نورجهان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
نورجهان
نورجہاں
Nurjahan.jpg
Idealized portrait of the Mughal empress Nur Jahan
جيون ساٿي

شير افغان خان

(m.1594–1607)
جھانگير(m.1611–1627)
نسل لاڏلي بيگم
خاندان تيموري گھراڻو شادي واري پاسي کان
والد مرزا غياث بيگ
والده عصمت بيگم
پيدائش مھرالنساء
31 May 1577
قنڌار،افغانستان
وفات 17 ڊسمبر 1645 (عمر 68 سال)
لاھور،پاڪستان
تدفين نورجهان جو مقبرو،لاھور
مذھب اسلام

نورجهان:Nur Jahan: (born Mehr-un-Nissa) (31 May 1577 – 17 December 1645) مغل شھنشاھ جھانگير جي ويھين ۽ آخري زال ھئي.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

نورجهان، جنهن جو اصلوڪو نالو”مهرالنساء بيگم“ هو، ۽ جنهن کي پهرين ”نور محل“ جو لقب مليو هو، سا مرزا غياث الدين جي ڌيءُ هئي. هن مرزا جي پيءُ، يعني نورجهان جو ڏاڍو محمد خان تڪلو، اصل ايران هو،تهران جو ويٺل هو، ۽ سرڪاري وڏي عهدي تي هو. پر مرزا غياث غريب ٿي ويو، ۽ پنهنجيءَ حالت سڌارڻ لاءِ، ايران مان نڪري، ٻين ملڪن ڏي سفر ڪرڻ لڳو، جيسين قنڌار تائين پهتو، تيسين زياده مفلس ۽ مسڪين ٿي ويو. قنڌار ۾ پهچڻ شرط ”نورجهان“ ڄائي. اهڙيءَ ڪمبختيءَ جي حالت ۾، پرديس ۽ سفر جي وچ ۾، معصوم ٻار جي پرورش ۽ پرداخت ڪرڻ به هنن کي بار ٿي لڳو، تنهنڪري، لاچار ٿي، ماءُ _ پيءُ ٻار کي شاهي سَڙڪ جي ڪناري سان کڻي ڇڏيو، جتان سُجهين ٿي ته خود سندن قافلو صبح جو لنگهڻو آهي. قافلي جي هڪڙي سوداگر جي انهيءَ تي نظر پئجي ويئي، ۽ خوبصورت ٻار تي ڏاڍو قياس ۽ رحم آيس، تنهن انهيءَ کي کڻي کنيو، ۽ ارادو ڪيائين ته انهيءَ کي پنهنجو ٻار ڄاڻي پرورش ڪندس ۽ تعليم ڏيندس. قافلي ۾ ٻي ڪا زال کير پيارڻ واري هٿ اچي نه سگهي، تنهن ڪري آسانيءَ سان خود سندس ماءُ کي، اُجورو ڏيئي، دائي ڪري رکيائين. انهيءَ ٻار جي صدقي، انهيءَ سوداگر، ٻار جي ماءُ _ پيءُ ۽ انهيءَ جي پٽن جي گهڻي سنڀال لڌي. هن مرزا غياث توڙي سندس وڏي پٽ کي رواجي ماڻهو نه سمجهيو، جو سندن هلت شريفن جهڙي هئي _ جيتوڻيڪ هو مسڪين هئا. تنهنڪري هو انهن کي مدد ۽ مانُ ڏيڻ لڳو. جڏهن اُهو سوداگر دهلي ۾ آيو، تڏهن انهن کي اڪبر بادشاهه وٽ نيائين، جتي پيءُ ۽ پٽ کي ڪا گهٽ عهدي جي نوڪري ملي، جنهن مان هو پنهنجي لياقت ۽ هوشياري ڏيکاري، مٿي چڙهڻ لڳا. انهيءَ وچ ۾ نورجهان وڌندي وڏي ٿيندي ويئي، ۽ جنهن ٿي ڏٺس سو سندس حُسن تي حيران ٿي ٿيو..