مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

امير خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
امير خان
مير ابوالبقا
ٺٽي جو مغل گورنر
1039ھ کان 1041ھ (ٻيو دؤر:4 ربيع الاول 1052ھ کان 1057 تائين)
پيشرو *پھريون دفعو: مير حسام الدين
جانشين *پھريون دفعو: محمد خان تاشقندي
ريجنٽ شھنشاھ شاھجھان
گهراڻو سنڌي
لاڏاڻو 1057ھ 1642 يا 1643 ۾
ٺٽو
تدفين روھڙي ۾ خانداني قبرستان صفئه صفا ۾ (تحفة الڪرام مطابق مڪلي)
مذھب اسلام

امير خان(انگريزي: Ameer Khan)18 ربيع الال 1039ھ کان ڪجهه ڏينهن اڳ فرمان مليس ۽ 1041ھ تائين ٺٽي جو صوبيدار رهيو.[1].

تفصيلي تعارف[سنواريو]

12 ربيع الاول 1039ھ تي ملتان جي حاڪم يمين الدوله جي نائب امير خان کي اتان بدلي ڪري سنڌ موڪليو ويو ۽ هي ٺٽي جو ٽيون سنڌي نسل گورنر هو. ماثر الامراءَ مطابق هو نواب ابوالقاسم نمڪين جو وڏو پٽ هو ۽ پنهنجي علم، فهم ۽ ڏاهپ ۾ ٻين کان نرالو هو، پيءُ جي وفات کانپوءِ ترقي ڪري جهانگير کان ٻه هزاري، پنج سؤ هزاري ۽ پنج سؤ سوار منصب ۽ يمين الدوله خطاب حاصل ڪري ملتان جي حڪومت تي مقرر ٿيو.

ٺٽي جي گورنري[سنواريو]

مرتضيٰ انجو جي موت بعد 1039ھ تي امير خان کي ٺٽي جو گورنر ڪيو ويو. بادشاهه نامي ۾ لکيل آهي ته: شاهجهان کي مرتضيٰ انجو جي موت جو اطلاع مليو ته امير خان جيڪو ان وقت ملتان جي حڪومت تي رکيل هو، جي منصب ۾ اضافو ڪري کيس ٺٽي جي گورنري ڏني. تحفة الڪرام مطابق شاهجهان امير خان کي ٺٽي موڪلڻ وقت اها تنبيهه ڪئي ته شريف الملڪ جي دؤر وارن اهلڪارن کي سخت سزائون ڏئي پنهنجن عهدن تان لاٿو وڃي. تنهن ڪري امير خان ٺٽي پهچندي ئي انهن همراهن کي پنهنجين نوڪرين تان هٽائي سزائون ڏنيون ۽ ڪڪرالي جي ڄام کي به جنهن شاجهان کي ٺٽي ۾ تڪليف پهچائي هئي، قيد ڪيو. ان سان گڏ شاهجهان سان ٺٽي ۾ ڀلايون ڪندڙ حمل جت ۽ راڻي ڌاريجي کي وڏي عزت سان درٻار موڪليو. امير خان جو ڀاءُ ميرڪ يوسف پنهنجي ڪتاب تاريخ مظهر شاهجهاني ۾ لکي ٿو ته: هن شهر (ٺٽي) ۾ تمام گهڻا عالم، فاضل، شاعر ڪاتب، خدا پرست ۽ شريعت جا پابند ماڻهو رهن ٿا. سڀئي ڌنڌي ڌاڙي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڪرت سان لاڳاپيل آهن، نڪامره ۽ ڪهر قوم کان ڊڄندا آهن، جن جي سردارن کي ترخانن پنهنجي هٿ ۾ رکيو آهي. مغلن به قبضي وقت ڄام هالا، راڻو ۽ عمر کي عارضي عهدا ڏئي ٺٽي جي صوبيدار جي هٿ ۾ رکيو. امير خان ٺٽي جي ڏنگي قوم ڪهر کي ماري مڃايو ۽ سندس سردار ڄام هالا جي سرڪشي کي ختم ڪيو. ٺٽي جي صوبي چاچڪان ۾ مندره قوم جي ماڻهن به رڻ ٻاري ڏنو هو. گڏوگڏ پاڻ ۾ وڙهندڙ قبيلن سميجا ڪهر، سميجا ساند، سميجا جوڻيجا، سميجا ڪيريا ۽ سميجا دل ۽ سوڍن جي ڪري ماڻهن جو سڪون آرام ختم ٿي چڪو هو، انهن سڀني کي امير خان سڌو ڪيو ۽ علائقي ۾ امن امان قائم ڪيو. چاڪر هالا جي سرڪار به سڌارا آندائين پر 1041ھ ۾ هتان بدلي ڪيو ويو.

جونا ڳڙهه ۾ مقرري[سنواريو]

1041ھ (1631ع) تي شاهجهان ٺٽي کان بدلي ڪري امير خان کي جونا ڳڙهه ۾ رکيو. ماثر الامرا ۾ آهي ته 46 ــ 1045ھ ۾ جڏهن شاهجهان دولت آباد کان گادي واري هنڌ موٽي رهيو هو ته دڪن جي علائقي بيڙ جي حڪومت تي امير خان کي رکيائين.

سيوهڻ جي صوبيداري[سنواريو]

شاهجهان جي چوڏهين سال 1051ھ تي (42ــ 1641ع) ۾ امير خان کي سيوهڻ جي صوبيداري ڏني وئي.

ٺٽي تي ٻيهر حڪومت[سنواريو]

هڪ سال سيوهڻ ۾ گذارڻ کانپوءِ امير خان کي ٻيهر ٺٽي بدلي ڪيو ويو. شاهجهان نامي ۾ اها تاريخ 4 ربيع الاول 1052ھ ٻڌائي وئي آهي. ٺٽي جي شاهجهاني جامع مسجد جيڪا اڄ به سياحن جي نظرن جو مرڪز ۽ هر اک لاءِ ڏسڻ وٽان آهي، اها امير خان پنهنجي هن ٻين دؤر ۾ اڏائي. 1054ھ ۾ مسجد ٺهڻ شروع ٿي 1057ھ تائين جڙي راس ٿي ۽ نوَ لک خرچ آيو. امير خان ٻيون به ڪيتريون ئي ٺٽي ۾ مسجدون ٺاهرايون.

امير آباد جو قيام[سنواريو]

امير خان پنهنجي صوبيداري جي پهرئين دؤر ۾ ٺٽي ۾ امير آباد جي نالي سان هڪ شهر به ٺهرايو، اڄ به جامع مسجد ڀرسان امير خاني پاڙو اتي موجود آهي.

وفات[سنواريو]

امير خان ابوالبقا سؤ سال کان مٿي زندگي گذاري 1052ھ (43 ــ 1642ع) تي ٺٽي ۾ وفات ڪري ويو.ماثر الامراءَ مطابق امير خان روهڙيءَ ۾ پنهنجي خانداني قبرستان صفئه صفا ۾ پنهنجي پيءُ جي ڀرسان پوريل آهي، پر تحفته الڪرام سندس قبر مڪلي ۾ ڄاڻائي آهي. انهيءَ ئي بنياد تي مسٽر هنري ڪزنس پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: نواب خليل خان جي مقبري ڀرسان هڪ محراب ٽٽل پراڻو مقبرو موجود آهي، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اهو امير خان جو آهي، جيڪو 38 ــ 1037ھ ۾ ٺهيو.

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي