ناديہ جمال
ناديہ جمال Nadia Gamal | |
---|---|
پيدائش | Maria Carydias 1937 اسڪندريه, مصر |
وفات | 1990 (aged 53)[1] بيروت, لبنان |
پيشو | Dancer |
ناديہ جمال هڪ مصری رقاصہ ۽ اداڪارا هئي. هوءَ مقامی مصري بالڊي رقص کي مغربي والٹز، ڪاؤبوائي، چاچو ۽ ٻين سان گڏجي ناچ پيش ڪرڻ ۾ ماهر هئي.[2]
ابتدائي زندگي ۽ ڪيريئر
[سنواريو]مصر جي اسڪندريه ۾ هڪ يوناني پيءُ ۽ اطالوي ماءُ جي گهر پيدا ٿي. ان جو جنم نالو ماريا ڪيريڊياس آهي. پيانو جي سکيا سميت بيلي ۽ نل جهڙي انيڪ قسم جي رقص گمال شروعاتي طور تي پنهنجي ماءُ وٽان سکيو. جڏهن هيءَ 14 سال جي هئي ته ان جي ماءُ جي ڊانس گروپ ۾ شامل هڪ بيمار ڊانسر پنهنجي بدران ان کي لبنان ۾ راڪ شرقي ڊانس ڪرڻ جو موقعو ڏنو، جيڪو هن جي ماءُ ڪرڻ کان کيس منع ڪيو. ان کانپوءِ، هوءَ هڪ مشهور رقاصه بڻجي وئي ۽ مصري فلمن ۾ ڪيترائي جلوا ڏيکاريا. [1] 1968 ۾، جمال بالبيڪ انٽرنيشنل فيسٽيول ۾ پرفارم ڪندڙ پهرين ريڪس شرقي ڊانسر بڻجي وئي. هيءَ قاهره اوپيرا هائوس ۾ به حاضر ٿي ۽ شاهه حسين ۽ شاهه ايران جي لاءِ ناچ ڪيو. هن پنهنجي ڪيريئر جي دوران ايشيا، وچ اوڀر، يورپ، لاطيني امريڪا ۽ اتر امريڪا جو دورو پڻ ڪيو. 1978 ۽ 1981 ۾ هن نيويارڪ شهر ۾ مختصر طور تي ڊانس ورڪشاپس سيکاريو.انکانپوءِ پنهنجي ڪيريئر ۾ هن ناچ جو اسڪول کوليو.[1]
وفات
[سنواريو]ناديا جمال کي ڇاتي جي ڪينسر جي سُڃاڻپ 1990 ۾ ٿي ۽ بيروت ۾ سندس علاج دوران نمونيا جو شڪار ٿي وفات ڪري وئي. [1]
فلمی گرافی
[سنواريو]- پریم پجاری (1970)
- بازی ایش (1968)
- بزی ای شان (1968)
- موال اکردم الظہبیہ (1966)
- گارو (1965)
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 Grass, Randall (2009). "Nadia Gamal: The Oriental Dance Diva". Great spirits: portraits of life-changing world music artists. University Press of Mississippi. pp. 201–223. ISBN 978-1-60473-240-5. https://books.google.com/books?id=PeU3AkXs7fQC&pg=PA201&dq=nadia+gamal&cd=1#v=onepage&q=nadia%20gamal&f=false. Retrieved 26 مارچ 2010.
- ↑ Sharif, Keti (2005). Bellydance: A Guide to Middle Eastern Dance, Its Music, Its Culture and Costume. Allen & Unwin. pp. 97–98. ISBN 1-74114-376-4. https://books.google.com/?id=1YlyM6eRIJ4C&printsec=frontcover#v=onepage&q=nadia%20gamal&f=false. Retrieved 26 مارچ 2010.