مڱڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
مڱڻيءَ جي منڊي

مڱڻي ان رسم کي چيو ويندو آھي جنھن ۾ ھڪ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ھڪ ٻئي سان مستقبل ۾ پرڻو ڪرڻ جو ارادو ڪندا آھن. مڱڻيءَ جي موقعي تي ڪيترن ئي ھنڌن تي ڇوڪرا ڇوڪريون ھڪ ٻئي کي منڊيون پارائيندا آھن جنھن کي مڱڻيءَ جي نشاني سمجھيو ويندو آھي.

سنڌ ۾ مڱڻي جي رسم[سنواريو]

پاڪستان ٺھڻ کان اڳ

مڱڻو گهڻو ڪري تڏهين ڪبو ھو، جڏهن سامائجڻ جو تسيلم ٿيل نشانيون نروار ٿينديون ھيون، يعني پٽن جي پندرهن سالن ۽ ڌيئرن جي ٻارهين سال ۾. شاهوڪارن ۽ وڏن ماڻهن ۾ ننڍي هوندي شادين ڪرائڻ جو رواج . وچولي درجي جي معزز ماڻهن کي پئسي جي تنگي، مخفي لاڳاپن ۽ گهرو اعتراضن جي ڪري، ڪڏهن ڪڏهن نڪاح جي رسم لاءِ، جيڪا سندن دين موجب فرض ھيو، ويهن يا ٽيهن ورهين تائين ترسڻو پوندو ھو. پر عام رواج هو ته ڇوڪريءَ کي جيترو ٿي سگهي اوتر جلد شادي ڪرائجي. مڱڻو شادي لاءِ هڪ تياري آهي. ٻنهي رسمن جي وچ ۾ ڪجهه وقت گذرڻ ضروري هوندو ھو. شادي کان اڳ مڱڻو هڪ رسم آهي ۽ ان جو شرعيت سان ڪو واسطو نه آهي، پر هاڻي هڪ ضروري قدم ٿي ويو آهي. جنهن کي به خرچ جي سگهه هوندي ھئي، سو مڱڻي کان نٽائڻ جي ڪوشش نه ڪندو ھو، پوءِ ڀل مڱڻي جي خرچ ڪري ورهين جا ورهيه ترسڻو پويس. جيستائين هو ميڙي چونڊي ڪري نڪاح جي رسم ادا ڪري. عام خيال آهي ته شادي ۾ پڄندي کان گهٽ خرچ ڪرڻ بخل ۽ گلا جي نشاني ھئي. تنهن ڪري مذهبي ماڻهو به ناموس جهڙي چڱي مراد لاءِ، قرض کڻڻ تي اعتراض ڪين واريندا ھئا. پر اهو فضول خرچ فقط پهرينءَ شادي ۾ جائز ٺهرائبيو ھو. ٻي شادي يا ڏنيل عورت سان شادي ڪرڻ ۾ ايتري ڊيگهه ڪانه ڪبي هئي . ڪن عالمن انهي رواج کي فضول ٺهرايو ھو. انهي رواج جو پايو سوچي سمجهي وڌو ويو، ته جيئن ماڻهن جي دلين تي پهرين شادي جي مذهبي اهميت ويهاري وڃي ۽ شادين جي ڪثرت ۾ رڪاوٽ پوي. مڱڻي کان پوءِ سياڻا ماڻهو طرفين کي ملڻ جو وجهه ڪونه ڏيندا ھئا، پر مرد ٻيءَ ڌر جي مردن سان ۽ زالون زالن سان ملنديون رهن ٿيون. مٿئين طبقن جي ماڻهن ۾ شاديءَ کان اڳ گهوٽ ڪنوار جو ملڻ ڳالهائڻ بدناميءَ جو باعث سمجهيو وڃي ٿو. گهوٽ جي ماءُ، پنهنجي مڙس جي علم کان سواءِ، گهوٽ ۽ ڪنوار جي ملاقات تي لڪ ڪندي آهي. پر انهيءَ جي اها