ميرانپور (ضلعو نوشهروفيروز)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ميرانپور
پلھ ڳوٺ
ڳوٺ
ميرانپور is located in سنڌ
ميرانپور
ميرانپور
سنڌ جي نقشي ۾
جاگرافي بيهڪ: 26°43′24″N 68°16′51″E / 26.72333°N 68.28083°E / 26.72333; 68.28083مڪانيت: 26°43′24″N 68°16′51″E / 26.72333°N 68.28083°E / 26.72333; 68.28083
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو نوشهروفيروز ضلعو

ميرانپور، سنڌ جي ضلعي نوشهري فيروز، يونين ڪائونسل ڀانڀري جو وڏي ۾ وڏو ڳوٺ آهي. ڳوٺ ۾ اڪثريت پلھہ ذات جا آهن، ٻيون ذاتيون قريشي ۽ شاه آهن. ھن ڳوٺ جي آبادي 2000 ۾ 7331 ھئي.

فائل:ميرانپور.jpg

تاريخ[سنواريو]

‏‏ميرانپور جيڪو پنهنجي اوائلي دور ۾ سخاوت ۾ مشهور هو ۽ اها حيثيت اوستائين رهيس جيستائين انگريز سنڌ تي قابض نه ٿيا.

تعليم[سنواريو]

ميرانپور ۾ ٻه پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ به ڪيترا ئي اسڪول آهن.

آبهوا[سنواريو]

‏‏ميرانپور منجھند جو تمام گرم ۽ راتيون تمام ٿڌيون ٿينديون آهن. سيارو به اڪثر تمام ٿڌو ٿيندو آهي. جڏهن ته اونهاري ۾ منجھند جو گرمي پد 50 درجا سينٽيگريڊ به ٿي ويندو آهي. اونهاري ۾ رات جو تمام سٺو ٺار ٿيندو آهي جڏهن ته سياري جون راتيون تمام ٿڌيون ٿي وينديون آهن ، ڇاڪاڻ ته ميرانپور ۾ اڪثر تيز هوائون لڳنديون آهن. تنهنڪري سياري جون راتين ۾ هوائون تمام گڻيون ٿڌيون ٿينديون آهن ته اونهاري ۾ منجھند جو لُڪَ لڳندي آهي. تنهنڪري ميرانپور جا ماڻهو اونهاري ۾ منجھند جو ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن.

فائل:Miranpursat1.jpg
ميرانپور ڳوٺ اپگرهه کان ڏسجندي

ڀُون نگاري[سنواريو]

ميرانپور ضلع نوشهرو فيروز جي اوڀر ۾ واقع آهي، جيڪا ويڪرائي ڦاڪَ "57'26.43 (اُتر) درجا ۽ ڊگھائي ڦاڪَ"14'68.16 درجا (اوڀر) تي، نصرت واھ جي اُلهندي ڪپَ تي واقع آهي. ميرانپور جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترا ئي ننڍا ڳوٺ آهن، جهڙوڪ انب خاصخيلي، مبيجا، عباس ملو(راڄپر)، سيال، پنجابي ۽ مري ڳوٺ واقع آهن.

معاشيات[سنواريو]

‏‏ ڀاڄيون، ميوا، ڪڻڪ، چانور،ڪمند ۽ ڪپهه وغيره آهي.

آمدورفت[سنواريو]

‏‏ميرانپور ڪچن رستن سان مختلف شھرن سان ملي ٿو هاڻي مرحوم حاجي ادريس جي پٽن جي ڪوشش سان پڪو روڊ جو ڪم هلي رهيو آهي.

ماڻهنگاري[سنواريو]

ماڻهسيه Population جي لحاظ کان ميرانپور سنڌ جي وڏن ڳوٺن ۾ شمار آهي. هن وقت ان جي ماڻهسيه لڳ ڀڳ ست هزار ٽي سَو ايڪٽيھ 7331 آهي. ميرانپور جي آباديءَ جي اڪثريت پلھ ذات تي مشتمل آهي.

ميرانپور پنهنجي مذهبي رواداريءَ باعث پڻ مشهور آهي. اتي ٻه فرقا ۽ سندن مسجدون به الڳ الڳ آهن.

رانديون[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]


پڻ ڏسندا[سنواريو]