ڳوٺ واحد ڏنو انڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(واحد ڏنو انڙ کان چوريل)

واحد ڏنو انڙ (انگريزي: Wahid Dino Unar) ديھ جهڪي[1]، تعلقي ۽ ضلعي مٽياريءَ جو هڪ ڳوٺ آهي[2]. هيءُ ڳوٺ ٽنڊي ڄام جي اتر ۾ اٽڪل يارهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آباد آهي. سنڌ جو تاريخي شهر نصرپور هتان کان اٽڪل ڏھ ڪلوميٽر اوڀر طرف ۽ ڳوٺ الهڏنو ساند چار ڪلوميٽر اولھ طرف آباد آهي. هي ڳوٺ ٽنڊوڄام کان شاهپور درپور ويندڙ پڪي رستي جي ڀرسان اڏيل آهي[3]. سنڌ جو مشهور حڪيم پير حاجن شاھ هن ڳوٺ جو رهواسي هو، جنهن وٽ نه فقط سنڌ پر ڏيساور کان به مريض علاج ڪرائڻ ايندا هئا. سندس والد پير علي مردان شاھ راشدي به پنهنجي دور جو وڏو حڪيم هو. پير حاجن شاھ جي مقبوليت سبب هن ڳوٺ کي ”حڪيم پير حاجن شاھ جو ڳوٺ“ يا ”پير جو ڳوٺ“ پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو.

هن ڳوٺ ۾ هڪ پرائمري اسڪول قائم آهي. ڳوٺ ۾ راشدي پير، انڙ، ڪنڀار، برفت، مينگهواڙ، ڀيل، ڪولهي ۽ ٻين ذاتين وارا ماڻهو رهن ٿا. ڳوٺ جي آسپاس واريون زمينون تمام زرخيز آهن ۽ هتي، وونئڻ، ڪڻڪ، ڪمند ۽ ڪيلي جا باغ عام آهن. انبن ۽ ٻيرن جا باغ پڻ آسپاس ۾ موجود آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. "جاهڪي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-12. 
  2. "جُهڪي (ديهه) : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-12. 
  3. Reporter, Our Staff. "CM forms body to inspect, evaluate road schemes". nation.com.pk. حاصل ڪيل 2020-03-12.