نانڪانا صاحب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نانڪانا صاحب
ننكانہ صاحِب
شھر
نانڪانا صاحب شھر
Nankana Sahib.JPG
نانڪانا صاحب is located in Pakistan
نانڪانا صاحب
نانڪانا صاحب
جاگرافي بيهڪ: 31°27′0″N 73°42′24″E / 31.45000°N 73.70667°E / 31.45000; 73.70667مڪانيت: 31°27′0″N 73°42′24″E / 31.45000°N 73.70667°E / 31.45000; 73.70667
ملڪ Flag of Pakistan.svg پاڪستان
صوبو پنجاب
ضلعو نانڪانا صاحب ضلعو
بلندي ١٨٧ ميل (٦١٤ ft)

نانڪاڻا صاحب پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي نانڪانا صاحب جو ھڪ وڏو شھر ۽ ان ضلعي سان گڏوگڏ تحصيل نانڪانا صاحب جو صدر مقام آهي. اھو سکن جي پھرين گرو بابا گرو نانڪ جي نالي سان منصوب آھي جيڪو ان شھر ۾ پيدا ٿيو ھيو ۽ ان شھر مان ھن پنھنجي خيالن جي پرچار شروع ڪئي. اھو شھر پوري دنيا جي سکن لاء زيارت جي جاء آھي.[1][2] ھي شھر لاھور کان 91 ڪلوميٽر ۽ فيصل آباد کان 75 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آھي .[3] شھر جي آبادي 70000 جي لڳ ڀڳ آهي.[4]

تاريخ[سنواريو]

ھن شھر جو بنياد راءڀوئي نالي ھڪ مسلمان راجپوت وڌو هو ۽ شھر سندس نالي راء ڀوئي دي تلوندي سڏبو هو.[5] ان جي پوٽاڻ مان راء بلر ڀٽي ان شھر کي بابا گرونانڪ جي پيدائش جي نسبت ڪري نانڪانا صاحب جو نالو ڏنو. ھن شھر ۾ گرو نانڪ وارو گوردوارو 1600 ۾ ٺھيو ۽ ان جي مرمت 1819-1820 ۾ مھاراجا جئسا سنگھ طرفان ڪئي وئي. شروع ۾ نانڪانا صاحب شيخوپوره ضلعي جي تحصيل ھيو پر مئي 2005 ۾ پنجاب جي صوبائي حڪومت ھن شھر کي ضلعي جو درجو ڏنو.[6]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. Iqbal, Amjad. "Over 2,500 Indian Sikhs attend annual pilgrimage". DAWN.COM. حاصل ڪيل 20 April 2016. 
  2. Historical Gurudwaras:Nankana Sahib آرڪائيو ڪيا ويا 2011-09-14 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Sgpc.net. Retrieved on 2011-11-15.
  3. Nankana Sahib. Nha.gov.pk. Retrieved on 2011-11-15.
  4. "World Gazetteer estimate for Nankana Sahib". وقت February 9, 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. . World-gazetteer.com. Retrieved on 2011-11-15.
  5. Khalsa, Sukhmandir. "Historical Gurdwaras of Nankana, Pakistan Commemorating Guru Nanak Dev". About.com Religion & Spirituality. حاصل ڪيل 20 April 2016. 
  6. Nankana becomes a district. Dawn.com. Retrieved on 2011-11-15.