[1] ماڻس اڪبر بادشاهه جي محل سراءِ ۾ ويندي هئي، اُنهيءَ سان گڏ نورجهان به ويندي هئي. اُتي شهزادي سليم يعني ”جهانگير“ جي مٿس نظر پيئي، ۽ هو مٿس عاشق ٿي پيو. هن جي گستاخي جي هلت نورجهان جي ماءُ کي نه وڻي، تنهن راڻيءَ سان شهزادي جي شڪايت ڪئي. راڻيءَ اڪبر جي ڌيان تي اها ڳالهه آندي، جنهن شهزادي کي سخت فهمائش ڪئي، ۽ مرزا غياث کي صلاح ڏنائين ته ڌيءُ کي پرڻائي ڇڏي، جيئن هوءَ محل سراءِ مان نڪري وڃي، ۽ جهانگير هن کي وري نه ڏسي. ان موجب، نورجهان کي ”شيرافگن خان“ هڪڙي ايرانيءَ جوان سان پرڻائي ڇڏيائون جو تازو آيل هو، ۽ بادشاهه جي نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو هو. انهيءَ خان کي اڪبر بادشاهه بنگال ۾ هڪڙي جاگير ڏني، جتي هو زال سميت هليو ويو، پر، انهيءَ ڪري جهانگير بس ڪري نه ويٺو. جڏهن اڪبر بادشاهه وفات ڪئي، ۽ جهانگير تخت تي ويٺو، تڏهن پهرئين ئي ورهيه کان پوءِ هن وجهه وٺي، پنهنجي ٿڃ _ شريڪ ڀاءُ قطب الدين ڪوڪلتاش کي بنگال جو صوبيدار ڪري موڪليو ۽ هن کي سمجهائي ڇڏيائين ته نورجهان کي منهنجي لاءِ هٿ ڪرڻ جو بندوبست ڪجئين. هن گهڻائي مٿا هنيا ته شيرافگن خان _ جنهن جو اصل نالو ”علي قلي خان“ هو، ۽ شينهن کي يڪي سر مارڻ ڪري اهو لقب مليو هوس. زال کي بادشاهه جي خوشيءَ لاءِ طلاق ڏئي، پر هو غيرت وارو شخص هو، تنهن صاف انڪار ڪيو، ۽ سرڪاري نوڪريءَ کان به اسعيفا ڏيئي ڇڏيائين. پوءِ قطب الدين هن کي پاڻ وٽ حڪم رکي گهرايو. شيرافگن وٽس خنجر لڪائي کڻي ويو. جڏهن هن بي آبروئيءَ جهڙي گفتگو ڪئي، تڏهن خنجر ڪڍي قطب الدين کي هڻي ماري وڌو، انهيءَ جي نوڪرن پوءِ، شيرافگن کي به اتي جو اتي ماري رکيو. صوبيدار جهڙي حاڪم جي خون جي سزا جي عذر تي، نورجهان کي قيد ڪري، دهليءَ ڏي ڏياري موڪليائون، اُتي ستت ئي جهانگير کيس، منٿون آزيون ڪري، شاديءَ جي رٿ پيش ڪئي، پر نورجهان پهرين هن کي پنهنجي پياري مڙس جو خوني سمجهي، هن کان نفرت ظاهر ڪئي، پوءِ هن جي گهڻي ستائڻ تي، زياده زبردستيءَ جي ڊپ کان، نيٺ راضي ٿي، ۽ سندس شادي وڏي شاهي تجمل سان جهانگير سان ٿي. نورجهان کي اهڙو اعليٰ درجو نصيب ٿيو، جو هندستان ۾ اڳي ڪنهن به راڻيءَ کي نه ٿيو هو. هن جو پيءُ وزيراعظم مقرر ٿيو، ۽ ”عماد الدوله“ جو خطاب مليس، هن جي ڀاءُ ابو الحسن کي به هڪڙو وڏو سرڪاري عهدو مليو، ۽ ”آصف جاه“ جو خطاب مليس، شهنشاهه جهانگير ڪوبه ڪم نورجهان جي مرضيءَ کانسواءِ نه ڪندو هو. مطلب ته هن جي مرضي قاعدو هو. ڪي نورجهان جي صحبت ڪري، ۽ ڪي پڻس وزير جي ڪري _ جو ڏاهو ۽ انصاف وارو هو_ جهانگير پنهنجي چال گهڻي سڌاري، ۽ ملڪ ۾ گهڻا سڌارا ٿيا. اڃا به شوخ ۽ ظالم هوندو هو. مگر جهڙا قهر اڳي ڪندو هو، اهڙا وري نه ڪيائين _ جيتوڻيڪ اڃا به شراب نوشيءَ کان بس نه ڪئي هئائين، ته به رات جو پنهنجيءَ ڪوٺيءَ ۾ لڪي پيئندو هو، ۽ ڏينهن جو اميرن جي اڳيان درٻار ۾ حاضر رهندو هو.