محمد پريل ڪلھوڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

خانبهادر جو والد، ميان قادر بخش، اصل اگهاماڻي ڳوٺ ۾ ويٺل هو، رواجي ملڪيت وارو ماڻهو هو، پر مقاطعي کڻڻ، محنت ۽ ڪفايت شعاريءَ ذريعي چڱي ملڪيت ٺاهي ويو. کيس ميان محمد پريل 1884ع ڌاري ڄائو. هن ابتدائي تعليم مڪاني اسڪولن ۾ ورتي، جتان ورنيڪيولر فائينل پاس ڪرڻ بعد تپيداري پڙهيائين ۽تپيدار ٿي سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو. 27 مئي 1935ع ۾ والد جي انتقال کان اڳي، نوڪري ڇڏي، اچي زمين سنڀالڻ ۽ مقاطعي کڻڻ جي ڪاروبار ۾ مشغول ٿيو. سگهو ئي جفاڪشيءَ ۽ هوشياريءَ سان زمين وڌائي ڪافي ملڪيت ۽ پئسو گڏ ڪري ويو. پوءِ اگهاماڻيءَ مان لڏي،باليشاھ اسٽيشن جي ڀر ۾ پنهنجو ڳوٺ ٻڌائي اچي ويٺو. گهر ۽ مهمان خاني لاءِ عمديون پڪيون عمارتون ٺهرايائين، جن ۾ ٻه وڏا بنگلا، ورانڊن ۽ وڏن ڪمپائونڊن جي ديوارن سان، مهمانن لاءِ اوطاقون ڪري ٺهرايون هئائين. مطلب ته وڏي شان سان رهڻ لڳو. سندس دستر خوان ڪشدو هوندو هو. ڪامورن سان سٺو لاڳاپو هوس. مهل سر ماڻهن سان ڪم اچڻ ڪري، نالو ڪڍائي ويو. آخر ايتريقدر اثر پيدا ڪري ويو جو ميهڙ ۽ ڪَڪڙ جي مکيه خاندانن کي شهرت ۽ اثر ۾ لَٽي ويو، جتوئي، ٿيٻا، مهيسر، لغاري، جانوري، لاکير- اهي اصل دسترسيءَ وارا خاندان هئا، پر هن جي اثر، سج وانگر، تارن جي روشنيءَ کي جهڪو ڪري ڇڏيو هو. [[دادو][ ضلعي ٿيڻ بعد، آفيسرن جي راضپي ڪري ته ذري گهٽ ضلعي ۾ هي پهرئين نمبر تي شمار ٿيڻ لڳو. 1933ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ ٿيو. پريزيڊنٽيءَ جو اوائلي دؤر سندس اوج جو زمانو هو. انهيءَ اثر ڪري، پنهنجي عزيز وڏيري موسيٰ خان کي اسڪول بورڊ جو چيئرمين چونڊايائين. سندس فرزند، ميان شمس الدين، ميهڙ تعلقي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊيو. لوڪل بورڊ ۾ سندس ڳالهه فيصلا ڪن سمجهي ويندي هئي، ڪنهن کي مجال نه هوندي هئي جو سندس مرضيءَ خلاف ڳالهائي. اڪثر ميمبر وٽس مهمان ٿي اچي رهندا هئا. هر ميٽنگ جي موقعي تي سوين ماڻهو لوڪل بورڊ جي ميٽنگ ڏسڻ لاءِ ايندا هئا، جن سڀني کي ديڳيون رڌائي، هي ماني کارائيندو هو، جن ۾ڪي نوڪرين جا طالبو هوندا هئا ته ڪي بدلين لاءِ ايندا هئا، ڪن کيبندوق جا پروانا کپندا هئا ته ڪن جا سرڪاري عملدارن ۾ ڪم هوندا هئا. اهي سڀ ڪم هن جي معرفت ٿيندا هئا. هينماز روزي جو پڪو پابند هو. ان عمر ۾ کيس عربي ۽ پارسي پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. ان لاءِ هڪ مولوي رکيائين، جنهن وٽ پاڻ به پڙهندو هو ۽ غريب شاگردن جي پڙهائڻ جو به انتظام ڪيو هئائين، جن جي کاڌي ڪپڙي جو خرچ به پاڻ ڀريندو هو. پاڻ 7 آڪٽوبر 1946ع مطابق، 12ذوالقعد 1365 هه تي ، وفات ڪيائين. سندس چار فرزند آهن: ميان شمس الدين، ميان قمرالدين، ميان غلام رسول ۽ ميان شريف الدين.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي. ايم. سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو