ميمڻ ڪالوني، ڪراچي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ميمڻ ڪالوني جي ڪارنر تي واقع مشھور عورتن جو مینا بازار

ميمڻ ڪالوني، گلبرگ ٽائون (فيڊرل بي ايريا) ضلعي سينٽرل، ڪراچي ۾ ميمڻ برادري جي سڀ کان وڌي آبادي آهي۔ سال 1956ع ۾ وفاقي گادي واري هنڌ لاءِ مختص ڪيل علائقي جو نالو فيڊرل ايريا رکيو ويو. بعد ۾، وفاقي راڄڌاني اسلام آباد منتقل ٿيڻ کان پوء، عام رهائشي آبادي کي مختص ڪيو ويو۔ ان جو بلاڪ 3 ميمڻ برادري ۽ اسماعيلي برادري کي الاٽ ڪيو ويو۔ اهڙيءَ ريت هتي ٻه رهائشي اسڪيمون، ڪريم آباد ڪالوني ۽ ميمڻ ڪالوني جی نالی سان وجود ۾ آيون۔

ميمڻ ڪالوني 120 چورس گز جي 1720 گهرن تي مشتمل آهي۔ ڪاٺياواڙ جي ٻين ميمڻ برادرين کان سواءِ جن ۾ بانٽوا، راڻاوائو، جيت پور، کٽياڻا، اوکائي ۽ پوربندر جا محلا موجود آھن۔ راجڪوٽ، واساواڊ، ونٿلي، گوندل، ڌوراجي ء هالاري ميمڻ جو وڏو تعداد پر موجود آهي. شريف آباد ۽ عزيز آباد جا علائقا ان جي ڀرپاسي ۾ آهن۔

اهم جڳھون[سنواريو]

پائیڪیا اسپرس۔ ینگ فیمیل ڪون۔

ڪريم آباد جی سبزي ۽ گوشت مارکیٹ ۽ حسين آباد فوڊ اسٽريٽ هتي جي مشهور جايون آهن۔ جامع مسجد حسين آباد، ميمڻ مسجد صديق آباد، نوري مسجد علي آباد ۽ مدني مسجد علی آباد کان علاوه پنج ننڍيون مسجدون به ان جي حدن ۾ اچي وڃن ٿيون۔ اهم تعليمي ادارن ۾ ميمڻ گرلز ڪاليج، رونق اسلام گرلز اسڪول ۽ ايڇ اي ايف اسڪول پڻ ان جي حدن ۾ اچن ٿا۔ صحت مرڪزن ۾ ميمن ميڊيڪل سينٽر، فاطمه بائي تائي اسپتال، کٽيانا اکين جي اسپتال ۽ اوکائي ميٽرنٽي هوم شامل آهن۔ ایچ ای ایف پارڪ، حاجي رحمت الله ميمڻ فيملي پارڪ ۽ سر آدمجي پارڪ تفريحي سهولتن لاءِ آهن۔ ڪراچي جو تبليغي مرڪز، مدني مسجد، ٽبا دل جي اسپتال، عثمان ميموريل اسپتال، سر آدمجي انسٽيٽيوٽ ۽ مينا بازار به ڀرسان ئي آهن۔