معنيٰ ناهي ته ڪو هروڀرو بدناميءَ جهڙو ڪم ٿيندو آهي. سنڌ ۾ گهٽ ذات وارا ماڻهو سمجهندا ھئا ته کين سندن مڱن سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ جو حق آهي. مڱڻي جي رسم هن ريت ادا ڪبي هئي؛ پهريائين ڪو نيڪ ڏينهن مقرر ڪبو آهي. سومر، اربع، خميس يا جمع جا ڏينهن ۽ رمضان، ربيع الاخر، رجب ۽ شعبان جا مهينا چڱا سمجهيا وڃن پيا. هڪڙو وڪيل يا وچ وارو، مرد هجي يا زال، خاص ان ڪم لاءِ ڇوڪريءَ جي گهر موڪلبو ھو. هو ملڪ جو واءَ سواءُ لهي هنن جي گهر ويندو ھو ۽ پهريائين هتان هُتان جي ڳالهه ڪري، نيٺ پنهنجي مطلب جي ڳالهه ساڻن چوريندو ھو. رواج موجب نينگريءَ جا رشتيدار، پهريون ڀيرو انڪار ڪندا ھئا، ڇاڪڻ ته هڪدم قبول ڪرڻ زيبائتو نہ لڳندو هو. پهرينءَ ملاقات اهڙيءَ طرح اوچتو پوري ٿيندي ھئي. مهيني کن کان پوءِ وري ٻيهر ساڳيو ماڻهو موڪلبو ھو ۽ هو وري ساڳي ڪاروائي ڪندو ھو. هن ڀيري جيڪڏهن عزيزن کي مائٽي پسند نه هوندي، ته اُهي صفا جواب ڏيندا آھئا؛ ” جيڪڏهن الله کي ايئن گهربل هوندو ته لکئي کان ڪنڌ ڪڍائڻ اجايو آهي. پر، اڃان اسان کي ڇوڪريءَ کي اُٿارڻ جو ارادو ڪونه آهي.“ جيڪڏهن اهڙيون رضا جون نشانيون نظر آيون ته پوءِ ڇوڪر جا عزيز ۽ خويش ڇوڪريءَ وارن وٽ پنڌ شروع ڪندا آهن. ٻيءَ ڌر وارا به انهن وٽ ايندا ويندا آهن. گهوٽ- ڪنوار جي چال چلت، اُٿ ويهه ڏسڻ ۽ ڌرين جي دوستيءَ جي حيثيت جاچڻ لاءِ هي چڱو موقعو سمجهبو ھو. واسطيدار ماڻهن کي هڪٻئي سان ملڻ ڪونه ڏبو ھو. پر جيڪي وهندو واپرندو ھو، تنهن جي کين سموري خبر پئجي ويندي ھئي. طرفين کان تفصيلوار خبرون ٻُڌايون وينديون ھيون ، نيٺ جيڪڏهن ڇوڪريءَ جي مائٽن کي پنهنجي ارادي بدلائڻ جو ڪو سبب نه ملي سگهندو (هنن کي ڦرڻ جي اختياري هوندي هئي) ته تاريخ ڏسينداھئا. جيڪڏهن اڳلن کي اها تاريخ قبول پئي ته گهوٽيتا ڪنهن مقرر وقت تي گڏجي، رئو، چولو، سُٿڻ ۽ ٻيا ڪپڙا ۽ ميندي، پنجين ڇهين رپئين جي مٺائي، زيور جهڙوڪ هار، ويڙهه ۽ کيرول؛ ويڙهه هڪ قسم جي منڊي آهي، جنهن ۾ سوني يا روپي تار ٻه ٽي ڀيرا ويڙهيل هوندي هئي. کيرول سون يا چانديءَ جي پٽ مان ٺهيل هوندو ھو. هر واري مُنڊي جيان اُهي ان ۾ ٽڪ يا ٻُڙو پيل ڪونه هوندو ھو؛ يعني مُنڊيون کڻي ڪنوار جي گهر ويندا ھئا. گهر ۾ اڳيئي تياري ٿيل هوندي