موکي ميڊيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
موکي ميڊيا جو نئون لوگو 2023
بنياد: 22 نومبر 2010ع
هيڊ آفيس: مورو، سنڌ
ٻولي: سنڌي، انگريزي
ويب سائيٽ: موکي ميڊيا آرڪائيو ڪيا ويا 2022-07-26 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.

موکي ميڊيا (انگريزي ۾ Mokhi Media) پهريون سنڌي سوشل ميڊيا چينل آهي،[1] جنهن جو بنياد 22 نومبر 2010ع ۾ وڌو ويو، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ تي نه پهتل مواد "موکي ميڊيا" ذريعي دنيا تائين پهچايو وڃي ٿو. موکي ميڊيا ذريعي شهيد بشير احمد قريشي جو تاريخي انٽرويو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

تعارف[سنواريو]

موکي ميڊيا جو بنياد 22 نومبر 2010ع تي سنڌي ظفر وڌو[2]. جنھن جو مقصد سنڌ جي ترقي، خوشحالي، ثقافتي ورثن کي بچائڻ، سنڌ جي لوڪ، ادب، ڏاھپ ۽ ڪلا، جنھن ۾ سنڌ جي موسيقي ۽ رقص جون رمزون پڻ اچي وڃن ٿيون، کي ھٿي ڏيارڻ، سائنسي مواد جي اڻھوند کي پورو ڪرڻ ۽ مذهبي انتهاپسندي کي نظر ۾ رکندي سنڌ اندر رواداري قائم ڪرڻ، سنڌ جي ٻرندڙ قومي، طبقاتي مسئلن کي دنيا تائين پھچائڻ آھي

شهيد بشير احمد قريشي جو انٽرويو،[3] جي ايم سيد جي 84 سالگراهه جو مڪمل پروگرام، صوفي محفلون، سنڌ جون ثقافتي رانديون، سياسي تقريرون ۽ انفرادي حقن لاءِ ٿيندڙ احتجاج، انساني حقن جي لتاڙ خلاف ٿيندڙ جدوجھد جو رڪارڊ موجود آھي.

مقصد[سنواريو]

موکي ميڊيا سنڌي سماج جا اهي پاسا نروار ڪري رهيو آهي جن کي عام سنڌي ٽي وي چينل نظر انداز ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ ڪچهريون، مذاڪرا، انٽرويو، ڊاڪيومينٽري، بحث، رپورٽس وغيره موجود آهن، هي چينل سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي فائدي لاءِ ٺاهيو ويو آهي، هي غير نفعي چينل آهي، هن چينل تحت سائنسي تعليمي ڄاڻ پڻ ڏني ويندي آهي.

شاخون[سنواريو]

موکي پبليڪيشن

موکي پبليڪيشن (انگريزي ۾ Mokhi Publication) بنيادي طور تي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڪتابن جي ڇپائي جو جو ادارو آھي. پبليڪيشن جو بنياد 13 مئي 2020ع تي رکيو ويو. موکي پبليڪيشن ڪتابن جي ڇپائي، وڪري سان گڏ ننڍا ننڍا پروگرام، فيسٽيول، سيمينار ڪانفرنسون ۽ ڪتابي ميلا منعقد ڪرڻ جو پڻ سوچي ٿي. موکي جو مشن سنڌي ادب سميت پرڏيھي ادب جا معياري ترجما ڇپي سنڌ واسين تائين پھچائڻ آھي.

موکي ميڊيا جو پھريون 22 نومبر 2010ع وارو پراڻو لوگو.

موکي ميگزين

موکي ميگزين (انگريزي ۾ Mokhi Magazine) جي ذريعي مختلف مضمون، انٽرويو، رپورٽس ۽ ٻيو گهڻو مواد آن لائين سوشل نيٽورڪ ذريعي ماڻهن تائين پهچايو وڃي ٿو.

حوالا[سنواريو]

  1. "Mokhi Media". EverybodyWiki Bios & Wiki. حاصل ڪيل 2022-09-06. 
  2. "ظفر سنڌي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-09-06. 
  3. Interview JSQM chairman Bashir Ahmed Qureshi, حاصل ڪيل 2022-09-06