نصرت ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نصرت حسين ابڙو شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ مدئجيءَ ۾ پھرين ڊسمبر 1938ع ۾ ڄائو، شروعاتي تعليم پنھنجي علائقي جي اسڪول ۾ حاصل ڪيائين. ان بعد سنڌ جي سُڌ سماءُ واري کاتي ۾ ملازمت شروع ڪيائين ۽ اتان ڊائريڪٽر جي عھدي تان ريٽائر ڪيائين. نصرت حسين 22 جنوري 2004ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. نصرت ابڙي سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ سنڌ جي مختلف ماڳن ۽ شخصيتن جي باري ۾ مضمون لکيا. سندس ڪتاب ”ڪراچي روشنين جو شھر“ مشھور آهي. هن هڪ ٻيو ڪتاب ’سنڌ جا ڪالم نگار‘ جي نالي سان پڻ آهي. هن شاھ لطيف جي تڪين تي سٺو مواد جمع ڪيو هو جيڪو ڇپائي نہ سگهيو، پاڻ مدئجي لڳ شاھ لطيف جي تڪئي جو سنڀاليندڙ بہ هو.[1]

حوالا[سنواريو]