ڪيو وڃي تہ جيئن دماغ جي مرحلاڻ ٻيھر شروع ٿي سگھي ۽ دماغ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. جي مستقبل ۾ ٽيڪنالوجي ايتري ترقي ڪري تہ ان طرح سان محفوظ ڪيل انسانن کي ٻيھر زندھ ڪيو وڃي تہ هي انسان مستقبل ۾ سفر ڪري چڪا هوندا. هي ايترو سولو ناهي جيترو سائنس فڪشن جي ڪھاڻين ۾ ڏيکاريو ويندو آهي پر اصولن ائين ڪرڻ ممڪن ناهي.