محمد ھاشم مخلص

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنه 1924ع ۾ محمد هاشم مخلص مرحوم (وفات 1934ع) ميرپورخاص مان هفتيوار اخبار ”مسلمان“ جاري ڪئي، جنهن ۾ ترڪيءَ جي حق ۾ انگريزن خلاف زور شور سان لکڻ لڳو. سندس قلم ڏاڍو زور هوندو هو. نظم خواه نثر ذريعي باھ ٻاري ڇڏيائين. برطانوي سامراج ۽ هندو استحصالي قوتن خلاف کلم کلا نفرت جو اظهار ڪندو رهندو هو، ۽ هميشـہ اسلام ۽ مسلمانن جي مدح سرائي ڪندو رهندو هو. انهيءَ ڪري قيد و بند جون سختيون بہ سٺائين. سندن تحريرن ۾ طنز و مزاح جو رنگ بيحد متاثر ڪندڙ هوندو هو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. آزاديءَ جي تحريڪ ۽ سنڌي شاعري، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي؛ رسالو مهراڻ؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ؛ آڪٽوبر نومبر، ڊسمبر 1985ع