نيئلس ھينرڪ ابيل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(نيئلس ھينرڪ ايبل کان چوريل)
نيئلس ھينرڪ ايبل

نيلس ھينرڪ ايبل
پيدائش 5 آگسٽ 1802(1802-08-05)
نيڊسٽرئنڊ, ڊينمارڪ-ناروي
وفات 6 اپريل 1829 (عمر 26 سال)
فرولينڊ, ناروي
رھائش ناروي
قوميت نارويئن
مادر علمي رايل فريڊرڪ يونيورسٽي (BA, 1822)
شھرت جو ڪارڻ ايبلس بائنوميئل ٿيورم
ابيلين ڪيٽيگري
ابيلين ورائٽي
ايبل واري مساوات
ايبل جي پھرين قسم جي مساوات
ايبلين وارو اضافو
ايبيلين فنڪشن
ايبيلين گروپ
ايبل جي شناخت
ايبل واري نابرابري
'سائنسي پيشو'
شعبو ميٿميٽڪس
تعليمي صلاحڪار بيرنٽ ميخائيل ھومبوئي
سڃاڻپ نشان

ايبل نيئلس ھينرڪ:(انگريزي: Abel, Niels Henrik)/ˈɑːbəl/; (1802–1829) ناروي جو رياضيدان ۽ آلجبرا جو ماھر جيڪو جيڪڏهن 26 سال جي عمر ۾ وفات نہ ڪري ھا تہ اوڻويھين صدي جو سڀ کان وڏو رياضيدان ٿئي ھاا[1]. ھن ڪئنٽڪ مساوات جي ريڊيڪل ذريعي حل ڪڍي ڏنو جنھن حل جي تلاش ٽن صدين کان جاري ھئي. ھن گروپ ٿيوري ۽ آلجبرا تي تحقيق ڪئي.

تعليم ۽ خدمتون[سنواريو]

ھن جي زندگي ڏاڍي غربت ۾ گذري. ھن جي اسڪولي استاد ھن جي ذھانت کي سڃاڻيندي ھن جي مدد ڪئي ۽ کيس ليئونارڊ اوئلر، جوزف لوئيس لگرانج ۽ ٻين رياضيدانن جي باري ۾ پڙھايو ۽ ھن جي يونيورسٽي ۾ پڙھڻ لاءِ مالي مدد ڪئي[1]. 1821 ۾ ايبل ناروي جي شھر ڪرسچنيا (موجوده:اوسلو) جي ڪرسچنيا يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو[1] ۽ آخري سال دوران ھن ڪئينٽڪ مساواتن (پنجين ڊگري واري پولي ناميل مساواتون) کي ريڊيڪلز ذريعي حل ڪرڻ لاء ڪم شروع ڪيو.ان وقت رياضيدان ڪئاڊريٽڪ، ڪيوبڪ ۽ ڪئارٽڪ مساواتن جي حل لاء عام فارمولا استعمال ڪندا ھئا پر اڃان ڪئينٽڪس تي اھڙو فارمولو نہ ٺھي سگھيو ھو جيڪو ايبل 1822۾ ٺاھيو[1]. ھن پنھنجو ريسرچ پيپر ڊينمارڪ جي رياضيدان فرڊيننڊ ڊيجن جي حوالي ڪيو تہ جيئين رائل سوسائٽي آف ڪوپن هيگن ۾ ڇپجي پر ڊيجن کي ايبل جي فارمولي جي منطق ۾ ڪجهه مونجھارو نظر آيو ۽ ان کيس انگي حسابن ۾ مثال ڏيڻ لاءِ چيو[1] . ھن پنھنجي مقالي ۾ انگي حسابن واري طريقي ۾ فارمولا ۾ ھڪ غلطي سڃاتي جنھن سان ھن کي خبر پئي تہ پنجين ۽ ان کان مٿي واري ڊگري جي مساواتن جا عام حل ڇو ناممڪن آھن[1]. ايبل اھا مشاھداتي دريافت 1825 ۾ ھڪ پمفليٽ ۾ ڇپائي ۽ بعد ۾ اپلائيڊ ۽ پيور ميٿميٽڪس جي جنرل ۾ ڇپائي لاءِ پيش ڪئي. شروع ۾ ان کي ڪا خاطر خواهه موٽ نہ ملي پر پوءِ آھستي آھستي اھو يورپ جي رياضيدانن جي ڌيان ۾ ايندو ويو ۽ ان کي موٽ ملي [2].

From a notebook of Niels Henrik Abel
نيئلس جي نوٽ بڪ تان ورتل تصوير

ھن ھن جي سموري تحقيق سندس زندگي جي آخري ڇھن ستن سالن ۾ ٿي.[3] فرانس جي رياضيدان چارلس ھرمٽ ھن لاء چيو ھو تہ:

"ايبل ايترو ڪم ڪري ويو جنھن سان رياضيدان پنج سؤ سالن تائين مصروف رھندا"

— چارلس ھرمٽ، [3][4]

وفات[سنواريو]

ڪرسٽين ڪيمپ

ايبل کي برلن يونيورسٽي ۾ پروفيسر شپ ملي پر بدقسمتي سان کيس ٽيوبرڪيلاسس لڳي وئي ۽ 6 اپريل 1829 ۾ وفات ڪري ويو[2].پيرس ۾ کيس ٽي بي جي بيماري لڳي 1828 جي ڪرسمس تي ھن سليڊ کان فرولينڊ پنھنجي مڱيندي ڪرسٽين ڪيمپ سان ملڻ لاءِ سفر ڪيو جتي سندن جوڙي موڪلن جو مزو ورتو جنھن بعد جلد ئي وفات ڪيائين.

سندس خدمتن جي مڃتا[سنواريو]

1830 ۾ پيرس يونيورسٽي سندس موت بعد ان جي خدمتن جي مڃتا ۾ گرينڊ پرڪس ڏنو.2002 ۾ ھن جي ٻہ سؤ سالا جنم ڏينهن تي نارويئن اڪيڊمي آف سائنس اينڊ ليٽرز سندس نالي سان سالياني ايبل پرائيز جي ڏيڻ شروعات ڪئي[2].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 ENCYCLOPEDIA OF Mathematics James Tanton, Ph.D.Facts On File, Inc. 132 West 31st Street New York NY 10001 Library of Congress Cataloging-in-Publication Data Tanton, James Stuart, 1966 -Encyclopedia of mathematics/James Tanton. p. cm. Includes bibliographical references and index. ISBN 0-8160-5124-0 1. Mathematics—Encyclopedia. I. Title. QA5.T34 2005 510′.3—dc22 2004016785- page# -3
  2. 2.0 2.1 2.2 ENCYCLOPEDIA OF Mathematics . By: James Tanton, Ph.D. (Facts On File, Inc. 132 West 31st Street New York NY 10001)
  3. 3.0 3.1 "Charles Hermite Quotes - 2 Science Quotes - Dictionary of Science Quotations and Scientist Quotes". حاصل ڪيل 12 September 2015. 
  4. "Archived copy". وقت 8 August 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 8 August 2013.