نصيرآباد، سنڌ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(نصيرآباد کان چوريل)
نصيرآباد، سنڌ
سنڌ جو شھر
Nasirabad
نصيرآباد، سنڌ
جھنڊو
نصيرآباد، سنڌ is located in سنڌ
نصيرآباد، سنڌ
نصيرآباد، سنڌ
نصيرآباد، سنڌ is located in Pakistan
نصيرآباد، سنڌ
نصيرآباد، سنڌ
جاگرافي بيهڪ: 27°22′46″N 67°55′32″E / 27.37944°N 67.92556°E / 27.37944; 67.92556مڪانيت: 27°22′46″N 67°55′32″E / 27.37944°N 67.92556°E / 27.37944; 67.92556
ملڪ پاڪستانپاڪستان
صوبو  سنڌ
بلندي 13 ميل (43 ft)


نصير آباد، سنڌ(انگريزي: Nasirabad,Sindh) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو ھڪ شھر جيڪو تعلقي نصيرآباد جو صدر مقام آهي. ھي شھر پھرين وارھ تعلقي جي ٽائون ڪميٽي ھيو پر 2005 م نئين ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي قيام سان ٽائون ڪميٽي کي تعلقي جو درجو ڏئي ھن شھر کي ان نئين تعلقي جو صدر مقام بڻايو ويو.

تاريخ[سنواريو]

ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ نصيرآباد شهر وجود ورتو، اُسريو ۽ اڀريو، وڌيو ۽ ويجهيو. هن لاءِ مشهور آهي ته هيءُ شهر مير نصير محمد خان ٽالپر جو ٻَڌايل آهي. ان وقت هن شهر کي سٺو اوج مليو، جنهن اڳتي هلي تعلقي جو درجو حاصل ڪيو. پر دين محمد ڪلهوڙو نصيرآباد جو تعلق، ٽالپرن سان نه پر ڪلهوڙن جي سربراهه ميان نصير محمد ڪلهوڙي سان ڏيکاري ٿو. هو پنهنجي تصنيف ”قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو (تاريخ جي وهڪري ۾)“ ۾ لکي ٿو ته: ”نصيرآباد جي بنياد پوڻ ۽ ان جي ابتدائي آبادڪاريءَ جو تذڪرو ڪنهن به پراڻي تاريخ جي ڪتاب ۾ نه ٿو ملي، البته وڏڙن کان ڪي روايتون، بيان ۽ ڪجهه تاريخي اهڃاڻ ملن ٿا، جن جي بناء تي اها راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي ته هيءُ شهر ميان نصير محمد ڪلهوڙي (1692ع- 1657ع) پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ آباد ڪيو.“[1] انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ جي ڳالهه ڪنهن کان ٻه ڳجهي نه آهي ۽ هر تاريخ ۾ سندن ذڪر موجود آهي. انگريزن جڏهن سنڌ قبضي ۾ ڪئي ته لاڙڪاڻو، شڪارپور جو تعلق هو. وارهه کي ڪا به اهميت ڪا نه هئي، پر نصيرآباد کي ان وقت تعلقي جي حيثيت هئي ۽ شڪارپور ضلعي ۾ هو.[2]


خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

منهنجي نصيرآباد

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪلهوڙه، دين محمد (2011ع)، قمبر- شهدادڪوٽ ضلعو (تاريخ جي وهڪري ۾)، صفحو 94، قنبر- شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي.}
  2. {ڊاڪٽر علي اڪبر “اسير” قريشي جو مضمون ”وارهه“ جو تاريخي ۽ تحقيقي پسمنظر، مھراڻ رسالو سال 2017, شمارو 4, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}