ھئي. مرد جدا ويهي ڳالهيون ڪندا آهن ۽ زالون حجامڻ/ لنگهيءَ سان گڏجي سوغاتون کڻي اندر صُفي ۾ وينديون آهن. پوءِ ڪنوار کي ڪپڙا ۽ زيور پارائي، هٿن کي ميندي لائي هڪڙيءَ ڪوٺيءَ جي وچ ۾ ويهاريندا آهن. هن جي ماءُ حجامڻ/ لنگهيءَ کي کير جي دلي سان ڇوڪر جي سُهري وٽ مردن ۾ موڪليندي ھئي...... حجامڻ کير مردن کي پياري، واڌايون ڏيندي ھئي. پوءِ اُهي وات مٺو ڪندا ھئا ۽ باقي بچيل مٺائي ڪنوار جي ڪمري ۾ موڪليندا ھئا. مرد سڀ هٿ کڻي دعا پڙهندا ھئا. ان کان پوءِ ڪنوار جي پيءُ کان شادي جي تاريخ گهُرندا ھئا. اُهو مهينو ۽ ڏينهن ٻُڌائيندو ھئا ۽ پوءِ سڀ اُٿي ويندا ھئا. هن کانپوءِ رشتو ٽوڙڻ اڻ سهائيندڙ سمجهبو ھو. پر اهو رواج ھو ۽ ان لاءِ ڪا مذهبي پابندي نه آهي. ڪن حالتن ۾ گهوٽ- پيءُ ڦري سگهندو ھو، پر نياڻي جو پيءُ گلا ڪارڻ اهڙو ڪم ڪڏهن به نه ڪندو ھو. مٿين بيان مان ڄاڻ ملي ٿي ته وچولي درجي جي ماڻهن ۾ مڱڻو ڪيئن ٿيندو ھو. ٻيا ڪهڙا ساٺ سُڳن ۽ تماشا ٿيندا ھو. تنهن جو آڌار ڌرين جي وت تي هوندو ھو. گهڻا شاهوڪار ماڻهو خوب پئسو لٽائيندا ھئا. ستن کان چوڏهن ڏينهن تائين مانيون، ناچ، ڳانا ۽ خيراتون هلنديون ھيا. غريب ماڻهو ٿوري مان ڪم ڪڍندا ھئا..... اُهي مٺائي بجاءِ کجور، سون جي جاءِ تي رپو، ۽ ريشم جي جاءِ تي سُٽ ڪم آڻيندا ھئا. مڱڻي ۽ شاديءَ جي وچ ۾، گهوٽ جا ماءُ ۽ پيءُ ۽ عزيز ڪنوار ڏي روڪ- خرچي ۽ مٺائي هڪ ٻن وڳن سان گڏ موڪليندا يا کڻي ويندا ھئا.[1] مڱڻي جي لاءِ ڪنوار لاءِ هڪ کهنبو، هڪ کهنبو، چولو، سائي سٿڻ، پڙو، گج تيار ڪرائيندا آهن، ويڙهه، کير منڊي، هار، سڳيون، اڳٺ، جُتي به آڻيندا آهن. ان سان گڏ موڙ به هوندو آهي، جنهن ۾ پتاشا، مصري، کارڪون، ناريل، باداميون وغيره هونديون آهن. ان کان سواءِ مڱڻي جي دعوتين ۾ورهائڻ لاءِ مٺائي به ٺهرائيندا آهن. ڪي لڏون ٺهرائين ته ڪي ٽڪِون پوءِ اهو ڪنوار کي ڏيڻ وارو سڀ سامان ٺاهي جوڙي ڇڪور ۾ وجهي، ان جو منهن حلواڻ جي ڪپڙي ۽ ڳاڙي سٽ سان ٻڌي، ڪا سهاڳڻ کڻي هلندي آهي ۽ زالون ڳائينديون وڄائينديون، دهلن ڌمامن سان وينديون آهن ڪنواريتي گهر. مڱڻي تي زالون ڪنوار کي وڳو پارائي، مٿي تي کهنبو ڏينديون آهن. ان مهل ٻروچ قوم ۾ گهڻو ڪري هي ڳيچ ڳائينديون آهن: تيڏي کهنبي دا زيب....
ڀراوَ جيونئي، جيوئي لال ونا.......
