هيلن بوليڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هيلن بوليڪ Helin Bölek
پيدائش 1992
نيسان ، ترڪي
وفات اپريل 3, 2020(2020-04-03)
استنبول, ترڪي
مدفن استنبول
پيشو ڳائڻي (سنگر)

هيلن بوليڪ (انگريزي ٻولي: Helin Bölek) (جنم 1992 -وفات 3 اپريل، 2020) کاٻي ڌُر جي ترڪ لوڪ ميوزڪ بينڊ گروپ يوريم جي رڪن هُئي.[1][2]

زندگي ۽ جاکوڙ[سنواريو]

بوليڪ، اصل ۾ ديارباقر جي هڪ ڪُٽنب جي نياڻي (ڌيءُ) هئي، جوانيءَ کان ئي هن فن ۾ ڪم ڪيو هيو. هن هڪ گروپ ۾ سولوسٽ (سولو گانو ڳائيندڙ ڳائڻي) جي حيثيت سان حصو ورتو. نومبر 2016 ۾ استنبول جي ايڊل ڪلچر سينٽر ۾ پوليس آپريشن دوران، "پوليس خلاف مزاحمت، توهين ۽ هڪ دهشت گرد تنظيم جي رڪنيت" جي الزام هيٺ ان گروپ جي ستَ ڀاتين سميت کيس پهريون حراست (پڪڙي ويهارڻ) ۾ ورتو ويو هيو ۽ پوءِ کين گرفتار ڪيو ويو هيو. بوليڪ کانسواءِ، بهار ڪرٽ، بارڪ يوڪسل، ابراهيم گوڪيڪ ۽ علي آرڪا گڏجي اعلان ڪيو تہ هو ثقافتي مرڪز تي سندن دٻاءٌ، ڪنسرٽ تي پابندي، ڇاپن جي خاتمي جي لاءِ 17 مئي 2019 تي "اڻ ڄاڻايل مُدت ۽ ناقابل واپسي (تنسيخ)" بُک هڙتال شروع ڪري رهيا آهن. 11 مارچ، 2020 تي، تڪرار جي ڏينهن، موت جي 268 هين ڏينهن اڳ، ابراهيم گوڪيڪ ۽ 265 هون ڏينهن هيلن بوليڪ کي پوليس انهيءَ صبح سندن گهر ڪاڪ ارموتلو، استنبول تي ڇاپو هڻي ڪارروائيءَ کانپوءِ کين عمرانيئي ٽريننگ اينڊ ريسرچ اسپتال آندو ويو. سندن وڪيل ڊيڊيم سينسل جي ذريعي هڪ جاري ڪيل بيان ۾، يوريم گروپ جي ٻنهين ميمبرن ٻُڌايو تہ کين ايمبولينس ۾ کڻي اچي اسپتال آندو ويو هيو ۽ کين ايمرجنسي روم ۾ داخل ڪرايو ويو هيو، جتي هنن اعلان ڪيو هيو تہ هو مداخلت ۽ علاج کي قبول نہ ڪندا.

موت[سنواريو]

هيلن بوليڪ، استنبول ۾ پنهنجي گھر تي بُک هڙتال جي 288 هين ڏينهن 3 اپريل، 2020 تي فوت ٿي وئي هئي، بُک هڙتال جيڪا بينڊ سان ڪيل سُلوڪ (ورتاءُ) جي خلاف احتجاج ڪرڻ خلاف رجب طيب اردگنوان جي سربراهي ۾ ترڪ حڪومت پاران لاڳو ڪيو ويو هيو۔[3][4][5]

حوالا[سنواريو]

  1. "Helin Bölek of Turkish band Grup Yorum dies after hunger strike". Ahval. حاصل ڪيل 2020-04-06. 
  2. Press, The Associated (2020-04-03). "Member of Turkish Band Dies on 288th Day of Hunger Strike" (en-US ۾). The New York Times. ISSN 0362-4331. https://www.nytimes.com/aponline/2020/04/03/world/europe/ap-eu-turkey-hunger-strike.html. 
  3. "Member of banned Turkish folk group dies after hunger strike". The Guardian. حاصل ڪيل April 5, 2020. 
  4. Kamer, Hatice. "288 gündür ölüm orucunda olan Grup Yorum üyesi Helin Bölek hayatını kaybetti". BBC News Türkçe (ٻولي ۾ Turkish). حاصل ڪيل April 5, 2020. 
  5. "Death Fasting Grup Yorum Member Helin Bölek Loses Her Life". Bianet – Bagimsiz Iletisim Agi. حاصل ڪيل April 5, 2020.