ملڪ غازي تغلق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ملڪ غازي تغلق
دھلي جي خلجي ايمپائر جو ملتان ۽ سنڌ جو گورنر
1204 يا 1205 کان تائين
پيشرو تاج الملڪ ڪافوري
ريجنٽ سلطان علاءالدين خلجي
مذھب اسلام


05 ــ 1204ع ۾ سلطان علاؤ الدين مغلن کي ڪچلڻ واسطي پنهنجي تجربيڪار سپه سالار ملڪ غازي تغلق کي ڏهه هزار سوارن سان ديبالپور تي مقرر ڪيو ۽ ملتان، اچ ۽ سنڌ جو سڄو علائقو سندس هٿ هيٺ ڏئي ڇڏيو. ملڪ غازي مغلن جي حملن کان بچاءُ لاءِ ملتان ۽ ديبالپور ۾ مضبوط قلعا جوڙايا.

مغلن جو حملو[سنواريو]

6 ــ 1205ع ۾ ڪيڪ ۽ اقبال مند مغل سردارن سٺ هزار مغل سپاهين سان گڏ ملتان تي پنهنجي ٻن سردارن محمد علي ترتق ۽ علي بيگ کي ڇڏائڻ لاءِ حملو ڪيو. ملڪ غازي خان مڙسي سان انهن جو مقابلو ڪيو ۽ صرف چئن هزار سپاهين کان سواءِ باقي سڀ مغل تلوارن جو کاڄ بڻيا. ڪيڪ کي گرفتار ڪري دهلي موڪليو ويو جتي کيس هاٿي جي هيٺان چيڀاٽيو ويو. اهڙي شڪست کان پوءِ مغلن ملڪ غازي خان جي ڊپ کان گهڻي عرصي تائين هندستان تي حملو نه ڪيو. 8 ــ 1307ع ۾ علاؤ الدين وفات ڪئي. اهو به مشهور آهي ته ملڪ ڪافور کيس زهر ڏيئي ماريو. سلطان علاؤ الدين جي وڇوڙي کان پوءِ ان جي سڀ کان ننڍي فرزند پنجن سالن جي شهاب الدين کي ملڪ ڪافور جي مدد سان تخت تي ويهاريو ويو. پندرهن ڏينهن کان پوءِ جڏهن ملڪ ڪافور قتل ٿي ويو ته سردارن علاؤ الدين جي ٻي پٽ مبارڪ شاهه خلجي جي مٿي تي بادشاهت جو ڇٽ رکيو ۽ هو سلطان قطب الدين مبارڪ شاهه جي لقب سان سڏجڻ لڳو..[1].

خلجي گھراڻي جي سنڌ ۾ گورنرن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page14.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }