مير انيس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مير انيس
 

معلومات شخصيت
ڄم سال 1800 [1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 10 ڊسمبر 1874 (73–74 سال)[1][3][4][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
لکنئو [5][6]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
رهائش لکنئو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو رهائش (P551) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو شاعر [7][4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي اردو [8]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

مير ببر علي انيس 1220ھ مطابق 1805ع ۾فيض -آباد- ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مير خليق (مرثيه گو شاعر) ۽ جدِ اعليٰ مير حسن دهلوي هو. مير انيس لکنؤ ۾ -تعليم- حاصل ڪئي، عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ڪامل دسترس حاصل ڪرڻ کانپوءِ فنِ شاعريءَ ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. شروع ۾ غزل گوئيءَ جو شوق هوس مگر شفيق پيءُ جي نصيحت تي غزل گوئي ڇڏي سلام، نوحه، مرثيه ۽ رباعيون چوڻ شروع ڪيائين. مير انيس کي -ٻه ڀائر- هئا، مير نواب مونس (صاحب ڪليات) ۽ مير مهر علي ’انس‘ (صاحب ڪليات)، مير انيس جا ٻئي ڀائر پنهنجي دور جا مشهور مرثيه گو ۽ سلام گو شاعر هئا، ليڪن انيس جو درجو اعليٰ هو. اها حقيقت آهي ته مرثيه گوئيءَ جي شروعات سنڌ مان ٿي، اردوءَ ۾ مرثيي کي مير انيس ۽ ميرزا سلامت علي دبير اوج تي رسايو ۽ سنڌيءَ ۾ ’سيد ثابت علي شاهه‘، ’ميرزا فتح علي بيگ‘، ’مير حسن علي خان -ٽالپر-‘ ۽ ’ميرزا ٻڍل بيگ مرثيي کي عروج تي رسايو. -اردو- جي مرثيه گو شاعرن ۾ ’ميرزا دبير‘ ۽ ’مير انيس‘ کي اهو مقام حاصل ٿيو، جيڪو وري ڪنهن کي به نه مليو. مير انيس 29 شوال 1291ھ مطابق 9 ڊسمبر 1874ع ۾ لکنؤ ۾ وفات ڪئي. مير انيس جو سنڌ سان گهرو تعلق آهي. سندس مرثيا ۽ سلام سنڌ ۾ عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ -پڙهيا- ويندا آهن ۽ سندس -اردو- مرثين جا منظوم ترجما سنڌ جي ڪجهه مرثيه گو شاعرن ڪيا آهن. مير انيس جو تقريباً سڄو ڪلام شايع ٿي چڪو آهي، ليڪن سنڌ ۾ به ڪافي ڪاتبن ميرزا دبير ۽ مير انيس جا مرثيا نقل ڪيا آهن، انهن ۾ -آخوند محمد عالم-، ميرزا ٻڍل بيگ، ميرزا قاسم علي بيگ، ميرزا قربان علي بيگ ۽ ميرزا -امام- علي بيگ جا نالا قابل ذڪر آهن. انهن جي -بياض- ۾ مير انيس، ميرزا دبير ۽ ٻين -اردو- شاعرن جا اڻ ڇپيل لاتعداد مرثيا قلمي صورت ۾ موجود آهن.[9]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb14443720h — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  2. 2.0 2.1 FAST ID: https://id.worldcat.org/fast/71293 — subject named as: Mir Babbar Ali Anis — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  3. Open Library ID: https://openlibrary.org/works/OL2844A?mode=all — subject named as: Mir Babbar Ali Anis — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — مصنف: Aaron Swartz — اجازت نامو: GNU Affero General Public License, version 3.0
  4. 4.0 4.1 http://www.poemhunter.com/poem/karbala-part-i/
  5. http://timesofindia.indiatimes.com/city/lucknow/Here-lies-the-epitome-of-poetic-injustice/articleshow/41893733.cms
  6. https://rekhta.org/poets/meer-anees/profile
  7. http://www.poemhunter.com/poem/karbala-part-i/comments.asp
  8. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb14443720h — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  9. انيس مير : (Sindhianaسنڌيانا)