هيروڊوٽس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(هيرودوت کان چوريل)
ھيروڊوٽس

ھيروڊوٽس جي منھن وارو مجسمو جيڪو چوٿين صدي ق م جي مجسمي جي ٻين صدي عيسويءَ ۾ رومين جو ٺاھيل نقل آھي
پيدائش ت. 484  ق م
ھيليڪارنس, ڪاريا, اناطوليه, فارس واري ايمپائر
وفات ت. 425 ق م (لڳ ڀڳ 60 سال)
ٿورياء, ڪيلابريا يا پيلا, مقدوينه
پيشو مؤرخ
مشھور ڪم تاريخون
ماءُپيءُ
  • لڪسس (پيءُ)
  • ڊرايوٽس (ماءُ)
رشتيدار
  • ٿيوڊرس (ڀاءُ)
  • مشھور شاعر پئنياسس (سؤٽ يا چاچو)

هيروڊوٽس (489 ق.م _ 420 ق. م) يونان جو وِدوان، سياح، تاريخدادن ۽ مهم جو شخص ٿي گذريو آهي[1]سندس ڄمڻ جو هنڌ هيليڪارنس هو جيڪو ھن وقت ترڪي جي بندرگاهه واري شھر بوڊرم لڳ واقع هو 490 ۽ 480 ق.م جي وچ ۾ پيدا ٿيو. اهو دور انهن ٻن ڪاهن جي وچ وارو آهي جيڪي يوناني سرزمين تي ايرانين ڪيون هيون ۽ جن بابت اڳتي هلي کيس پنهنجي تاريخ ۾ بيان ڏيڻو هو[2]. هو جنهن وقت پيدا ٿيو تڏهن هيليڪارنس ايرانين پاران فتح ڪيل هڪ يوناني ڪالوني هو[3][4][2] ۽ ايرانين پاران فتح ڪيل اهڙين ڪالونين پاران پنهنجي آزادي ٻيهر حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ئي ايراني سلطنت سان جوٽيل عظيم جنگين جو اهم ڪارڻ هيون[2]. ايشيا مائنز جي شهر، فئليڪرناسز ۾ 489 ق.م ۾ ڄائو ۽ سن 420 ق. م ۾ ديهانت ڪيائين. هيروڊوٽس ڄائو، نپنيو، پَليو ۽ وڏو اُتي ئي ٿيو[1]. پر پوءِ سياسي حالتون ڏسي اُتان لڏي ويو ۽ ايران جي شهنشاهه دارا اعظم (اول) جو ڌاڪو ٻُڌي، ان وٽ آيو ۽ دارا لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين[1].جڏهن 480 ق.م ۾ ايراني شهنشاهه زرڪسيز جي وڏين فوجين جي پسپائي جي نتيجي ۾ اهي يوناني شهر آزاد ٿيا ته اتي سياسي عدم استحڪام جو هڪ دور شروع ٿي ويو ۽ هيرو ڊوٽس تڏهن اڃا نوجوان ئي هو جو کيس مجبوراً پنهنجو وطن ڇڏڻو پيو. جيئن ته سندس ڪٽنب هوندي سوندي وارو هو تنهن ڪري هن وٽ سفر ڪرڻ جا وسيلا موجود هئا ۽ هو ڪيترا ورهيه اوڀر ڀونوچ جي علائقن، مصر، فلسطين ويندي ميسوپوٽيميا تائين سفر ڪندو رهيو[2]. شايد سندس ذهن ۾ اهو هو ته هو ايران سان عظيم جنگ جي تاريخ لکندو پر اڳتي هلي هن پنهنجي رٿا کي وڌائي ڇڏيو ۽ ٻيو دفعو مصر جو دورو ڪيائين ۽ ڏکڻ طرف اسوان تائين لهي ويو اولهه ۾ سائرينائڪا تائين ويو هليو ۽ وڏي همٿ ڪري ڪاري سمنڊ جي علائقي تائين ويو هليو جتي هو يوناني ڪالونين ۽ سٿيائي وحشين جي قبيلن سان پڻ رابطي ۾ آيو[2]. هو هڪ کان وڌيڪ دفعا ايٿنس ويو جتي عظيم اٿينائي مدبر پيريڪلس سان واقفيت پيدا ڪيائين ۽ چيو وڃي ٿو ته 446 ق.م ۾ پنهنجي تاريخ جو هڪ ٽڪرو عوامي ميڙ ۾ پڙهي ٻڌايو هئائين ۽ کيس سرڪاري خزاني مان 10 ٽيليٽ (تقريباً 2000 پائونڊ) انعام به پيش ڪيو ويو هو[2].[1].

تصنيفون ۽ سوانحون[سنواريو]

ھن جو ڪتاب ھسٽريز(انگريزي: The Histories) ھن جي جڳ مشھور تصنيف آهي جنھن ڪري پھرين صدي عيسويءَ ۾ مشھور رومي ڏاھي سيسرو کيس تاريخ جو ابو جو لقب ڏنو[5]. ان ۾ ھن فارسي ايمپائر ۽ يونانين وڇ ۾ لڳل جنگن جو احوال ڏنو آھي. اھو ھن يوناني ٻوليءَ جي آيونيائي لھجي ۾ لکيو ھو.

ھسٽريز جا ترجما[سنواريو]

وفات[سنواريو]

هو پنهنجي زندگي جي آخري ورهين ۾ ڏکڻ اٽلي ۾ ٿُرائي جي يوناني ڪالوني ۾ رهڻ لڳو پر ائين نه ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته هو ڪڏهن روم يا ٻئي ڪنهن ايٽرسڪن شهر ويو هو[2]. سندس ڪتاب ۾ 429 ق.م کان پوءِ جي ڪنهن به واقعي جو ذڪر نه آهي ۽ سمجھيو وڃي ٿو ته هو انهي کان چار يا پنج ورهيه پوءِ فوت ٿي ويو آهي[2].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 [ ڪتاب: سنڌ گهمندڙ سيلاني، سنڌي ادبي بورڊ]
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 [1] ڪتاب جو نالو؛ هڪ سؤ عظيم ڪتاب؛ مصنف: محمد احمد منصور عباسي؛ ايڊيشن:2012ع؛ ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. Dandamaev, M. A. (1989). A Political History of the Achaemenid Empire. Brill. p. 153. ISBN 978-90-04-09172-6. "The ‘Father of History’, Herodotus, was born at Halicarnassus, and before his emigration to mainland Greece was a subject of the Persian empire." 
  4. Kia, Mehrdad (2016). The Persian Empire: A Historical Encyclopedia. ABC-CLIO. p. 161. ISBN 978-1-61069-391-2. "At the time of Herodotus’ birth southwestern Asia Minor, including Halicarnassus, was under Persian Achaemenid rule." 
  5. T. James Luce, The Greek Historians, 2002, p. 26.