آزاد سفارتڪاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آزاد يا عارضي سفارتڪاري(انگريزي: Freelance Diplomacy) مان مراد اها آهي ته جيڪي ملڪ ڪنهن پيشيور ۽ مستقل سفارتڪار جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي حيثيت ۾ نه هوندا آهن، ته اهي عارضي بنيادن تي ادائگيءَ يا ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي محدود مقصدن لاءِ ڪنهن لاڀائتي شخص جون خدمتون وٺندا آهن. هن قسم جي ذميواري طئي ٿيل مقصدن جي حاصلات تي ٻڌل هوندي آهي ۽ عام طور ڪاروباري يا محصولياتي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ ڏني ويندي آهي. هن قسم جي سفارتڪاريءَ لاءِ دنيا ۾ مختلف ادارا ۽ حلقا قائم ٿي چڪا آهن، جيڪي ’لابنگ‘ سميت ڏنل ذميواريون پروفيشنل انداز ۾ پوريون ڪن ٿا. دنيا ۾ اڳوڻي آمريڪي صدر جمي ڪارٽر، برطانيائي سفارتڪار’ڪيئن راس‘ ۽ مشهور عالمي واپاري سفير’ڪولن ايونس‘ جا نالا ان ڏس ۾ تمام گهڻي اهميت رکن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]