[1] نورجهان شاهي درٻار ۾ به گهڻا سڌارا ڪيا، ۽ خرچ گهڻو گهٽايو، زنانيون پوشاڪون نئين نموني جون پيدا ڪيائين، ۽ گلابي عطر به سندس صنعتگري سمجهيل آهي.جهانگير کي جيڪي موهيو هو، سو نه رڳو هن جي خوبصورتيءَ ۽ ناز انداز، پرسندس حاضر جوابيءَ ۽ في البديهه شعر گوئيءَ ۾ به_ سنه 1021 هه (1612ع) ۾ جڏهن ميواره سان جنگ ٿي، تڏهن شهزادو ”خورم“ يا ”شاهجهان“ اوڏي موڪليو ويو، ۽ اهو فتح سان موٽي آيو. شاهجهان جو ڏاڍو مان ٿيو. هو تازو نورجهان جي ڀائٽيءَ ”نور محل“ سان پرڻيو هو، تنهنڪري نور جهان به سندس طرفدار ٿي کيس چاڙهڻ ۾ مدد ڏني، ۽ نيٺ اهو ولي عهد مقرر ٿيو، جيتوڻيڪ کانئس وڌو”پرويز“ ويٺو هو، جنهن کي دکن ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ويو، ۽ هو اتي وڃي فتحياب ٿيو سگهوئي پوءِ جهانگير ”مندوءَ“ ۾ سخت بيمار ٿي پيو. پرويز تڪڙو دهليءَ ڏي ويو، پر اُتان موٽايو ويو، ۽ خسرو، جو اُتي هو، سو اوچتو مري ويو يا ماريو ويو، تنهنڪري شاهجهان جي شهنشاهه ٿيڻ جي پڪ ٿي. پر، ملڪ ۾ فساد ئي انهيءَ ڳالهه تان هو.نورجهان جنهن جي مدد هن کي ضروري هئي، سا هاڻ پري رسي، انهيءَ وقت ڌاري، نورجهان، پنهنجي ڌيءُ جا شيرافگن مان هيس، سا بادشاهه جي ننڍي پٽ”شهريار“ سان مڱائي هئي، تنهنڪري به هاڻ سندس خيال انهيءَ ڏي ٿيو، ۽ نه شاهجهان ڏي. تنهن کان سواءِ هيستائين پڻس وزير روڪيندو آيس، سو به اتفاق سان هاڻ مري ويو. تنهن ڪري جهانگير سڄوئي سندس هٿ ۾ هو، ۽ ڀاڻس آصف جاه _ جنهن جي ڌيءُ شاهجهان جي گهر ۾ هئي – سندس هٿ ۾ چڱو اوزار هو، تنهن ڪري هوءَ شاهجهان جي برخلاف ۽ ”شهريار“ جي فائدي ۾ ٿي بيٺي، انهيءَ وقت ڌاري، ايراني قنڌار تي اچي قابض ٿيا هئا. نور جهان جي صلاح سان، بادشاهه”شهريار“ کي وڏي لشڪر سان اوڏي روانو ڪيو، ۽ مُک عهديدار ۽سردار، جي شاهجهان سان دکن ۾ هئا، تن کي به حڪم مليو ته شهريار سان وڃن. شاهجهان جون جاگيرون به بدلجي شهريار کي مليون، ۽ کيس چيو ويو ته گجرات ۽ دکن ۾ پنهنجي لاءِ جاگيرون ڳولي. انهيءَ ڪري شاهجهان فساد برپا ڪيو ۽ جهانگير _ جو ڪشمير گهمي لاهور ۾ آيو هو _ شاهجهان تي ڪاهي آيو، ۽هو پاسو ڪري هليو ويو. ”خانخانان“ ۽ ”مهابت خان“ سردار ۽ ”پرويز“ پٺيانئس روانا ڪيا ويا، جن بنگال ۾ هن کي وڃي شڪست ڏني ۽ هو وري دکن ڏانهن ڀڄي ويو. نيٺ تنگ ٿي، سنه 1035هه ۾ 1625ع ۾ اچي پيءُ وٽ پيش پيو. پوءِ نورجهان مهابت خان جي پٺيان پيئي. ۽ هن کي دهليءَ ۾ گهرايائين. پر مهابت خان کي شڪ پيو، سو راجپوتن جو لشڪر وٺي جهانگير جي منزل تي ڪاهي اچي پيو _ جو ڪابل ڏي ٿي ويو _ ۽ هن کي کڻي قيد ڪيائين. هيءُ ٻڌي، نورجهان، مردانو ويس ڪري، ڏوليءَ ۾ چڙهي، بادشاهه جي جاءِ تي لشڪر ۾ ويئي، ۽ پنهنجي ڀاءُ ۽ ٻين سردارن کي سڏي هنن کي ڌمڪايائين، ۽ لشڪر ساڻ وٺي، بادشاهه کي ڇڏائڻ لاءِ، مهابت خان جي منزل گاهه تي ڪاهي ويئي. گهڻيءَ مشڪلات سان درياه لنگهي، ڏاڍا حملا ڪيائين، ۽ تمام گهڻي بهادري ڏيکاريائين. ڏاڍا تير لڳس. هاٿيءَ جو هود ئي رت سان ڀرجي پيو، ۽ نيٺ خود سندس هاٿي به زخمي ٿي پاڻيءَ ۾ ڪري پيو. آخر نورجهان ڀڄي نه سگهي، تڏهن ارادو ڪيائين ته بادشاهه سان گڏ پاڻ به قيد ۾ رهي، ته من هڪٻئي سان مشورت ڪندا رهن _ آخر ائين ڪيائين. نورجهان جي صلاح سان، بادشاهه مهابت خان جي خوشامد ڪرڻ لڳو، ۽ هن کي پنهنجو خير خواهه سڏيائين، ۽ نور جهان جي نالي ڪوڙ ڪري چيائين ته هوءَ اسان جي خير خواهه نه آهي. انهيءَ تي هو ٺڳجي ويو. نورجهان، مخفي طرح نئون لشڪر جاسوسي نائبن جي معرفت گڏ ڪري، راجپوتن کي جيتي، بادشاهه کي قيد مان ڪڍائي ويئي، ۽ پاڻ به نڪتي، اهڙو زور ڏيکاريائين، جو مهابت خان لاچار ٿي ساڻس شرط ٺهرائي صلح ڪيو، ۽ بادشاهه سان پرتو. بادشاهه پوءِ کيس شاهجهان تي ڪاهي وڃڻ لاءِ حڪم ڏنو. پاڻ وري ڪابل مان لنگهي موٽي لاهور آيو، ۽ پوءِ ڪشمير روانو ٿيو. پر رستي ۾ سخت بيمار ٿي پيو، ۽ ٻيءَ منزل تي مري ويو، سندس عمر سٺ ورهيه هئي. بس، بادشاهه جي مرڻ تي نورجهان جو زور به پورو ٿيو. ڀاڻس آصف جاه شاهجهان جو طرفدار ٿيو، ۽ ڀيڻ کي کڻي نظربند ڪيائين، لاهور ۾ شهريار تي ڪاهي ويو، ۽ لڙائيءَ ۾ هن کي ماريائين. سنه 1628ع، شاهجهان آگري ۾ شهنشاهه مقرر ٿيو. نورجهان گوشه نشين ٿي گذاريو. ساليانو ساڍا ستٽيهه لک رپيا خرچ لاءِ ملندا هئس. مڙس کانپوءِ اڇي سادي پوشاڪ ڍڪيندي هئي ۽ ٻئي رنگ جو ڪوبه ڪپڙو نه ڍڪيندي هئي. ڪوبه تماشو نه ڏسندي هئي، ۽ مڙس جي ماتم ۾ رهي. نيٺ، سن 1056هه (1646ع) ۾ مري ويئي.

لاهور ۾ جهانگير جي قبي جي ويجهو جيڪو قبو پنهنجي لاءِ ٺهرايو هئائين، تنهن ۾ دفن ڪئي ويئي. جنهن تي هڪڙي شاعر ترت هيءُ بيت چيو ته:[1] نور جهان گرچہ بصورت زن ست در صف مردان زن شيرافگن ست.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page16.html.  Missing or empty |title= (مدد)}