موتي لال جوتواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جي نامياري اديب ۽ اسڪالر ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي جو پورو نالو موتي لال واڌومل جوتواڻي آهي. سندس جنم 13 جنوري 1936ع تي سکر، سنڌ ۾ سندس ناناڻن جي گهر ۾ ٿيو.[1]

زندگيءَ جو احوال[سنواريو]

سندس ٻالڪ پڻو چئن شهرن، روهڙي، سکر، جيڪب آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ گذريو. ننڍپڻ جو وڏو حصو هن ڏاڏاڻي گھر روهڙيءَ ۾ گذاريو، روهڙيءَ ۾ هن جو گھر ٽڪر محلي ۾ هو. موتي لال جوتواڻيءَ جو ڏاڏو ۽ وڏا ماما حلوائي هئا، سندس ڪٽنب ۾ فقط هن جو والد ئي هو. جيڪو مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. نه صرف ايترو، پر سندس والد ديس جي آزاديءَ جي هلچل ۾ به خوب حصو ورتو. موتي لال جي والد روهڙيءَ ۾ شام جي وقت ’راتڙي پاٺشالا‘ هلائي، قومي سکيا ڏيڻ جو فرض نڀايو. اتي هندي ۽ انگريزي سيکاري ويندي هئي. بعد ۾ سندس والد کي جيڪب آباد ۾ شيوارام اسڪول ۾ استاد مقرر ڪيو ويو ۽ پوءِ ڪي جي کلناڻي هاءِ اسڪول ۾ تعليمدان طور خدمتون سرانجام ڏنائين. انهن ٽنهي شهرن ۾ موتي لال جوتواڻيءَ به تعليم حاصل ڪئي. موتي لال کي شروع کان ئي ادب ۽ ٻولين سان لڳاءُ هو. هيءُ جڏهن يارهون درجو پڙهندو هو، تڏهن کيس مرهٽي زبان سکڻ جو شوق ٿيو، پر سندس اهو شوق اڌورو رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته سندس والد جي بدلي لجپت نگر اڪيڊمي نئين دهليءَ ۾ ٿي ۽ کيس اوڏانهن وڃڻو پيو. موتي لال مئٽرڪ جو امتحان دهليءَ جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان پهرين ڪلاس ۾ پاس ڪيو. سندس والد 1976ع ۾ گذاري ويو. موتي لال جي شادي 21 مئي 1961ع ۾ ٿي. سندس گهر واريءَ جو نالو راج آهي. شاديءَ وقت راج جي عمر 19 سال ۽ موتي لال جي عمر 25 سال هئي. ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي شروعاتي دور ۾ 1962ع تائين اسڪول ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏنيون. 1962ع کان 1965ع تائين آل انڊيا راجڪوٽ ۾ سروس ڪيائين. 1965ع ۾ ديش بندو ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ساڳئي ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو. ۽ ان ئي عهدي تان رٽائر ٿيو. موتي لال کي وزيٽنگ اسڪالر طور برٽش ميوزيم لنڊن ۽ هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جو موقعو پڻ حاصل ٿيو. هن هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، هلائي ۽ سيول ۾ هندستاني ادب تي ليڪچر ڏنا. کيس ٽي پٽ ٿيا، جن مان وڏي ۾ وڏو پٽ 29 سالن جي عمر ۾ 13 اپريل 1993ع تي گذاري ويو. جنهن جو غم هو آخر تائين وساري نه سگھيو.[1]

ادبي سفر[سنواريو]

ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي پنهنجو ادبي سفر ڪهاڻين لکڻ سان شروع ڪيو. سندس پهرين ڪهاڻي ’وير ارجن‘ جي نالي سان ڇپي، سندس ٻي ڪهاڻيءَ جو نالو ’مڪتي‘ هو. ان زماني جا مسئلا سنڌي جاتيءَ جا اهم مسئلا هئا. هو هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مضمون نگار ۽ محقق هو. ڊاڪٽر جوتواڻيءَ جا ٽي ڊزن کن ڪتاب ڇپيل آهن. سنڌي، هندي ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپيل سندس ڪتابن تي گھڻي ٽيڪا ٽپڻي به ٿي آهي. ڊاڪٽر جوتواڻيءَ ”شاھ لطيف هز لائيف اينڊ ورڪس“ عنوان تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي.[1]

ڊاڪٽر جوتواڻي جي آتم ڪھاڻي ’آتم ڪٿا جي نالي‘ سان 2006ع ۾ ڇپي آهي. ڊاڪٽر جوتواڻيءَ کي 2002ع ۾ ڀارت جو وڏي ۾ وڏو صدارتي اوارڊ پدم شري ڏنو ويو، جيڪو کانئس اڳ پروفيسر رام پنجواڻيءَ کي به مليو هو. ڊاڪٽر صاحب 2004ع ۾ سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي جي دعوت تي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سنڌ آيو. ڀٽ شاھ تي ادبي ڪانفرنس ۾ صدارت ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نور افروز خواجا جي دعوت تي سنڌي شعبي ۾ ’شاهه ۽ سنڌيت‘ تي ليڪچر ڏنائين. جتي کيس ۽ سندس گهرواريءَ کي وڏو مان مليو. ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي هڪ اهڙو ليکڪ شاعر ۽ اسڪالر هو، جنهن تي سنڌ ۽ هند واسي فخر ڪن ٿا.[1]

وفات[سنواريو]

هن جنوري 2008ع ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 [1]، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ. سال:2012ع