نمر باقر النمر
نمر باقر النمر اسلام جي شيعه شاخ جو عالم آهي، جيڪو سعودي عرب جي شهر، "العواميه" ضلعي القطيب ۾ سال 1379 هجري، بمطابق 1968ع ۾ هڪ اهل علم ۽ ديندار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو آيت الله شيخ محمد بن ناصر آل نمر هو. سندس ڏاڏي جو نالو حاجي علي بن ناصر آل نمر هو. جن جي صحبت ۾ شيخ نمر وڏو ٿيو.
| نمر باقر النمر | |
|---|---|
| (عربي ۾: نمر النمر) | |
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | سعودي عرب |
| شھريت | |
| مادري ٻولي | عربي ٻولي |
| ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي |
| ويب سائٽ | |
| ويب سائٽ | باضابطہ ویب سائٹ |
| ترميم | |
نمر باقر النمر اسلام جي شيعه شاخ جو عالم آهي، جيڪو سعودي عرب جي شهر العواميه ضلعي القطيب ۾ سال 1379 هجري، بمطابق 1968ع ۾ هڪ اهل علم ۽ ديندار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو آيت الله شيخ محمد بن ناصر آل نمر هو. سندس ڏاڏي جو نالو حاجي علي بن ناصر آل نمر هو. جن جي صحبت ۾ شيخ نمر وڏو ٿيو.
مقدماتي تعليم ۽ تعليم لاءِ هجرت
[سنواريو]شيخ نمر سندس ابتدائي تعليم پنهجي آباڻي شهر العواميه مان حاصل ڪئي ۽ اوهان کي انقلاب اسلامي جي ڄاڻ ملي، پاڻ سن 1400 هجري قمري 1989ع ۾ پنهجي ديني تعليم کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايران جي تهران شهر ڏانهن سفر ڪيو.
شيخ نمر حوزه علميه حضرت قائم ۾ ڏهه سال علم پرايو ۽ ان کان پوءِ شام جي شهر سوريه جو راهي ٿيو ۽ اتان جي وڏن عالمن کان علم پرايو.
شيخ نمر جي استادن جا نالا
[سنواريو]شيخ نمر تهران ۽ سوريه مان جن عالمن کان علم حاصل ڪيو انهن جان نالا هيٺ ڏنل آهن.
- آيت الله سيد محمد تقي وٽ تهران شهر ۾ درس خارج جي تعليم حاصل ڪئي.
- آيت الله عباس مدرسي ۽ آيت الله خاقاني]] وٽ سوريه ۾ درس خارج جي تعليم مڪمل ڪيائين.
- فقه جو ڪتاب اللمعته الدمشقيه کي علامه شيخ وحيد افغاني وٽ پڙهيو.
- اخلاقي تعليم آيت الله شيرازي وٽ حاصل ڪئي.
شيخ نمر جو مدرسو
[سنواريو]شيخ نمر سن 1422 هجري 2011ع ۾ سعودي عرب ۾ واپس آيو ۽ پنهجي آباڻي شهر العواميه ۾ هڪ مدرسي جو بنياد رکيائون، جنهن جو نالو مدرسه القائم رکيائين.
سياسي تحريڪون
[سنواريو]سن 2006
[سنواريو]شيخ نمر باقر النمر کي سڀ کان پهري سن 2006ع ۾ سعودي عرب جي پوليس گرفتار ڪيو کين ظلم هيٺ آندو هن جو مقصد هو تهشیعہ عقيدي کي سعودي عرب ۾ مذهبي طور سڃاتو وڃي ۽ سعودي عرب جي تعليمي نصاب ۾ تبديلي آندي وڃي.
سن 2008
[سنواريو]ٻئي ڀيري هن کي 23 آگست 2008ع تي القطيب شهر مان گرفتار ڪيو ويو، هن تي الزام لڳايو ويو ته پاڻ شيعن کي سعودي عرب ۾ پنهجي حقن جي بچاءُ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ ء سعودي عرب جي حڪومت کان جدا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
سن 2009
[سنواريو]مارچ جي مهيني ۾ هن کي ٽيون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو، هن ڀيري، هن کي مظاهرن جي اڳواڻي ڪرڻ جي ڪري گرفتار ڪيو ويو.
سن 2012
[سنواريو]هن جي تحريڪ کي حڪومت برداشت نه ڪيو ۽ هن کي گرفتار ڪيو ويو.
شيخ نمر جا خطبا
[سنواريو]شيخ نمر جيڪي خطبا ء تقريرون ڪيون تن جو نچور هيٺ ڏنل آهي.
- شیعہ آبادين کي حق ڏنا وڃن.
- القطيب شهر ۾ جمعي جي نماز پڙهڻ ڏني وڃي.
- موروثي بادشاهت ختم ڪئي وڃي.
آخري وقت
[سنواريو]هن کي سعودي عرب جي حڪومت جي مخالفت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 42 ساٿين سان گڏ 2 جنوري 2016ع تي موت جي سزا ڏني وئي.
شيخ نمر کان پوءِ
[سنواريو]شيعا عالم شيخ نمر جي ڦاهي جي معاملي تي سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ اڃا گهٽ نه ٿي هئي ته هاڻي شيخ نمر جي ڀائيٽي علي النمر کي ڦاهي ڏيڻ واريون خبرو هلي رهيون آهن.[1] شيخ النمر جي زندگي تي هڪ نظر[مئل ڳنڍڻو]
حوالا
[سنواريو]- وڪي ڊيٽا سانچو ۾ خرابي
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- ڪم جي ٻولي وڪي ڊيٽا کان ماخذ
- باضابطه ويب سائٽ وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- سانچو استعمال ڪندڙ صفحا:اڻڄاتل ميڊيا سان ڄاڻ خانو
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از November 2024
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- Articles with dead external links از March 2025
- شخصيتون
- سعودي عرب
- اسلامي شخصيتون