وني دا کٽيا کاوين.......
ٿيو ئي سهاڳ گهڻا...........
جڏهن گهوٽ ايندو اُهي، تڏهن سماٽن ۾ هي ڳيچ ڳائينديون آهن:
ٻڌ کهنبڙي ڀاڳ......
ڪر ولائتي وڳو ابا توکي سارڙي سنڌ انعام.........
لاڏا تنهنجو ڀائر ڪن سلام.........
لاڏل مرڪي منهه آيو.........
سائو رومال هٿ ۾ کلندڙو گهوٽ اچي
بيهندو ڀائرن اڳ ۾ کهنبڙو ويس ڪري
هلندم ساهراڻي سيج تي وَرَ ڏيو ٿو ويس ڪري.
پوءِ گهوٽ کي ساهراڻي طرف کان لونگي ملندي آهي. ان سان گڏ موڙو به هوندو آهي. لونگي جهلڻ مهل سماٽن ۾ هن لاڏي ڳائڻ جو رواج آهي:
لوڏي لونگيءَ پاند بنو آيو.......
آيو ڙي آيو الهه ملايو. .........
سروي بي جي سونهن سهرا وي.....
موتين جوڙ بنايو........
لوڏي لونگيءَ پاند
. ان کان پوءِ مڱڻي جي گهور ٿيندي آهي ۽ دعوتين ۾ مٺائي ورهائيندا آهن. گهوٽ جي ساهراڻي گهر اچڻ کان وٺي مڱڻي ٿي وڃڻ تائين ناچ، ڳائڻ وڄائڻ، دهل شرنايون مطلب ته گوڙ لڳو پيو هوندو آهي. ائين مڱڻي جي رسم ڳائيندي وڄائيندي پوري ٿي ويندي آهي. پوءِ صبح جو ڪنوار جو نڪ سونيءَ سئيءَ سان ٽوپيندا آهن ۽ گهوٽ ڳائڻ-وڄائڻ سان ساهري گهر اچي موڙو وٺندو آهي. مڱڻي کان پوءِ سگهوئي شاديءَ جا ڏينهن ٻڌبا آهن، تيستائين ماڻهو دهل بيهاريندا آهن. روز رات جو ڳائڻ ٿيندو آهي. شاديءَ جو ڏينهن ٻڌو ته زالن لاءِ ڪابه ويل واندي نه هوندي آهي. نوان نوان ڪپڙا وٺڻ-ڳهه ڳٺا ٺهرائڻ- ڏيج جو سامان سڙو وٺڻ، جورا ٺاهڻ، ٽاڪڻ- مطلب ته کين سبڻ، ٽوپڻ ٽانڪڻ، کان مٿي کنهڻ جي به وار کائي ڪانه هوندي آهي. پري پري جي عزيزن کي دعوتون دڙيون موڪلڻ- مطلب ته روز روز نيون نيون ڳالهيون پيدا ٿينديون آهن. انهيءَ خساري هوندي به اهو ضرور ياد رکڻو پوندو اٿن ته ڪو دعوت کان رهجي نه وڃي. جيڪو ڀاءُ رٺل هوندو آهي، يا ڪنهن جو پاءُ پاڻيءَ جو هوندو آهي ته ان جي پرچائڻ لاءِ وڏا وس ڪندا آهن، پوتيون، پلاند، منٿون، ميڙيون ڪري به ضرور رٺل پرچائيندا. وري مهمانن جي رهائڻ جو بندوبست ڪرڻ، چانور، گيهه، پهرو، ديڳين گهرائڻ جو کٽراڳ ڇنان ٺاهڻ- گهڻو ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو آهي. تان جوشاديءَ ۾ وڃي باقي ڏينهن رهندا آهن. انهيءَ وچ ۾ پري جا ڪي ڄاڃي اچي به ويندا آهن. پوءِ ٿيندو ونهه جو سعيو، ونهه کي ڪا ماڻهو ونواهه به چوندا آهن.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. رچرڊ برٽن؛ حيدرآباد ۽ ان جون ريتون رسمون ; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ
  2. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page4.html.  Missing or empty |title= (مدد)}