شيطان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عرب مؤرخ طبري جي ڪتاب تاريخ طبري ۾ ڏنل تمثيلي خاڪو جنھن ۾ شيطان کي آدم آڏو سجدي کان انڪار ڪندي ڏيکاريل آهي

:شيطان': Satan: ابراھيمي مذھبن ۾ ڏيکاريل ھڪ وجود جيڪو ماڻهن کي گناھ طرف ترغيب ڏئي گمراھ ڪندو آھي .

اسلام ۾ شيطان جو تصور[سنواريو]

شيطان ۽ ھم معنيَ لفظ[سنواريو]

مولانا مودودي تفھيم القرآن ۾ لکي ٿو تہ شيطان عربي زبان جو لفظ آھي جيڪو قرآن ۾ انسانن ۽ جنن لاء استعمال ٿيو آھي . ھي لفظ سرڪشي ڪندڙ، متمرد: نافرمان ۽ شوريده سر: جنوني لاءِ استعمال ٿيندو آهي[1].فاسق لفظ جي معني به ساڳي آهي يعني نافرمان يا اطاعت جي حد کان نڪري وہندڙ.[2] ابليس لفظ جي معني آهي "انتھائي مايوس".[3].

شيطان ھڪ جن[سنواريو]

مسلمانن جو خيال آهي ته شيطان ان جن جو نالو آهي جنھن الله جي حڪم جي نافرماني ڪري آدم ۽ انجي اولاد جي لاءِ مطيع ٿيڻ کان انڪار ڪيو تفھيم القرآن ۾ لکيل آهي تہ ھن الله کان قيامت تائين مھلت ورتي تہ کيس انساني نسل کي گمراه ٿيڻ جو موقعو ملي جيڪا کيس ڏني وئي. ابليس ۽ شيطان ان ساڳي جن جا ٻہ نالا آھن . مولانا مودودي ملائڪن وانگر شيطان يا ابليس مجرد قوت سان گڏوگڏ انسان وانگر تشخص رکندڙ وجود آھي پر ان جي باوجود ھي فرشتو نہ ھيو. مولانا مودودي وڌيڪ لکي ٿو تہ خود قرآن مان اھو ثابت آهي تہ اھو جنن جي مخلوق مان ھيو جيڪي فرشتن کان ھڪ الڳ مخلوق آھي[4].

عيسائيت ۾ شيطان جو تصور[سنواريو]

يھوديت ۾ شيطان جو تصور[سنواريو]

ٻين مذھبن ۾ شيطان جو تصور[سنواريو]

جديد سائنسي علم ۽ شيطان جو تصور[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. { تفھيم القرآن، جلد 1 ، صه 54 ، مولانا ابوالاعلي مودودي، ادارہ ترجمان القرآن لاھور}
  2. { تفھيم القرآن، جلد 1 ، صه 60 ، مولانا ابوالاعلي مودودي، ادارہ ترجمان القرآن لاھور}
  3. { تفھيم القرآن، جلد 1 ، صه 65 ، مولانا ابوالاعلي مودودي، ادارہ ترجمان القرآن لاھور}
  4. { تفھيم القرآن، جلد 1 ، صه 65 ۽ 66 ، مولانا ابوالاعلي مودودي، ادارہ ترجمان القرآن لاھور}