نصرت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نصرت خان
دھلي جي خلجي سلطنت جو ملتان ۽ سنڌ جو گورنر
کان تائين
پيشرو الب خان
جانشين تاج الملڪ ڪافوري
ريجنٽ سلطان علاءالدين خلجي
مذھب اسلام


علاؤ الدين خلجي، نصرت خان کي ڏهه هزار سوارن سان ملتان، اچ، بکر، سيوستان ۽ ٺٽي اماڻيو ۽ حڪم ڏنو ته باغين جي پاڙ پٽي اتي پنهنجا اعتماد وارا ماڻهو مقرر ڪري.

سيوستان جي مهم[سنواريو]

99 ـ 1298ع ۾ سيوستان جيڪو سنڌ جو هڪ ڀاڱو هو، جي راجا صلدي يا ڇلديو مغلن کان مدد وٺي خود مختيار ٿي ويٺو.سلطان علاؤ الدين، الب خان کي لشڪر سان گڏ راجا کي ڪچلڻ لاءِ موڪليو. الب خان سيوستان جو اچي گهيرو ڪيو پر اندر ويٺل راجا صلدي جي ڀاءُ ۽ ٻين مغلن اهڙا تير وسايا جو قلعي ويجهو ڪنهن پکي جو اچڻ به مشڪل هو، تنهن هوندي به ظفر خان (الب خان) مڙسي سان قلعو فتح ڪري ورتو ۽ راجا صلدي، سندس ڀاءُ ۽ ٻين مغلن کي گرفتار ڪري دهلي اماڻيو..[1].

خلجي گھراڻي جي سنڌ ۾ گورنرن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page14.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }