نسيم زهرا
| نيسم ذهرا Nasim Zehra | |
|---|---|
| پيدائش | 08 جنوري 1959 (عمر 66 سال) لاهور, پنجاب, پاڪستان |
| قوميت | پاڪستاني |
| مادر علمي | فليچر اسڪول آف لا اينڊ ڊپلوميسي, قائداعظم يونيورسٽي |
| پيشو | صحافي |
| تنظيم | چينل 24 |
| ويب سائيٽ | |
| www | |
نسيم زهرا پاڪستاني صحافڻ ۽ ليکڪا آهي، جيڪا چينل 24 تي پرائم ٽائم ڪرنٽ افيئرس ڳالهہ ٻولهہ جي هڪ پروگرام جي ميزباني ڪندي آهي. سندس پروگرام کي عوام ۾ ڏاڍو پسند ڪيو ويندو آهي.[1] [2] نسيم زهرا قائداعظم يونيورسٽي منجهان ڪاروبار (بزنس) جي تعليم حاصل ڪئي ۽ 1989 ۾ ٽفٽس يونيورسٽي جي فليچر اسڪول ڊپلوميسي منجهان تعليم حاصل ڪئي. [3] هن ڪينيڊا جي بين الاقوامي ترقياتي ايجنسي ۽ ترقي ۽ تعاون جي سوئس ايجنسي ۾ ڪم ڪيو آهي، هڪ ڊويلپمنٽ پرڪيشينر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. زهرا 2006 ۾ جان هاپڪنز يونيورسٽي جي اسکول آف ايڊوانسڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز، ۽ پوءِ سال 2010 ۾ قائداعظم يونيورسٽي ۾ مهمان ليڪچرار (وذيٽنگ فيڪلٽي) جي حيثيت سان خدمتون ڏنيون آهن. هن نومبر 2008 ۾ دنيا نيوز ۾اينڪر پرسن شموليت اختيار ڪئي ۽ فيبروري 2013 تائين پاليسي معاملن جي ميزباني ڪئي، جنهن دوران هن مائيڪل مولن سميت ڪيترن ئي قومي ۽ عالمي اڳواڻن جا انٽرويو ورتا.[4] [5] اپريل 2013 ۾،هي ڪيپيٽل ٽي وي ۾ منتقل ٿي وئي ۽ چينل جي هاڻوڪي معاملن (ڪرنٽ افيئرز) جي ايڊيٽر بڻجي وئي. هن آڪٽوبر 2014 ۾ ڪيپيٽل ٽي وي ڇڏي ڏني. سيپٽمبر 2015 ۾، هن نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالوجي ۾ مهمان پروفيسر شموليت اختيار ڪئي ۽ فيبروري 2016 تائين برقرار رهي. آڪٽوبر 2014 تي، هي چينل 24 ۾ شامل ٿي وئي، نسيم زهرا گهڻي محنت سان ٽي وي تي پنهنجي جڳهہ ٺاهي.[6]
ڪاتب
[سنواريو]2018 ۾ هن هڪ ڪتاب "ڪارگل سي بغاوت تڪ: واقعا جن پاڪستان کي لوڏي ڇڏيو " جاري ڪيو. جيڪو ڪارگل جي تڪرار جي تناظر ۽ ان جي نتيجي هندستان ۽ پاڪستان جي لاڳاپن تي پوندڙ نتيجن تي ٻڌل آهي.[7]۔ ان ڪتاب جي پنهنجي ڇپجڻ کانپوءِ وڏي پزيرائي ملي. ڪتاب جي مهورت لاءِ باقاعدي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڪتاب جي ليکڪا نسيم زهرا ڪتاب جي ڇپائي جي سلسلي ۾ مدد جي لاءِ آمنا سعيد جون مهربانيون مڃيون هيون.
حوالا
[سنواريو]- ↑
- ↑ http://tribune.com.pk/author/1641/nasim-zehra/ stories on دي ايڪسپريس ٽريبيون
- ↑ Board of Governors - Lead Pakistan آرڪائيو ڪيا ويا 2014-08-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Retrieved 13 August 2014
- ↑ http://www.dunyanews.tv/index.php?anc_id=Mg==#
- ↑ "Anchorgate", Mohammad Mufti, 21 جون 2012, حاصل ڪيل 21 جون 2012۔
- ↑ "nasim.zehra, Author at The Express Tribune", The Express Tribune (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2016۔
- ↑ Abdullah Niazi (29 May 2018), "Book launch by Nasim Zehra: ‘From Kargil to the coup: Events that shook Pakistan’", پاڪستان ٽوڊي. Retrieved 25 August 2018.