نصرت خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
نصرت خان
دھلي جي خلجي گھراڻي جو سنڌ ۾ گورنر
1296 يا 1297کان تائين
پيشروڪيخسرو
جانشينملڪ ھرنمار
ريجنٽسلطان جلال الدين خلجي
مذھباسلام

نصرت خان: 97 ــ 1296ع تي سلطان جلال الدين لاهور پهچي ڪري پنهنجي وچين پٽ ارڪلي خان کي ملتان ۽ اچ تي گورنر مقرر ڪيو ۽ نصرت خان کي سنڌ جي حڪومت ڏني پر ارڪلي خان جي نگرانيءَ ۾. ارڪلي خان ڏاڍو کل مک ۽ دلير انسان هو، پنهنجي دؤر ۾ هو ٻه ڀيرا سنڌ آيو ۽ باغين کي ماري مڃائي سنڌ جون سرحدون وڌايائين.

وڌيڪ تفصيل[سنواريو]

تاريخ مبارڪ شاهي ۾ آهي ته سلطان جلال الدين جي حڪومت جي ٻي سال املڪ ڇجو (ڪشلي خان) کي هندو صلاحڪارن برغلايو ته خاندان بلبني مان هجڻ ڪري تخت جا مالڪ توهان آهيو، خلجي ڪير ٿيندا آهن اوهان جي حق تي ڌاڙو هڻڻ وارا!؟ اها ڳالهه ملڪ ڇجو جي دل ۾ کپي ويئي. هيڏانهن اودهه جو صوبيدار حاتم خان به ملڪ ڇجو جو هم خيال ٿي بيٺو. ملڪ ڇجو ڪڙه ۾ شاهي تاج پنهنجي مٿي تي رکي مغيث الدين لقب اختيار ڪري پنهنجي بادشاهيءَ جو اعلان ڪيو ۽ اودهه جي علائقي ڪڙهه ۾ پنهنجو سڪو ۽ خطبو جاري ڪيائين. 92 ــ 1291ع ۾ هو هندن جو وڏو ڪٽڪ وٺي دهلي ڏانهن وڌيو. هيڏانهن سلطان جلال الدين به پٽ ارڪلي خان سوڌي شاهي لشڪر سان دهلي مان مقابلي لاءِ نڪتو ۽ پٽ کي جوانن جو جٿو ڏئي ڪري ويهه ٻاويهه ميل اڳيان هلڻ لاءِ چيائين. بدايون کان اڳي ملڪ ڇجو، ارڪلي خان سان وڙهڻ جي همت ساري نه سگهيو ۽ ڀڄي وڃي ڪنهن ڀرسان واري ڳوٺ ۾ لڪيو اتان جي سردار کيس پڪڙي ڪري سلطان جلال الدين جي خدمت ۾ پيش ڪيو. سلطان ملڪ ڇجو کي ملتان موڪلي حڪم ڏنو ته هن کي نظربنديءَ ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ڏني وڃي.سلطان جلال الدين ملڪ ڇجو کان پوءِ ڪڙهه جي صوبيداري پنهنجي ڀائٽيي ۽ ڄاٽي علاؤ الدين خلجي کي ڏني. علاؤ الدين پنهنجي زال ۽ سس کان بيزار رهندو هو ۽ خاص ڪري سس کان ته ڏاڍو چڙيل هوندو هو. هو جڏهن ڪڙهه ۾ پهتو ته ساڳيائي هندو سردار جن ملڪ ڇجو کي برغلايو هو هن جي ويجهو ٿيڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته انهن کي علاؤ الدين جي زال ۽ سس کان بيزاريءَ جي خبر پئجي چُڪي هئي. انهن علاؤ الدين کي يقين ڏياريو ته ملڪ ڇجو وٽ مال ۽ مڻيا نه هئا، جنهن جي ڪري ناڪام ٿيو، پر هو اقتدار آسانيءَ سان ماڻي سگهي ٿو. نيٺ اهي پنهنجي اٽڪل ۾ ڪامياب ويا. 96 ــ 1291ع علاؤ الدين ديوگري (دکن) جو گهيرو ڪري راجا رام ديو کان ڇهه سؤ مڻ سون، هڪ هزار مڻ چاندي، ست مڻ موتي، ٻه مڻ مڻيا، چار هزار ريشمي ڪپڙن جا ٿان ۽ رياست مان ايلجپور جو علائقو وصول ڪيو پر ان مان شاهي خزاني جو ڀاڱو نه موڪليائين. سلطان جلال الدين کي جڏهن ديوگريءَ جي سوڀ جي خبر پيئي ته پاڻ علاؤ الدين سان ملڻ لاءِ نڪتو. 17 رمضان 695هه (1296ع) تي جڏهن ڪڙهه ۽ مانڪپور جي وچ ۾ گنگا درياءُ جي ڪپ پهتو ته سندس ڀائٽي علاؤ الدين خلجي حملو ڪري ماري وڌو. سلطان جلال الدين جي دؤر ۾ جيڪي عالم ۽ فاضل مختلف عهدن تي هئا تن ۾ اسان کي سنڌ جي هڪ عالم جلال الدين بکري جو نالو به ملي ٿو جيڪو مستوفي الممالڪ هو.[1]سلطان علاؤالدين 1295 ۾ تاج پنهنجي مٿي تي رکي پنهنجي ڀاءُ الماس بيگ کي الغ خان ۽ ملڪ نصرت جليسري کي نصرت خان جو خطاب ڏنو. انهيءَ سال سلطان علاؤ الدين پنهنجي ڀاءُ الغ خان ۽ هڪ سردار ظفر خان (الب خان) کي لشڪر سان گڏ ارڪلي خان جي مقابلي لاءِ ملتان موڪليو.ملتان پهچي انهن قلعي جو گهيرو ڪيو ۽ ٻه مهينا سانڌي ويٺا رهيا. آخر شهر وارن ۽ ملتان جي ڪوتوال مجبور ٿي صلح جي درخواست ڪئي. سلطان جلال الدين جي ٻنهي پٽن ارڪلي خان ۽ رڪن الدين کي گرفتار ڪري دهلي روانو ڪيو ويو، اڃا ابوهر وٽ پهتا ته سلطان علاؤ الدين جو حڪم پهتو ته ٻنهي ڀائرن جي اکين ۾ گرم سرائي ڦيري وڃي. الب خان ٻنهي ڀائرن کي هانسي ڪوتوال حوالي ڪري پاڻ دهلي آيو. اهڙي طرح ٻنهي ڀائرن ۽ سلطان رڪن الدين جي سردارن احمد چپ ۽ الغوزي جي اکين ۾ به گرم سرائي ڦيري انڌو ڪري گواليار قلعي جي جيل خاني موڪليو ويو. ازانسواءِ ارڪلي خان جي اميرن ۽ سردرن کي به انڌو ڪري ڪهرام اماڻيو ويو..[2].

خلجي گھراڻي جي سنڌ ۾ گورنرن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page13.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }
  2. { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page14.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }