مٺا خان زرداري
ڏيک
مٺا خان زرداري (Mitha Khan Zardari) نوابشاهه ۾ راڻو خان زرداريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. 1942ع ۾ نور محمد هائي اسڪول، حيدرآباد مان ڏهون درجو پاس ڪري پوليس کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيو. پر سندس سڃاڻپ گهڙو ئي رهي. غوث بخش بروهي ۽ خميسو خان، الغوزو ۽ مٺا خان جڏهن گهَڙو وڄائي سُرَ پکيڙيندا هئا ته پنڊال ۾ ويٺل خلق صفا جهومي پوندي هئي. مٺا خان پنهنجي فن جو مظاهرو اٽلي، چين، جرمني، برطانيا، دبئي ، ڊنمارڪ، ڀارت، ڪينيا ۽ ڪئناڊا سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ پڻ ڪيو۔ مٺا خان کي صدر ايوب خاص جهاز ذريعي اسلام آباد گهرائي سندس گهڙو ٻڌو هو۔ پاڻ پنهنجي فن جي مڃتا تي صدارتي ايوارڊ، شاهه لطيف پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ پڻ ماڻيائين۔ مٺا خان زرداري 12 مئي 2011ع تي هن دنيا مان رحلت فرمائي ويو.[1][2][3][4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ گهڙي نواز مٺا خان زرداري ( پهرين ورسيء تي کيس ڀيٽا ) | SindhSalamat, اصل کان 01 ڊسمبر 2021 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 16 مئي 2016۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ صدارتي ايوارڊ يافته مشهور گهڙي نواز مٺا خان زرداري به موڪلائي ويو | SindhSalamat, اصل کان 01 ڊسمبر 2021 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 16 مئي 2016۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ "زرداري مٺا خان : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 21 جون 2020۔
- ↑ www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta//images/2017/May/12-05-2017/Page7/P7-8.htm
|url=عنوان غائب (مدد), حاصل ڪيل 21 جون 2020۔